اڃ
حاجي خدا ڏني سان منهنجي پهرئين ملاقات اسان جي ڳوٺ ۾ 1992ع ۾ ٿي.ان وقت سائين جن جي عمر ڪافي وڏي هئي،منهنجي والد صاحب ٻڌايو ته ”حاجي صاحب 1943ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندا هئا ۽ سائين منهنجا استاد آهن.“ ۽ وڌيڪ ٻڌايائون ته ”سائين لاءِ ماني آئون پاڻ کڻي ويندو هوس.“ تن ڏينهن ۾ مسافرن جي لاءِ ماني اسان جي گھران ويندي هئي.تن ڏينهن ۾ سفر جون مناسب سهولتون نه هجڻ جي ڪري استادن جون ڊيوٽيون جن ڳوٺن ۾ لڳنديون هيون، اتي ئي رهائش اختيار ڪندا هئا.وڌيڪ پڙهو