اسلام عليڪمسڀني دوستن ۽ خصوصن ايڊمن کي هڪ گذارشته مهرباني ڪري هن فورم تي اهڙي ڪا به شاعري(تصوير)جنهن تي سنڌ سلامت جو لوگو ۽ يو آر ايل نه هجي ان کيقبول نه ڪيو وڃي ، مطلب ان ٿريڊ کي فورن ختم ڪيووڃي جنهن تي ٻين ويب سائيٽن جا لوگو ۽ يو آر يل هجنٿورو هنن ٿريڊن جو جائزو وٺي ڏسو ڪلڪ ڪريو 2۔ ڪلڪ ڪريو وڌيڪ ٻين دوستن جي را جو انتظار رهندو ، سدائين گڏذيشان رشيد سليمان وساڻ نثارابڙو
اوهان جو سنڌ سلامت سان پنهنجائپ وارو جذبو ساراهجي ٿو۔ اصل ۾ ڪڏهن ڪڏهن دوست پاڻ ڊزائن نه ڪري سگهندا آهن ۽ اُها شاعري اهميت ۽ موقعي جي منسابت سان ٺهڪندڙ هُجڻ ڪري ڏيڻ به لازمي هُجي ٿي۔ سو پرايون ڊزائن ڪيل شيون به اچيو وڃن۔ ايئن ئي وري ٻين سوشل نيٽ ورڪ سائيٽس تي سنڌ سلامت جي لوگو واريون انيڪ شين هلن ٿيون۔ بس دِل وڏي ڪجي ته سنڌ سلامت هڪ سمنڊ آهي جنهن ۾ ڪيئي قسم جا ڪيترا به دريا اچي ڇوڙ ڪَن پر سمنڊ ته سمنڊ آهي نه۔
بلڪل ڀا پر ضروري ته ناهي جو ان تصوير کي اپلوڊ ڪن جنهن تي ٻيون ويبسائيٽون ۽ لوگوز هجن اها شاعري يا وغيرهه جيڪو به آهي اهو پاڻ ٽيڪسٽ ڪري فورم تي هڻِي ڇڏن ، مان سمجهان ٿو ان تصوير کان بهتر هيئن انهن جو لکيل بهتر رهندو ، ، وڌيڪ اوهان جي رضا تي راضي هونداسين ۔ ۔ ۔
اوهان جي ڳالهه ۾ وزن آهي پر پوء به ڪنهن تي ان قسم جي پابندي ۽ هر قسم جي ليک کي انتظاميه پاران ڏسڻ به مسئلو آهي۔ ٻيو ته سنڌ سلامت جي لوگو سان اوهان کي ڪيترن ئي پيجز ۽ فورمز تي تصويرون ملنديون۔ اسان جو مقصد پيغام جي پهچ ۽ ٻولي جي خدمت آهي۔ اڳتي اوهان جي راء کي سامهون رکي ڪجهه قدم کڻندا رهنداسين۔ سدا خوش هجو