انور پيرزادو جي شخصيت سالگره ۽ ورسي جي وڊيو رپورٽ سنڌ ڌرتي جت سونهن جا شاعر ۽ عظيم فنڪار پيدا ڪيا آهن اتي بيباڪ ۽ بهادر انسان به پيدا ڪيا آهن، جن هميشه سچ جو ساٽ ڏنو ۽ ڪڏهن به ظالم اڳيان نه جهڪيا۔ عزيتون ۽ تڪليفون ته برداشت ڪيون بلڪه پنهنجو سر به ڪپائي ڇڏيائون پر ڪڏهن هار نه مڃيائون، انهن بيباڪ ۽ اڏول انسانن مان سنڌ ڌرتي جو سچو سپوت محترم جناب انور پيرزادو صاحب پڻ هڪ هو۔ انور پيرزادو صاحب تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) ۾ 25 جنوري 1945ع تي اک کولي۔ انور پيرزادي جي بنيادي سڃاڻپ ته هڪ شاعر جي آهي، پر انور پيرزادو نه صرف هڪ شاعر هو پر هو هڪ جيوگرافر ۽ آرڪيولاجسٽ پڻ هو، انور پيرزادي پاڪستان ايئر فورس ۾ به پنهنجا فرائض انجام ڏنا، پر بنگلاديش جي حق ۾ هڪ خط لکڻ جي ڪري انور پيرزادو پاڪستان ايئر فورس مان جيل پهتو، جنهن هن کي بيباڪ صحافي بنٍجڻ تي مجبور ڪيو۔ انور پيرزادي موئن جي دڙي سان بيحد محبت ڪندڙ شخص هو، ۽ هن موئي جي دڙي جي کوٽائي جي ڪم ۾ پڻ حصو ورتو، انور سنڌ سان بيحد محبت ڪندو هو جنهن جو عڪس سندس شاعري مان نظر اچي ٿومگر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سندس شاعري سندس وفات کانپوء منظر عام تي آئي۔۔ انور پيرزادي بابت عالمن اديبن جا تاثر گهڻ پاسائون شخص ”انور پيرزادو“( رضوان گل) اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ارپي جدوجهد ڪندا آهن سي خود تاريخ بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ڪڏهن به ناهي مرندي، انور پيرزادو پڻ اهڙن فردن مان هو جنهن پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي تاريخ، آرڪيولاجي، جيوگرافي، ٻولي، صحافت ۽ ڀٽائيءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ وقت ڪري ڇڏي هئي، هن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي سائنسي بنيادن آڌار نئين سر متعارف ڪرايو، ڀٽائي جي رسالي ۾ شامل بيتن جي درست پڙهڻي ۽ ذڪر ٿيل حالات، واقعات ۽ مقامات بابت پڻ کيس کوجنا ڪرڻ جو جنون هيو، ڪچهريءَ ۾ سندس انداز گفتگو انتهائي پر ڪشش ۽ پنهنجو بڻائيندڙ هو، جنهن ۾ سندس مشاهدي جي روشنيءَ مان ڪيترون ئي نيون ڳالهيون ۽ حقيقتون رونما ٿيندون هيون، ٿر، ڪاڇو، وچولو ۽ اٽڪ جي پهاڙن کان ويندي انڊس ڊيلٽا جي وسيع ميدانن تائين هن سموري خطي جو مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر ڪيو هو. پڄاڻان پرين ( امداد حسيني) جيءُ منهنجو جن، انگڙ يارو وڍيو، پڄاڻان پرين، سبان سڄو نه ٿئي. انور پيرزادو، اسان جو دوست، سنڌي جو شاعر، لطيف جو شاگرد، جنهن کي وڇڙئي 3 سال ٿي ويا، جنهن کي سندس ئي چوڻ موجب هڪ شاعر طور مون ئي دريافت ڪيو هو، ان جي معنيٰ اها هئي ته هو اڳي ئي موجود هو ۽ مون هن کي ڳولي لڌو هو جڏهن ته سڀ کان پهرين شاعري هن کي دريافت ڪري چڪي هئي. ٿيو هيئن جو هڪڙي ڏينهن انور، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس واري سنڌالاجيءَ جي پراڻي آفيس ۾ ايئن اوچتو اچي ويو، جيئن ذهن ۾ ڪو شعر اچي ويندو آهي، هن پنهنجو تعارف ڪرايو، انور پيرزادو، ليڪچرر انگلش ڊپارٽمينٽ هو جيتري دير ويٺو رهيو، اسين لکيڻي لطيف تي ڳالهائيندا رهياسين، لاکيڻي لطيف جا بيت ڏيندا وٺندا رهياسين، اها مون لاءِ اچرج ۽ خوشيءَ جي ڳالهه هئي ته انگريزي ادب جي هڪ استاد کي لطيف سائيءَ جو ايڏو گهرو اڀياس هو، ان کان اڳ مون کي صرف ٻه نالا سجهيا ٿي، جيڪي انگريزي ادب جا استاد به هئا ته لطيف سان به لائون لاتي هئن، پروفيسر اڪرم انصاري ۽ پروفيسر آمنه خميساڻي، ٻنهي لاکيڻي لطيف تي انگريزيءَ ۾ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي، جيڪو ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. مون کي ياد آهي ته انور سرمارئيءَ جو هڪ بيت پڙهيو هو ۽ ان بيت تي خاص ڪري ان بيت جي وچين سٽ تي اسين ڳچ دير ڳالهائيندا رهياسين. انور جون ساروڻيون ( اسلم آزاد ) زندگي لاڳيتو سکڻ ۽ مشاهدي جو تسلسل آهي ۽ آئون اعتراف ٿو ڪريان ته انور پيرزادي کان مون گهڻو ڪجهه پرايو، 75-1974ع جو زمانو هو، راز ناٿن شاهيءَ ٻڌايو ته (هلال پاڪستان اخبار جي) ڊي شفٽ ۾ اسانجو شاعر دوست انور پيرزادو آيو آهي، ڳالهه آئي وئي... نيٺ هڪ منجهند جو آئون ڏينهن جي شفٽ ۾ آيس، ٽيلي پرنٽر جي ڀرسان ٽيبل تي سمارٽ شخص ويٺل هو، ان دوران ڪجهه لکڻ لاءِ مون هن ان پين گهري ۽ پيڻ وٺڻ دوران مون ڏٺو ته هن جي لکڻي صاف ۽ اکر وڻندڙ هئا، پين موٽائڻ تي تعارف ٿيو ”انور“ مون سندس لکڻي ڏسي فيصلو ڪيو ته هن جهڙي سب ايڊيٽر جي ضرورت ته نائيٽ شفٽ کي آهي ۽ ائين ٿورڙي عرصي ۾ ٻلهڙيجيءَ کي لٽل ماسڪو بنائڻ کان پوءِ هلال اخبار کي به لٽل ماسڪو بنائي ڇڏيو، نائيٽ شفٽ ۾ آئون، انور ۽ راز رات جي ماني گڏجي کائيندا هئاسين، هاڻي روز اهو معمول بڻجي ويو ته رات هج بجي ڊيوٽي تان آف ٿيڻ کان پوءِ سمنڊ جي ڪناري ڪلفٽن تي دير تائين وقت گذارڻو آهي يا ايشيا هوٽل جي ڪمري ۾ صبح ڪرڻو آهي، محمد خان جتوئي به اسان سان گڏ هوندو هو، ڀٽي صاحب واري زماني ۾ ڪراچي ائين هئي جيئن اڄ جي نوجوانن لاءِ بئنڪاڪ، سنگاپور يا اهڙو ڪو ٻيو شهر! هڪ ڀيري رات جو ڊيسڪ تي انور فون تي ڪنهن سان ڳالهائيندي چيو ته حاجي صاحب فلاڻي تاريخ تي فلاڻي دوست وٽ ايندو، مون انور کي چيو ته سؤٽ حاجي صاحب سان مون کي به ملايو،انور ڪليئرنس ورتي ۽ ايئن ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان شفيق توفيق صديقيءَ وٽ ملاقات ٿي ۽ پراڻا رابطا بحال ٿيا، زندگيءَ ۾ مون ۽ شايد انرو به، پهرين ۽ آخري جوئي پراڻي ڪراچي ريس ڪورس ۾ کيڏي! انور جو ڀائيٽيو رفيق ڊاڪٽر هو، ريس ڪورس ۾ سندن