• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الوداع سچن ٽنڊلڪر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1471942_10202214834590525_497270713_n.jpg

ڪرڪيٽ جي دنيا جو عظيم بيٽسمين سچن ٽنڊلڪر اڄ پنهنجي ڪيريئر جي 200 وين ۽ آخري ٽيسٽ کيڏي رهيو آهي۔ اڄ دنيائي ڪرڪيٽ جا ڪيئي ليجنڊ کيس خراج پيش ڪري رهيا آهن ساڳيي وقت کيس ممبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ به تمام وڏي عزت ڏني وئي آهي۔ هو جڏهن ميدان ۾ داخل ٿيو ته ويسٽ انڊيز جي رانديگرن ٻنهي طرف بيهي کيس الوداع ڪيو۔

دنياء ڪرڪيٽ ۾ ڪيئي رڪارڊ ٺاهيندڙ ۽ اسپرٽ مين اسپرٽ جو مطاهرو ڪندڙ سچن ٽنڊلڪر 200 ٽيسٽ ميچن ۾ لڳ ڀڳ 16 هزار رنسون جڏهن ون ڊي جي 463 ميچن ۾ 18 هزار کان مٿي رنسون ٺاهي چڪو آهي۔ ٽيسٽ ميچن ۾ 51 ، ون ڊي ۾ 49 ۽ انٽرنيشن ميچن ۾ سينچرين جي سينچري ڪندڙ سچن ٽنڊلڪر 1989ع ۾ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي۔

5 فٽ 5 انچ جي قد جي ٽنڊوالڪر کي ڪيترائي لقب مليا آهن. کيس ”جن ماسٽر، ماسٽر بلاسٽر، لٽل ماسٽر، ڀارت جي رنس مشين، ڪرڪيٽ جو ديوتا“ طور پڪاريو ويندو آهي. پر سچن ٽنڊوالڪر لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز عظيم ڊان بريڊمين ڏنو جنهن هڪ ڀيري سچن ٽنڊوالڪر کي ٽي وي تي کيڏندي ڏسي پنهنجي زال کي چيو هو ته ”ڏس هي مون وانگر ئي کيڏي ٿو. ايئن ٿو لڳي ڄڻ مان کيڏي رهيو آهيان“. بريڊمين جو چوڻ هو ته ٽنڊوالڪر جي بيٽنگ ۾ کيس پنهنجي بيٽنگ نظر اچي رهي آهي.

ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان برائن لارا چيو آهي ته سچن ٽنڊوالڪر جي آخري ٽيسٽ انجواءِ ڪرڻ گهرجي ۽ يادگار نموني کيس الوداع ڪرڻ گهرجي. لارا چيو ته ٽنڊوالڪر ۾ هاڻي به اها صلاحيت آهي ته هو آخري ميچ ۾ به 400 رنسون ٺاهي سگهي. هن چيو ته سچن ٽنڊوالڪر کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ هميشه ياد رکندي. سچن ٽنڊوالڪر جي الوداعي ٽيسٽ ڏسڻ ۽ کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ ايشين بريڊمين، ظهير عباس، ٽنڊوالڪر جي دور جو هڪ ٻيو چئمپين بيٽسمين برائن لارا ۽ سريلنڪا جو ليجنڊ مرلي ڌرن به سچن ٽنڊوالڪر جي آخري ٽيسٽ ڏسندا ۽ کيس الوداع ڪندا.
 
سينچرين جي سينچري، ٽيسٽ ميچز جي تعداد جي ڊبل سينچري ۽ ٻيا کوڙ سارا ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪندڙ دنيا جي هي عظيم ڪريڪيٽر جيڪڏهن پنهنجي آخري ميچ ۾ 4 وڪيٽون وٺي ته تعداد 50 تائين ۽ جي وڌيڪ 115 رنسون ٺاهي ته ٽوٽل اسڪور کي 16000 کان به وڌائي سگهي ٿو۔۔۔ يقينن سندس شاندار ڪيريئر کي دنيا ياد رکندي۔۔۔
 
ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي آخري ۾ اننگ ۾ سينچري بڻائي ريٽائرڊ ٿيندڙ سعيد انور وانگر ٽنڊلڪر ٽيسٽ ميچ کي الوداع ته نه ڪري سگهيو پر 74 رنسز جي يادگار اننگ کيڏندي ۽ اکين ۾ ڳوڙها کڻي نيٺ دنيا جو هي عظيم بيٽسمين ڪرڪيٽ جي دنيا کان الوداع ٿي ويو۔۔۔

 
Back
Top