• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
8661_668497556505413_875412514_n.jpg

هي واقعو آهي نومبر 1970 جو جڏهن اوڀر پاڪستان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي قدرتي آفت جو شڪار ٿيو هو۔۔۔ جنهن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون آخر ڍاڪا جي عليحدگي تي ختم ٿيون۔۔۔
”ڀولا“ نالي سامونڊي طوفان 12 نومبر 1970ع ۾ پاڪستاني صوبي اوڀر پاڪستان ۾ زبردست تباهي آندي۔۔۔ 3 درجي جو هي طوفان خطي جي مخصوص جغرافيائي حالتن يعني ڊيلٽائي علاائقي ۾ هجڻ ڪري ۽ حفاظتي ۽ امدادي انتظامن گهٽ هجڻ ڪري تاريخ جي بدترين طوفان جي صورت اختيار ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اندازي مطابق لڳ ڀڳ 5 لک ماڻهن جون جانيون ويون۔۔۔
بنگال جي اترئين علائقي ۾ 8 نومبر تي بڻجندڙ ”ڀولا“ 11 نومبر تي ان وقت پنهنجي عروج تي پهتو جڏهن ان جي هوائن جي رفتار 185 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي ۽ جڏهن ٻئي ڏينهن هي ساحل سان ٽڪرايو ته جهڙوڪ قيامتِ صغرى جو منظر هو۔۔۔
جاني ۽ مالي نقصان پنهنجي جڳهه تي پر ان وقت جي پاڪستاني حڪومت امدادي ڪاروائين ۾ جنهن سستي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ان حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو۔۔۔ پاڪستاني حڪومت جو چوڻ هيو ته هندستان سندن هوائي حدن کي استعمال ڪرڻ نه ڏنو جنهن ڪري امدادي ڪاروائيون متاثر ٿيون۔۔ پر اوڀر پاڪستان تي واضح ٿي چڪو هو ته اولهه پاڪستان جي نظر ۾ اوڀر پاڪستان جي عوام بابت ڪابه اهميت ناهي ۽ اهو ئي سبب هو جو اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ واضح اڪثريت سان کٽيندڙ قوم پرست جماعت عوامي ليگ فوجي آپريشن کان پوءِ آخرڪار آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو۔۔۔ ۽ ان طوفان کان پوءِ هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ عرصو ئي گذريو هوندو جو اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي اڀريو۔۔۔
 
Back
Top