سنڌي ماڻهو، ڀوتار ۽ آسرن جي ٻاروهي هلندڙ موسم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    وڌندڙ آبادي گهٽ تعليم ۽ سادگي جي ڪري سنڌ ۾ ڪيئي سالن کان هڪ نئين موسم جنم ورتو آهي ۔ خاص ڪري ورهاڱي کان پوءِ اها موسم پنهنجي زورن تي رهي ٿي۔ انهي موسم جو نالو آهي آسرن جي موسم۔ اسان وٽ اها روايت آهي ته وؤٽن جي موسم ۾ انهي ٻاروهي رهندڙ موسم جا ڪارڻ بڻيل موسمي ڏيڏر ظاهر ٿيندا آهن۔ کين پنهنجا ويجها رهندڙ ۽ هر وقت صلاحوُ پُٽ انهي موسم ۾ ڪافي پُراڻا قضيا به ياد ڏياريندا آهن جِن کي مُئي ڪو وقت ٿيو هوندو آهي ۽ اهُي مرهيات به يا ته ساڳين موسمي ڏيڏرن جا وري انهي جي ابن ڏاڏن ڏيڏرن جي هٿان انهي موسم جي بُخارن ۾ وٺجي مري چُڪا هوندا آهن۔
    پر وؤٽن کان پوءِ اهي ڏيڏر جيئن ته هليا ويندا آهن پر ويندي ويندي ڏيئي ويندا آهن هڪ موسم جيڪا آهي آسرن جي موسم۔ ۔ ۔ ۔ جي ها اها آسرن جي موسم وؤٽن واري ڏينهن جو رات کان ئي شروع ٿي ويندي آهي جڏهن ڪُجهه ماڻهو وڃي ڏيڏرن جي گهرن تي مُبارڪون ڏيڻ پُهچندا آهن ۽ هو پاڻ توڙي سندن صلاحوُ اُنهن ماڻهن کي آسرو ڏيندا آهن ته هن ڀيري ڀوتار کي وزارت ملي ئي ملي پوءِ نوڪرين جا دَڙا۔
    وؤٽر خوش ٿي ڪُڏندا اچي انهي آسري نئين دُڪان تان نئين اوڌر جو کاتو کوليندا آهن ۽ خوش ٿيندا آهن۔ ٽي چار مهينن تائين ته سندن ڀوتار پاڻ به پيو کين آسرا ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته قسم وسم کڻون۔ قلمدان ملن ته بس اوهان جو ڪم ٿيو۔ خير سان اهو ٿي گذريو ته مٿان يا ته رمضان هوندو، يا عيد هوندي يا ڪو ٻيو وڏو ڏهاڙو۔ انهي کي ٽپائڻ جي چڪر ۾ چڱو وقت ڪڍي ويندا آهن۔ جڏهن ته عيد ۽ رمضان کين نوڪري ڏيڻ کان ڪيئن روڪيو آهي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي۔
    سال گذريو ته چوندا صاحب ٻاهرين مُلڪ ويو آهي۔ (ظاهر آهي ڪيئن نه وڃي، سال ۾ ايترو به نه گڏ ٿيندو جو ٻاهرين مُلڪن جو ڀيرو ڀڃي اچجي)۔ وري ايندا ته يا ته صدر صاحب جو عهدو ڪنهن ٻي حوالي ٿيندو هوندو، يا اسيمبلي جا اجلاس تڪڙا هلندا هوندا ڪنهن اهم اشو جي ڪري يا وري ڪو وڏو عُهدو رکندڙ ڪنهن ڏچي ۾ هوندو۔ انهي سڄي صورتِحال جو نزلو وري به آسرو رکي ويٺلن تي پوندو آهي۔ ڇو ته موسمي ڏيڏرن کي ته اهڙا موقعا خُدا ڏياري۔ وڏي وجه ملي ويندي ته بس اهو معاملو هڪ پاسي ٿئي ته اوهان کي نوڪريون ڏيون۔ ڳچ وقت گذري چُڪو هُجي ٿو ۽ هاڻي آسرن ۾ رُليل صفا تپي چُڪا هوندا آهن ته ڀوتار ساڻن ملڻ بندا ڪندا ۽ آهستي آهستي سندن صلاحوُ پُٽ به آسرن ۾ هلي دربدر ٿيل ماڻهن کي مُنهن لڳائڻ گهٽائيندا۔
    ايتري ۾ هنن جو وقت به پورو ٿيڻ تي هوندو آهي ۽ ٻيهر چونڊيو جي شرط تي کين اڃان وڏا آسرا ڏيڻ لڳندا آهن ۽ آسرن ۾ رهندڙ ماڻهن جو آسرو گهاڻي اُٺ جيان پيو ڦرندو آهي۔ هِن وقت به ڏيڏرن جا نوان نوان نمونا ظاهر ٿيڻ لڳا آهن۔ فل حال ته پنهنجو ئي پير ڪونه پيو کُپين پر لڪا ساڳيو هوندو رڳو مرحليوار ڪم شروع ٿي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو