ڊًگهي جدائي  کان پو وري واپسي.

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2013۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري سنڌ سلامت جي دوستن کان ڊگهي عرصي تائين پري رهڻ جي دوستن کان معذرت۔ اوهان سڀني کي ياد ڪندو رهيس، خبر ناهي دوستن ياد ڪيو الائي نه ۔

    اميد ته وري ساٿ سلامت رهندو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان هر ان موقعي تي ياد هوندا آهيو جڏهن سنڌ سلامت جي ڪچهرين جو ذڪر نڪرندو هجي يا وري ذڪر هجي سچل ڳوٺ جو۔۔۔
    ٻيهر مرحبا۔۔۔
    اميد ته ساٿ ٻيهر نه ٽٽندو۔۔۔!!
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اڻ ٽر سبب ته اڃا به ڪو ٽريا هوندا، ٻيهر اچڻ تي ڀليڪار

    سچل ڳوٺ جي ۽ سنڌ سلامت جي ڪچهري هجي ۽ ان ۾ توهان جو ذڪر نه هجي اهي ته ٿي ئي نٿو سگهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جو ذڪر بلڪل ائي هوندو آهي جئين هر فلم ۾ هيرو سان گڏ تنز مزاح لاءِ هڪ ساٿي هوندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هههههههههههه اميد ته هاڻ دوريون نه رهنديون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    چاچا اوهان هميشه ياد هوندا آهيو ، الله پاڪ توهانکي تندرستي ۽ صحت سلامتي عطا فرمائي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪچهري جي مور جيان اوهان جي شخصيت اوهان جي گفتگو دوستن کي خوش ڪندي آهي خاص ڪري محترم سائين محمد سليمان جن جيڪي اوهان کي ڪمپيوٽر سيکاريندا آهن ۽ ان جي رد عمل ۾ اوهان جي موٽ ته ماحول ۾ مرڪون پکيڙي ڇڏيندي آهي۔ اوهان سان روبرو به ڪچهري جو شرف حاصل ٿيو اوهان ڀلا وسارڻ جهڙا ڪٿي آهيو اوهان الائي ڪيئن ايترو وقت پري رهيا۔ ليڪن دوستن جي دل ۾ اوهان موجود آهيو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چاچي ڪريم کي سنڌ سلامت تي ٻيهر ڀليڪار، باقي اڻٽر سبب ڪهڙا هيا، انهن جو ذڪر ئي ڪونه ٿيو۔

    چون ٿا ته 65 سالن جي عمر ۾ جيڪڏهن فيسبوڪ تي ڪنهن سان پيار ٿي وڃي ۽ گهرواريءَ کي خبر پئجي وڃي ته پاڻ سمجهو ٿا۔ سو اسان واري چاچِي به شينهن آهي ۔۔۔۔ هاڻ سبب ته اڻٽر ئي ٿيا نه ۔۔۔۔ جيڪي ٽرندا ئي ڪونه۔

