ترجمه: ”۽ جيڪي الله سائين جي واٽ ۾ ماريا ويندا. انهن کي مئل نه چئو بلڪه اهي زندہ آهن. پر توهان کي خبر ناهي“ (پارہ 2 ، البقرہ، آية 154)۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ترجمه: ”جيڪي الله تعالى جي واٽ ۾ ماريا ويا انهن کي مئل گمان نه ڪيو بلڪه اهي زندہ آهن، پنهنجي رب وٽ رزق به ڏنا وڃن ٿا. آلعمران، آية 169 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔القرآناسان جڏهن اسلامي تاريخ جي ڪتابن جو گهرائي سان مطالعو ڪنداسين ته اسان کي اهوچڱي ريت معلوم ٿي ويندو ته امام حسين ننڍپڻ کان ئي اهي سڀ خصوصيتون هيونجيڪي مذهبن جي تاريخ عظيم ڪردارن لاءِ مخصوص آهن ـ پاڻ گهٽ ڳالهائڻ پسندڪندو هو ـعمر ۽ مرتبي جي لحاظ کان فضيلت رکڻ وارن جو ادب ۽ احترام ڪندو هوـ هم عمر وارن سان خلوص ۽ گفتگو ۾ نرمي اختيار ڪندو هو ـ اهي سندن ابتدائيعمر جا ئي سندس سيرت جا نمايا جوهر هئا ـ پاڻ ڪيتري قدر ته مهذب هو ـ ۽سندس تربيت ڪيتري ته اعليٰ ٿيل هئي انهيءَ جو اندازو هڪ واقعي مان ظاهر ٿيٿو ”هڪ دفعو پاڻ مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو ته سندس وڏو ڀاءُ امام حسن رضه تهساڻس گڏ هو ـ جڏهن پاڻ مسجد ۾ پتهو ته ڏٺائين ته هڪ صحابي وضو ڪري رهيوآهي، جڏهن ته هن جي وضو ڪرڻ جو طريقو درست نه آهي ـ جيڪڏهن ڪو ٻيو ٻار هجيها ته غلط طريقي سان وضو ڪرڻ واري کي سخت لفظن ۾ ٽوڪي ها يا ان جو مذاقاڏائي ها، ان بزرگ جي غلطيءَ تي ٺٺولي ڪري ها، ليڪن تهذيب ۽ تمدن ۽ اخلاق۽شائستگيءَ جي هن پيڪر عظيم اهو طريقو اختيار ڪيو جو دوست ته دوست ليڪن دشمن جي زبان مان واهه واهه جا لفظ نڪتاـ پاڻ ڇا ڪيائين، جو ان صحابي کي چيائين ته ”اوهان اسان ٻنهي ڀائرن جو وضوڪرڻ ڏسو ۽ پوءِ ٻڌايو ته اسان مان ڪير صحيح آهي“ پاڻ وضو ڪيائين ۽ انصحابيءَ سندس وضو ڪرڻ کي ڏسي پنهنجي غلطي محسوس ڪري ورتي ۽ چيائين ”اوهينٻئي صحيح آهيو، ليڪن منهنجو طريقو غلط هو ۽ هاڻ منهنجو پاڻ اصلاح ٿي ويو“. امام حسين جي سيرت طينه جو مطالعو ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿي ٿو ته پاڻپنهنجي هر عمل جي ذريعي انسانن کي صحيح دڳ تي هلڻ جو درس ڏنائين، جنهن تيهلي ماڻهو پنهنجي منزل ۽ مقصد ماڻي سگهي ٿو. ڪو ويچار ڪري ته ”ذبح عظيم“ ۾ ڪهڙو رازُ سمايل آهي. يا اهو قربانيءَ جو هڪ اهڙو سلسلو آهي جيڪو حضرت ابراهيم کان وٺي هلندو اچي ۽ امام حسين عليه السلام جي قرباني ان ئي سلسلي جو هڪ حصو آهي!؟ بهرحال اهو ته سڀ مسلمان مڃن ٿا ته امام حسين رضه جن حق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ حق لاءِ پنهنجي ۽ پنهنجي ڪيترن ئي گهرڀاتين جي جانين جي قرباني ڏنائين. امام حسين رضه جن پنهنجي زندگي انسانيت جي انهن بنيادي اصولن جي پرچار ۾ گذاري جن کي اڄ بين الاقوامي مڃتا ملي وئي آهي. انسانن کي سندن بنيادي حق ملن، ان ئي راهه تي هلندي، حق نه ڏيڻ وارن خلاف امام وڙهندي زندگي گذاري ۽ انهن خلاف وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. هونئن ته موت سڀني جو مقدر آهي ۽ گهڻن ئي ماڻهن جو مختلف سببن ڪري قتل ٿيندو آهي، پر اهڙو قتل جنهن سان مقتول کي مات نه ملي، اهڙو قتل جنهن جي ڪري سڄي دنيا، سموري انسان ذات واسطي هميشه لاءِ هڪ وڏو ۽ اڙو مثال بنجي وڃي، جنهن کي ڪروڙين ماڻهو سدائين ۽ خاص طور محرم الحرام مهيني ۾ ان طرح ياد ڪن جو دنيا حيران ٿي وڃي، اهڙو مرتبو امام حسين ۽ ڪربلاوارن جي حصي ۾ ئي آيو آهي. امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين کي اسان رڳو ڪربلا کان ياد ڪريون ته يقينن اها ناانصافي هوندي. ان ۾ ڪهڙو شڪ ته امام حسين پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو رڳو ڏوهٽو ئي نه پر اصحابي به هو ۽ هن ڪربلا ۾ اچڻ کان اڳ ننڍپڻ، جواني ۽ جوانيءَ کان پوءِ وارو زمانو به گذاريو، خانداني حياتي گهاري ان وچ ۾ ڇاڇا ٿيو، اهو به سڀ ڪجهه ڄاڻڻ لائق آهي. امام صاحب ڪربلا ۽ سندن مقابل قاتلن ۽ سندن مقصدن کي به ضرور ڄاڻ ۾ آڻڻ گهرجي ڇو ته ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ حقيقت جي ابتڙ ڪو گمان گذري سگهي ٿو.جهڙيءَ ريت تاريخ جي ڪيترن ئي ڪردارن ۽ حقيقتن بابت ڪيئي بي بنياد ڪهاڻيون ڏند ڪٿائون ۽ بدگمانيون ڦهلايون وينديون آهن ۽ ڦهلائڻ وارن مان ڪن جو مقصد وندر ۽ رئونشو هوندو آهي ته وري ڪن جو مقصد ڪونه ڪو مالي، معاشي، ثقافتي، سياسي يا سماجي مقصد هوندو آهي. ان طرح امام حسين رضه ۽ ڪربلا ۾ سر ڏيڻ وارن جي سلسلي ۾ به ڪيئي بي بنياد نڪتا يا ڏند ڪٿائون آهن، اها جدا ڳالهه آهي ته اهڙي پروپيگنڊا کي مڃتا نه ٿي ملي. امام حسين رضه مديني مان نڪرڻ کان وٺي 10 محرم الحرام تائين جنهن قسم جون سرگرميون ڪيون ۽ خطرن جي سمنڊ جي هوندي اسلامي اصولن تي ڪاربند ۽ انهن جو پرچارڪ رهيو، انهن نڪتن کي ڏسڻ کان پوءِ اها ڳالهه يقيني ٿئي ٿي ته هو پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي مقصد حيات جو سانڍيندڙ ۽ انسان ذات کي انسانيت، تهذيب ۽ اصول پسنديءَ جي تعليم ڏيندڙ هو، جنهن، وقت جي ڏاڍ پرست حڪمران ٽولي جي بعيت نه ڪري هڪ نه وسرڻ جهڙي قرباني ڏني. اها اعليٰ ظرفي جيڪا حضرت امام حسينرضه پنهنجي ڪردار ۾ نروار ڪئي، ان حد تائين اعليٰ ظرفي سندس دؤر ۾ ڪنهن ۾ به ڪنهن