مائٽ مرحوم عبدالرحيم اتي ڪمپائونڊر هو، عبدالرحيم جي ٽيڪرن ۾ اچي اسن ريس ڪورس وياسين ۽ پگهار هارائي موٽياسين. تحمل، برداشت، بردباري، سچائي ۽ محنت هن جي شخصيت ۾ شامل هيون، ڪنهن به ڳالهه کي رد نه ڪندو هو، نه وڻندس ته تبصرو ئي ڪندو هو، هلال جي نائيٽ ڊيسڪ تي سڀني اهم خبرن جو ترجمو انور ڪندو هو ۽ شهيد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي ٻارهن پندرهن صفحن جي تقرير کي صرف هڪ صفحي ۾ سموئي ڇڏڻ سندس ئي ڏانءُ هو، هڪ ڀيري شب برات جي موڪل وارو اعلان لکندي مون انور کان پڇيو ته سنڌيءَ ۾ شب برات کي ڇا چوندا آهن، سندس جواب هو ڦٽاڪن واري عيد! مون به اهو ڇاپي ڇڏيو ۽ جڏهن موڪل تان موٽياسين ته سراج صاحب ڪاوڙيل هو، چيائين هت مولانا ڪوثر نيازي مٿو کائي ويو آهي ته هي ڇا لکيو اٿو، ملان ڪاوڙج پيا آهن، مون انور کي چيو ته سؤٽ هيءَ سنڌي ته ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، انور چيو ته ادا اسان جي ڳوٺ ۾ ان کي ڦٽاڪن واري عيد روزن واريءَ کي سين واري عيد ۽ حج واري کي ٻاڪري عيد چوندا آهن! اها انور جي سنجيده مزاح جي انتها هئي، انور پيرزادي هلال ۾ اچڻ سان هر ڪارڪن سان ناتو ڳنڍي ورتو، سڀني کي مخاطب ٿئي سؤٽ چئي، پوءِ ته سڀ ملازم هڪ ٻئي کي سؤٽ سڏيندا هئا، ان جو سڀني کان وڌيڪ ”ناجائز“ فائدو مون ورتو، ڪنهن به ملازم کي سؤٽ چئي اضافي ڪم ڪرائي وٺندو هيس، خاص طرح ٻلهڙيجي ۽ بگيءَ وارن کان جيڪي انور جي اچڻ کانپوءِ هر شعبي ۾ نمائندگي رکندڙ هئا، وقت گذرندو رهيو انور هلال پاڪستان ڇڏي روسي طلوع رسالي جي آفيس هليو ويو پر اسانجو تعلق ۽ رابطو برقرار رهيو، انور جو اصل نالو محمد پريل هو ۽ آئون ڪڏهن ڪڏهن کيس ايم پي اي به سڏيندو هيس، سندس دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو ۽ سندس معرفت سڀئي منهنجا به دوست رهيا آهن. هاڻي اچو ته تجويز ڪيون ته انور سنڌي قوم کي ڇا ڏنو؟ منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هن پنهنجي هڪ جيڏن دوستن ۽ خاص طرح نئين نسل کي قوم پرست، ان جي سڌريل منزل سوشلزم، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، منهين يا موهن جو دڙو ۽ شاعريءَ بابت آگاهي ڏني، انور جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندڙن کي ياد هوندو ته انهن ۾ ڇسين ۽ فضو ڳالهين يعني Gossip جي گنجائش ئي نه هئي، انور بلوچ به انور پيرزادي جو وڏو قدردان هو ۽ وٽس به گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. 1986ع ۾ لطيفي لات پروگرام پي ٽي وي تان ڪرڻ کانپوءِ مون لطيف سائينءَ تي هڪ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ جڏهن انور پيرزادي کي صلاح مشوري لاءِ مسودو ڏيکاريم ته زباني تبصري بدران هن ڪاپيءَ تي ڀٽائيءَ جي مصرع ”او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“، لکي موٽائي ڏني، آئون ان مصرع جي مقصد کي سمجهي ويس ۽ مون وري ٻيو تحقيقاتي ڪم شروع ڪيو جنهن کي پڻ انور پيرزادي ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ۽ ڳالهه وڻيس، 2007ع ۾ اهو ڪتاب شايع ٿيو ۽ آئون آخري مرحلي ۾ فون تي به انور کان رهنمائي وٺندو هيس، جڏهن سندس ناچاقيءَ جي خبر ٻڌم ته پهرين ملاقات ڪراچي ۾ سندس ڊاڪٽر ڀاءَ جي گهر ٿي ۽ آخري ملاقات لياقت نيشنل اسپتال ۾، آئون انور بلوچ سان گڏ مون سي ڏٺ ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي ڪري نه سگهان ڪاءِ، انين سندي ڳالهڙي، تنين سندي ڪا ڪري نه سگهان ڳالهڙي. مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.(شاهه) http://www.youtube.com/watch?v=5JWQeRI09Gk&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=Pqn86h2cXFA&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=32wm8wBMv8k&feature=related سالگره رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=o4DzVbQs8AM&feature=related ورسي رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=mCJWbCcU8Fk http://www.youtube.com/watch?v=bueOsM08_0s&feature=related انور پيرزادو جو آواز ، ڪچهري ۽ تقرير http://www.youtube.com/watch?v=062b4O9pL7Y&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=we8n2JVUnzo&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=rf9FxKn_bpw&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=L-DdfnkqkUk&feature=related انور پيزادي جي مشهور شاعري ( اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان ) هڪ وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=SGJ971oYiJ0
جواب: انور پيرزادو جي شخصيت، سالگره ۽ ورسي جي وڊيو رپورٽ ادا ممتاز ڪهڙو ته مکڻ ماڻهون ياد ڏياريو اٿوَ، سنڌ ۽ لطيف جو عاشق، جهڙو پاڻ سهڻو، قدآور ۽ مٺڙو ماڻهون، تهڙا سندس سهڻا ۽ مٺڙا خيال ۔۔۔ منهنجو ساڻس لڳ ڀڳ هر روز ميلو سائين خالد مخدوم ۽ منظور چانڊئي سان گڏ ٿيندو هو جڏهن پاڻ سڄي سنگت گلشن حديد ۾ رهندا هئاسون، هيڏانهن سعودي عرب اچڻ کانپوءِ رابطو ختم ٿيو ۔۔۔ ساڻس جڏهن به ملندو هيس ته هڪ وڏي ۽ محسن ڀاءُ جو احساس ڏياريندو هو ۔۔۔ کلڻ ۽ کلائڻ جو ڪوڏيو، کائڻ ۽ کارائڻ جو شوقين، لطيف جا بيت ٻڌائڻ وقت سندس اندر ۾ عجيب انسان جاڳي پوندو هيس ۽ چهري تي اهڙي ته سون جهڙي رونق اچي ويندي هيس جو ماڻهون کيس ٻڌندو ئي رهي ۔۔۔ افسوس ۔۔۔جو ويا مور مري ۔۔۔ رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: انور پيرزادو جي شخصيت، سالگره ۽ ورسي جي وڊيو رپورٽ واقعي سائين ڪي ڪي ماڻهون موتي داڻا ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه مڻيان