ڄام شورولجپت راءِ ڀيل (آخري سال)ڄامشورو سنڌ ۾ پنهنجي هڪ نرالي حيثيت رکي ٿو، سنڌ جي ڪهڪشان ۾ ستارن جي ميڙ جهڙو آهي. جتي پيار ۽ محبت جا ستارا ٽمڪن ٿا.زندگي گذارڻ جو حسين سپنو، جيڪو جواني ۾ ڪر موڙي اٿندو آهي، ان حسين سپني جي ساڀيان هئي ڄام شورو. ڄام شوري جو عڪس جڏهن هتي پڙهندڙ منهنجي شهر جا شاگرد چٽيندا هئا ته پڪاسو جي ڪينواس تي چٽيل شاهڪار مصوري جي عڪس جيان لڳندو هو. هي سنڌ جو علمي، ادبي ۽ سياسي مرڪز آهي، هتي نون ايندڙن لاءِ هڪ عجيب ڪشش رکيل آهي. نوجوانن جي ڌرتي ڄام شورو پنهنجي اندر ۾ هزارين تاريخون ۽ لقاءَ سانڍي ويٺي آهي. ڪوئي ڪنهن جي نيڻن جو نشانو بڻيو هوندو، ڪوئي ڪنهن جي ذلفن جو اسير ٿيو هوندو ته ڪوئي ڪنهن جو غلام بڻجي پوري حياتي ان کي ارپي ويٺو هوندو ۽ ان جي نه ملڻ جي آس سانڍي هليو ويو هوندو.ڏاڍو عجيب شهر آهي، ڪنهن جون جهوليو گلن سان ڀري ٿو ته ڪنهن کي ڪنڊن جي سيج تي سمهاري ٿو ڇڏي.ڪنهن کي لڙڪ، ڪنهن کي مرڪ، ڪنهن کي سپنا ته ڪنهن کي فقط حسين يادون ارپي ٿو. هتي حسين شامون گھزاريندڙ دنيا جي ڪهري به ڪنڊ ۾ ڇو نه هليو وڃي پر ڄام شوري جون هوائون هن جي من اندر ۾ پيون گهلنديون رهنديون.هي هاسٽل جون راتيون، هي ڪيمپس جا ڏينهڙا، حياتيءَ ۾ ڪڏهن وساري نه سگهبا.اها حقيقت به آهي ته ڦوهه جوانيءَ جا ڪجهه سال هتي گذرن ٿا، جڏهن ماڻهو دماغ بدران دل سان سوچيندو آهي، ڪنهن جي به پرواهه ناهي هوندي، تڏهن هي شهر زندگيءَ جو نه ٽٽڻ وارو حصو محسوس ٿيندو آهي. هتان جون مست هوائون ۽ ڪيمپس ۾ گذاريل ڏينهن، دوستن سان بسر ڪيل خوش گوار لمحا، پيار، قرب هميشه ياد رهجي وڃن ٿا. هتي گذاريل پل پل، هر گهڙي زندگيءَ جي هر موڙ تي ياد ايندي آهي.... ۽ جڏهن وڇوڙو پيار جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هڻي ٿو ته اکين جي پنبڙين ۾ لڙڪ به نٿو ڇڏي، هر شيءِ کڻي وڃي ٿو.هي شهر، سڪ، سونهن، سچائيءَ جو شهر، ماڻهو ڀلا ته ڀلائي جو شهر، ڪڏهن ٿي ويندو آهي جدائيءَ جو شهر، منهنجو شهر آهي يا دشمن جي خدائيءَ جو شهر.منهنجا به هتڙي چار سال گذري ويا آهن، هر هڪ پل من اندر ۾ سمائجي ويو آهي. سياري جون سرد راتيون پيو هلن، ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ڪنهن جون يادون منهنجي وجود کي لوڏي رهيون آهن، زندگي ڌنڌلي نظر اچڻ لڳي آهي، مونکي هي نگر ڇڏي وڃڻو آهي، ڪچهريون، ڪانفرنسيون، ادبي مقابلا، امتحان جون تياريون، هاسٽل تي هل هنگاما، ڪينٽين تي چانهه جا ڪٽ، ڦاٽڪ تي ڪڙاهيون کائڻ، سڀ ڪجهه ڇڏي هليو وڃڻو آهي..... اکيون ڀرجي آيون آهن، ان احساس سان، فقط حليم باغيءَ جون هي سٽون اڳيان ڦرن پيو.سفيدن جي ڇانو ۾ سورج لٿو پئي دلڙيائين چيو، ڄام شورو ڪيئن ڇڏيون.....اهي حساس لمحا جڏهن اکين ۾ ڪر موڙي اٿن ٿا ته دل چاهيندي آهي ته هاسٽل جو ڪمرو بند ڪري ويهي رڙيون ڪري روئان ۽ وڇوڙي جا المياتي آلاپ آلاپيان، ديوارن ڊاهي ڇڏيان، ڊسمبر کي روڪي بيهاري ڇڏيان، هميشه جي لاءِ.......ڊسمبر تو بن ڪهڙووفا جا ورق اڏرن ٿاڪٿان جا فرق الرن ٿااڌوري عاشق جهڙوڊسمبر تو بن ڪهڙوپر ڄام شورو مسافر خاني مثل آهي، هتي ڪنهن جو به مستقل ٺڪاڻو ناهي، پوءِ ڀي هتان ڪجهه لمحا اکين ۾ چورائي کڻي وينداسين، علم جي ان سوجهري سان غلاميءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ خلاف بغاوت جو علم بلند ڪنداسين، سماجي برابريءَ لاءِ پتوڙينداسين، جيڪا خوشبو ڄام شوري اسان جي روح کي سونپي ان جي پرچار ڪندي باقي زندگي بسر ڪنداسين، ساڳي خوشبو پنهنجي سماج ۾ ڦهلائي وٺنداسين، ڇو ته ڄام شوري اسان کي جيئڻ جا اصول سيکاريا، محبتن جا بي بها خزانا اسان جي دلين ۾ رکي ڇڏيا، جيڪي ڪڏهن کٽڻا ناهن، هميشه سانڍي رکبا، اهو آهي وچن، ڄام شوري سان.....................آهي ننڍڙو مگر، ڄام شورو نگر آ وڏو پر اثر، ڄام شورو اسان جي پرينءَ جو شهر