کي نظر نه آئي. کانئس جڏهن بعيت جو مطالبو ڪيو ويو تڏهن اهڙيون حالتون موجود هيون، هر ماڻهو باطل جي پيروڪارن جي ڪردار کان واقف هو، امام حسين رضه جنگي مهم هلائي پئي سگهيو، اها عام دعوت ڏئي پئي سگهيو ته باطل پرستن خلاف ۽ سندس ناني رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي دين واسطي ويڙهه ڪئي وڃي، پر امام ايئن نه ڪيو، تنهن کانسواءِ هن ٽڪراءَ کي مديني کان ٻاهر رکڻ پئي گهريو، ڇو ته امامن ممڪن حد تائين ماڻهن جو رت وهائڻ کان جيستائين پاسو پئي ڪيو، ان حد تائين جو ڪڏهن ته انهن آڇيل اقتدار به ٿڏي ڇڏيو، پر هنن پنهنجا انسانيت، تهذيب، اعليٰ ظرفي وارا ۽ خدائي اصول نه ڇڏيا. امام جنگ جي عام دعوت ڏيڻ بدران صبر سان پنهنجا گهرڀاتي وٺي مدينو ڇڏيو ۽ هڪ اهڙي ويران، تتل، ريگستان ۾ پنهنجي جاني دشمن لشڪر جي سامهون ٿيو، جتي هو ڪنهن کي به پنهنجي مدد لاءِ پڪاري نه پئي سگهيو. حق جو ساٿ نه هجي ها ته ڪربلا وارا پنهنجي اولاد جي زندگي، سک، شانتيءَ جي ڳڻتي ڪن ها، ٿڌي ڇانو ۽ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪن ها ۽ مصلحت ڪن ها، انتظار ڪن ها، جيستائين حالتون سازگار ٿين ها، پر هنن ايئن نه ڪيو، هنن صبر ڪيو ۽ مقابلو ڪيو، جيستائين هڪ مرد کي ڇڏي ڪري سندن سمورا جوان مرد شهيد ٿي ويا ۽ جيستائين سندن قافلو قطعي بيوس نه ٿي ويو ۽ کين قيدي نه بڻايو ويو. اهو محض هڪ دردناڪ قصو ناهي. اهو جيڪو ڪجهه آهي، زندگيءَ جا ڪيترائي سبق پاڻ ۾ سمائي ياد ايندو رهي ٿو ۽ ياد ڪرايو وڃي ٿو. حقيقت ته اها آهي ته اهي ڳالهيون رڳو امام حسين رضه تائين محدود ناهن. حضرت علي رضه به ساڳي بيان سان ان حد تائين آهي جو ان کي ڌار نه ٿو ڪري سگهجي. ان جو ئي پٽ هو امام حسين رضه ۽ کيس تربيت به سندس پيءُ ماءُ جي هئي، جيڪي پاڻ وڌ ۾ وڌ اعليٰ ظرفيءَ جا دستان تاريخ جي صفحن تي ڇڏي ويا آهن. هو قرباني ڏيڻ جا هيراڪ هئا. امام حسين رضه به پنهنجي اولاد کي اصول پسنديءَ واري تعليم ڏني ۽ امام جي اولاد ۾ به انسانيت سان پيار، تهذيب سان لڳاءُ ۽ قربانيءَ جي هير هئي. هو عام غريب ماڻهن جا ڀرجهلا ۽ مددگار هئا ۽ حق لاءِ ۽ ظلم خلاف هنن وقت جي تقاضائن کي آڏو رکي جدوجهد ڪئي ۽ حق جي تعليم ڏني. اڄ جڏهن اسان امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين کي ياد ڪري رهيا آهيون، تڏهن به وقت جي يزيدي ڏاڍ پرستن ۽ انسان دشمنن ۽ يقينن باطل پرستن خلاف آواز اٿارڻ جو سوال اسان اڳيان ڪر کڻي ٿو، ڇو ته امام حسين رضه جي پيروي ته بهرحال ظلم خلاف آواز اٿارڻ بنا ممڪن ناهي.۔۔۔۔۔۔ مددي وسيلا۔ عوامي آواز، وڪيپيڊيه ترجمه قرآن