    خير دوست عبدالحفيظ لغاري ۽ سائين نثارابڙو بهتر سمجهن ٿا جو اهي به چاچي ڪريم سان گهڻو ويجهو رهيا آهن۔ باقي منهنجي ته اوهان سان دلي همدردي آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هههههههههههههههههه ۔۔۔۔ مطلب ته اها ،،،،،”اڻٽر“ ،،،،، نالي ڪا مائي هئي جنهن سبب اسانجو پيارو ڪريم اسانکا پري ٿي ويو هو ۔۔۔۔ جواني جا سهڻا ڦوٽا، مٿان ڪراڙپ ۾ به 30 سالن جو ڏيک آخر ڪو ته نقصان ڏيندو ۔۔۔ ڀلا ڀاڄائي ان اڻٽر سبب کي ڀڄائي ڪڍيو يا اهو سبب اڃان ڪنهن ڪنڊ ۾ پيو ساهه کڻي ۔۔۔ الله خئير ڪري ۔۔۔۔ سليمان جي شاهدي ته ٻڌائي ٿي ته مامرو ڳرو آهي ۔۔۔ خئير آ به اچانٿو ۔۔۔ اچي پاڻ مامري جي تحقيق ڪندس ۔۔۔۔ الله ڪري ته اسانجو هو سهڻو من مهڻو دوست هميشه مسڪرائيندو رهي ۔۔۔ آمين
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    چاچا ڪريم جِن اکين ۾ آزاد سنڌ جا سَپنا سانڍ ويٺو آهي تِن اکين ۾ ڪيئي ڏهاڪن کان رُڳو لُڙڪ آهن۔ اهي لُڙڪ انهن نوجوانن جي افعالن جي ڪري آهن جيڪي انهي مقصد جي لاءِ ٺهيل ڌڙن جي نام نهاد قومپرستي جي آڙ ۾ پنهنجن جي دِل آزاري ڪرڻ وارا آهن۔ چاچا ڪريم جي اکين ۾ دَز ۽ ڌوڙ به جام پئي ٿي جيڪا بار بار صاف ٿيندڙ سچل جي گهٽين ۾ وري وري ٿيندڙ ڪچري جي ڪري ٿئي ٿي۔ چاچا ڪريم جون ٿَڪل اکيون انهي سڀ هوندي به حُسن جي شناس به رکن ٿيون۔ چاچا جي اک حُسن جا سڀ رنگ ڍنگ ۽ انگ ڏِسڻ ۾ ڪمال مهارت رکي ٿي۔ ۽ اهو سڀ ڪندي چاچا هن مادي دنيا جو حصو ته بهرحال آهي سو نيٺ اکين تي اثر پيو۔
    چاچا کي اکين جي علاج کان پوءِ حُسن ۽ ڪمپيوٽر کان پري رهڻو پيو۔ ۽ انهي سڄي عرصي دؤران کين رڳو هِڪ شينهن کي ئي ڏِسڻو ٿي پيو۔ اهڙي ۾ چاچا کي ڪڏهن ڪڏهن ڪاري چشمي جي پويان لڪل اکين هوندي ڏسبو هو پر گهڻو ڪچهري نه ٿيني هئي۔ يقينن چاچا به اسان کي ايئن ئي ياد ڪيو هوندو جيئن کيس اسان۔ خيرسان واپسي تي ڀليڪار۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انهن سڀني دوستن جو آ ٿورائتو آهيان جن مون کي ڊگهي جدائ کان پو ڀي ياد رکيو۔ ڪن ته ان جدائي جو سبب پڇيو ۽ ڪن ته وري منهنجي ڪيفيت ۽ حالتن جو اندازو لڳائي سبب ڀي ٻڌائي ڇڏيو ۔ مار نجومي ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل هئا، جن سٺ سيڪڙو درست سبب ٻڌايا ، سڀني سڄڻن کي صلاح ته پنهنجي منجهيل معاملن جي حل لا طوطي وارن بدران انهن ڏانهن رجوع ڪن ،ته وڌيڪ خرچن کان بچي ويندا
    ۔ اصل سبب بڌايان ٿو ته فيس بوڪ تي هڪ خوبصورت ڇوڪري طرفا ن دوستي واري وڌايل هٿ کي بغير ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي قبولي ورتو، اها ڇوڪري ڪا انڊين اداڪارا هئي جنهنجو نالو نرگس فخري آهي ۔ ان سان ڪنهن ڀي قسم جي ڪا اخلاق کان ڪريل ڳاله ٻوله ته ڪانه ٿي ،پر منهنجي ٻارن وڃي پنهنجي ما کي ٻڌايو، بس پو ته زالاڻي ساڙ ۽ قومي غيرت پنهنجو رنگ ڏيکاريو، نه پڇا نه ڳاڇا ،گهر جو جيڪوبه ٿان هٿ لڳس اهو راڪيٽ لانچر وانگر پيو وسي ، پاڻ ته ٻه ٽي سهائي ٻاهر نڪتس شڪر جو گهر جو دروازو کليل هئو نه ته دوستن سان وري ملاقات نه ٿئي ها ، پر ويچاري ڪمپيوٽر جي شامت آئي ، ان جو ڪو به پرزو صحيح سلامت نه بچيو ۔ قومي جرگن کان پو مس وڃي ڪا معافي ملي آهي ۔ دوستن کي صلاح ته اهي ڀي احتيات ڪن ،متان مون وانگر دوستن کان دور رهڻ تي مجبور ٿين ۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    سائين منهنجا اسلام عليڪم۔ شاه سائين جن سچ چيو آهي ته الله ڏهي ۾ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن۔ڪيو نيٽ تي ڇوڪرين سان دوستيون ۽ پوء ڏيو منهن ۔ ادا اميد ته اسان جي ڀا ڄائي جو هاڻي ته نشانو پڪو ٿئي ويو هوندو آخر اوهان تي ايڏي ٿانون اڇلائڻ جي پريڪٽس جو ڪئي اٿن۔( ادا مذاق پيا ڪيون دل ۾ نه ڪجو):):D:p
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين همت ڪري وري آيو آهيان ،ڏسان ته ڪهڙو ٿو حشر ٿئي ۔ حفيظ ته هن انارڪي ورتل ملڪ کان ٻاهر ڀڄي ويو آهي ، نثار ابڙي کي وري کٽي ٿي کڻي جو سعودي عرب جهڙي پرسڪون ملڪ کان ڪراچي اچي رهيو آهي ۔ پڪ سليمان آسرو ڏنو هوندس ۔اسان سڀني جا خير گهريا ۽ سڀني لا دعائون گهرندڙ، سڄي سنگت شر کان محفوظ رهي ،آمين ۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اوهان به خير سان واپس آيا آهيو ۔۔۔ هاڻ انهن اڻٽر سببن جي جانچ ته ڪيو
     
  13. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اتفاق سان نثارابڙو صاحب جتان آيا آهن عبدالڪريم چانڊيو صاحب جي وبالِ جان اوڏانهن اُسهيل آهي۔ مون کان هاڻي نرگس فخري جا فوٽو پُڇڻ شروع ڪيا اٿس۔ هُما قريشي لاءِ چيم پر اک نه ٻُڌس۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔ اڄڪلهه ڪريم صاحب گهڻو خوش آهي، ٻڌا ٽهڪ ٿو ڏي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين سنڌسلامت تي واپس اچڻ تي اوھانکي اسان ڀليڪار ٿا چئون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مون سوچيو هو ته عبدالڪريم صاحب جن جي ان اڻٽر مجبوري کي ڳولهي لهندس پر منهنجي تحقيق کان اڳ ئي ڏوهه باسي ويٺو آهي، ۽ مٿان وسندڙ ٿانون جو ذڪر خئير ڪري چڪو آهي، انڪري منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي ۔۔۔ پر پو به آ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي انڪري به ڏوهي قرار نه ڏيندس جو جيڪي ماڻهون رهن ئي مدي خارج سماج ۾ ٿا ته انهن جا مسئلا به مدي خارج ضرور آهن ۔۔۔ عاشق مجبور آ، ڀل ڪيڏو به ڪنڌار هجي ۔۔۔

    خئير ڪريم صاحب کي شابس آهي جو ٿانون جي ڀڄي پوڻ کان پو به کلندو لڏندو وتي ۔۔۔شايد ٿانوَ پنهنجا ورتل ڪون هيس ۔۔۔ ههههههههههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سائين ڀليڪار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو