ڪوليسٽيرول (Cholesterol) جو نالو ٻڌندي ئي اسان جي ذهنن ۾ ڪنهن خطرناڪ بيماري جو نالو اچي وڃي ٿو پر حقيقت اها آهي ته مقرر حد جي اندر ڪوليسٽيرول نه ڪا بيماري آهي نه ئي ڪا خطرناڪ شي۔ هي ميڻ وانگر سڻڀ يا چڪنو مادو اسان جي جسم ۾ جگر جي اندر تيار ٿيندو آهي ۽ رت ۾ ذرن جي شڪل ۾ موجود هوندو آهي۔ اسان جي جسم جي تمام ڪمن ۾ مثلن گهرڙن جي نشونما، واڌ ويجهه ۽ صحتمند ڪارڪردگي، هاضمي جي نظام جي ڪارڪردگي، هارمونز جي تياري مطلب ته جسم جي اندروني هر قسم جي عملن ۾ ڪوليسٽيرول جو مرڪزي ڪردار آهي۔ اسان جي جسم جي نظام کي صحتمند انداز ۾ هلائڻ لا ڪوليسٽيرول جي اهميت کي ڏسندي الله تعالى ان جي تياري جو انتظام جسم جي اندر ئي رکيو آهي۔ اسان جي اها خوراڪ جيڪا حيواني ذريعن سان حاصل ٿيندي آهي مثلن گوشت، کير، کير مان ٺهيل شيون، بيضا وغيره انهن سڀني ۾ ڪوليسٽيرول جو ڪافي مقدار شامل هوندو آهي۔ ان خوراڪ جو ضرورت کان وڌيڪ استعمال هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو، ڇو جو اهڙي خوراڪ جي بيجا استعمال سان اسان جي رت ۾ ڪوليسٽيرول جو مقدار وڌي ويندو آهي۔ اگر اها مقدار مقرر نارمل حد کان وڌي وڃي ته مختلف خطرناڪ بيماريون مثلن دل جون تڪليفون ۽ ها بلڊ پريشر وغيره جو خطرو وڌي ويندو آهي۔ اسان جي جسم ۾ چڪنائي ڪوليسٽيرول ۽ ٽرا گلائيسرائيڊ جي شڪل ۾ موجود هوندي آهي۔ ڪوليسٽيرول جا قسمڪوليسٽيرول جا ٻه قسم هوندا آهن۔ فائيديمند ڪوليسٽيرول نقصانده ڪوليسٽيرول فائديمند ڪوليسٽيرولهن ڪوليسٽيرول کي(High Density Lipoprotein) (HDL) چوندا آهن۔ ڪوليسٽيرول جي هي قسم اسان جي لا فائيديمند انڪري آهي جو هي ڪوليسٽيول دل کي رت پهچائيندڙ رڳن ۾ ڄمندو نه آهي ۽ وڌيڪ ڪوليسٽيرول (غيرضروري ڪوليسٽيرول) رت جي وهڪري سان گڏ جگر تائين پهچي ٿو ۽ مختلف مرحلن مان گُذري جسم کان ٻاهر خارج ٿي وڃي ٿو۔ نقصانده ڪوليسٽيرولنقصانده ڪوليسٽيرول کي عام طور تي(Low Density Lipoprotein) (LDL) چوندا آهن۔ايل ڊي ايل جي گهڻائي جيڪري دل کي رت پهچائيندڙ رڳن ۾ هي ڪوليسٽيرول ڄمي ويندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ رڳن جو اندروني قطر سوڙهو ٿي ويندو آهي، جنهن سان دل کي رت جي فراهمي متاثر ٿي وڃي ٿي ۽ دل جيڪو جسم جو نهايت اهم عضوو آهي پنهنجو ڪم درست انداز ۾ ڪرڻ جي قابل نه رهندو آهي۔ انهي ڪري هن ڪوليسٽيرول کي نقصانده ڪوليسٽيرول به چوندا آهن۔ٽرا گلائيسيرائيڊ(Triglycerides)جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڪيلوريز (جيڪي فوري طور استعمال ۾ نه اچن) چڪنائي جي ذرن جي شڪل ۾ جمع ٿي ويندي آهي۔ جنهن کي ٽرا گلائيسرائيڊ چوندا آهن۔چڪنائي جا اهي ذرا صرف ان وقت ڪم ۾ ايندا آهن جڏهن اسان جي جسم کي اضافي توانائي جي ضرورت هوندي آهي مثلن جسماني محنت، ورزش يا مشقت ڪرڻ وقت يا بُک جي وقت۔ ٽرا گلائيسيرائيڊ جي سطح هڪ صحتمند انسان جي رت ۾ (200mg) کان گهٽ هجڻ گهرجي۔ياد رکو: ٽرا گلائيسرائيڊ جي گهڻائي اڪثر ڪري خطرناڪ بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿي مثال طور: دل جا مرض، ٿولهه ۽ شگر جي بيماري۔ هلندڙ۔۔۔۔
اوهان هِڪ اهم موضُوع تي ڌيان ڇِڪايو آهي۔ ڏاڍو سُٺو۔ ساڳي ڳالهه ذهن ۾رکندي منهنجي هِڪ دوست ڊاڪٽر آفتاب ڪانڌڙو انهي سبجيڪٽ تي پي ايڇ ڊي ڪئي۔ اصل ۾ اوهان جِن ٽراءِ گلائسرائيڊ جو ذڪر ڪيو سي فيٽي ايسڊ جا مُرڪب آهن۔ جِن جا ٽي فارم ٿين ٿا۔ هڪ سيچوريٽيڊ ٻي ان سيچوريٽيڊ۔ ٻي قسم ۾ وري ٻه قسم آهن هڪ ٽرانس ٻيا سِس۔ انهن سڀني ۾ سُٺا سِس آهن جِن جا فائدا مٿي اوهان ايڇ ڊي ايل جي صورت ۾ لِکيا آهن۔ اسان واري يار پنهنجي مُلڪ ۾ وڪجندڙ بسڪيٽس جا تقريبن سڀ برانڊ، مارجرين ۽ بٽر جا سيمپل کڻي اُنهن ۾ اهو چيڪ ڪيو ته ڪنهن ۾ ڪهڙو قِسم آهي۔ نه رڳو اهو پر هُن انهي لاءِ نوان ۽ آسان طريقا به ڏَسيا۔ ڪوشش ڪبي ته سندس پي ايڇ ڊي جو تَت هتي پيش ڪجي۔ پر سندس اهو رزلٽ ڏِنو ته LDL ڪوليسٽرول وارو تيل بسڪيٽ کي وڌيڪ خسته ۽ ڀُر ڀُر ڀُرو ٺاهي ٿو جنهن ڪري وڌيڪ وڪامجي ٿو پر صحت لاءِ صحيح ناهي۔ جيئن پاڻ وٽ پارٽي يا سُپر بسڪيٽ آهن۔ جڏهن ته جن بسڪيٽن ۾ سِس فيٽي ايسڊ آهن اهي کائڻ ۾ ٿورا سخت ٿا ٿين جيئن ميري بسڪيٽ۔ پر اهو صحت لاءِ سُٺو آهي۔ هي تصوير مئي 2011 ۾ فيس بُڪ تي ڏِني هئم
ادا عبدالحفيظ۔۔مهرباني۔۔۔توهان سُٺي ڄاڻ ڏني آهي۔ اصل ۾ موضوع صرف ڪوليسٽيرول بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي انڪري ٽرا گلائيسرائيڊ بابت مٿاڇرو ذڪر ڪيو ويو آهي۔ ٽرا گلائسيرائيڊ ۽ ڪوليسٽيرول ٻئي چڪنائي (جنهن کي ميڊيڪل ٽرمنالوجي ۾ (Lipid)چوندا آهن) جا قسم آهن۔ ويڪس به(Lipid) جو ئي هڪ ٽيون قسم آهي جيڪو اسان جي خوراڪ ۾ شامل نه هوندو آهي۔ ٽرا گلائيسيرائيڊ خوراڪ کان علاوه ڪافي مقدار ۾ اسان جي جسم ۾ محفوظ ٿيل چرٻي جي شڪل ۾ موجود هوندا آهن۔ جنهن جي گهڻائي سان ٿولهه جو مرض ۽ دل جون بيماريون ٿين ٿيون۔ اها محفوظ ٿيل چرٻي(Triglycerides) اصل ۾ اسان جي جسم جي توانائي جو اهم ذريعو آهي۔ جڏهن جسم کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوي ته توانائي جي به وڌيڪ ضرورت پوي ٿي۔ان وقت اهي ٽرا گلائيسرائيڊ ( ٽرا مطلب ٽي 3) ڊا گلائيسرائيڊ (ڊا مطلب ٻه 2) ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ، ان کانپو مونو گلائيسرائيڊ (مونو مطلب هڪ 1) ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ آخر ۾ فري فيٽي ايسڊ (Free Fatty Acids) نڪري جسم کي مطلوبه توانائي مهيا ڪندا آهن۔اهي سڀ ڪيميائي عمل مختلف رطوبتن ۽ هارمونز جي مدد سان مڪمل ٿين ٿا۔ ڪوليسٽيرول اهڙي چڪنائي آهي جنهن ۾ اهي فيٽي ايسڊ نه هوندا آهن۔ اسان جي ڪهڙي خوراڪ فائيديمند ۽ ڪهڙي خوراڪ ۾ نقصانده ڪوليسٽيرول موجود هوندو آهي، ان بابت هن موضوع جي آخر ۾ دوستن کي ڪجهه ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس۔ انشاالله۔
اوهان دوستن جون مهربانيون۔ ڪولسٽرول بابت اڄ بي بي سي اردو تي به هڪ مضمون پڙهڻ لاء مليو۔ هتي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهجي ٿو۔
ها ڪوليسٽيرول جو مطلب ڇا آهي۔۔؟ هڪ صحتمند جسم ۾ ڪوليسٽيرول جي ليول 200mg/dl کان گهٽ هئڻ گهرجي۔ جيڪڏهن ڪوليسٽيرول جي ليول 240mg/dl کان وڌي وڃي ته دل جو مرض ٿيڻ جو خطرو به ٻيڻو ٿي ويندو آهي۔ نقصانده ڪوليسٽيرول يا ايل ڊي ايل (LDL) جي ليول 130mg/dl کان وڌڻ به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو۔ جڏهن ته فائيديمند ڪوليسٽيرول يا ايڇ ڊي ايل (HDL) جي ليول مردن ۾ 35mg/dl ۽ عورتن ۾ 40mg/dl کان وڌيڪ هجڻ گهرجي۔ ايڇ ڊي ايل جيڪڏهن 60mg/dl يا ان کان وڌيڪ هجي ته دل جي مرض جو خطرو به ڪافي حد تائن گهٽجي وڃي ٿو۔ ها ڪوليسٽيرول خطرناڪ ڇو آهي۔۔؟ رت ۾ موجود ڪوليسٽيرل جي ليول جيڪڏهن مقرر حد کان وڌي وڃي ته اهو ڪوليسٽيرول رت جي رڳن ۾ ڄمڻ شروع ٿي ويندو آهي۔ جنهن جي نتيجي ۾ رڳن جو اندروني قطر گهٽ يا اها رڳ مڪمل بند به ٿي ويندي آهي۔ اهڙي طرح جسم جي ان حصي ۾ رت جو وهڪرو تمام گهڻومتاثر ٿئي ٿو۔ خاص طور تي دل کي رت پهچائيندڙ رڳن جي بند ٿيڻ جيڪري دل جو اهو حصو جنهن کي اها متاثر رڳ رت پهچائي رهي هوندي، آڪسيجن جي گهٽتائي ڪارڻ ناڪاره بڻجي ويندو آهي۔ اهو ئي دل جي دوري (Heart Attack) جو اصل ڪارڻ آهي۔ رت جي رڳن ۾ ڪوليسٽيرول جي ڄمڻ جي بظاهر ڪا علامت نه هوندي آهي۔ مرض جو علم عام طور تي ان وقت ٿيندو آهي جڏهن سيني ۾ سُور پوڻ شروع ٿئي ٿو۔ جنهن کي انجائنا (Angina) چوندا آهن۔ ڪن مريضن کي ٽنگن ۾ به سُور جي شڪايت ٿيندي آهي۔ ڪوليسٽيرول ڇو وڌندو آهي۔۔؟ رت ۾ ڪوليسٽيرول جي ليول وڌڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا۔ ڪجهه اهم ڪارڻ هي آهن۔ موروثي اثر مرغن غذائون ورزش ۾ گهٽتائي وزن ۾ واڌ (ٿولهه) سگريٽ نوشي وڌندڙ عمر ها بلڊ پريشر شگر جي بيماري ذهني پريشاني هلندڙ۔۔۔۔
مهرباني ادا سليمان۔۔۔بي بي سي جي هن رپورٽ ۾ ڪوليسٽيرول جي وڌيل ليول کي گهٽ ڪرڻ لا اسٽيٽن کي تجويزڪيو ويوآهي۔ اسٽيٽن اصل ۾ هڪ پورو گروپ آهي۔جنهن ۾ هي دوائون شامل آهن۔ ايٽرو ويسٽيٽن (Atorvastatin) جيڪا لپيٽور (Lipitor) جي نالي سان ملي ٿي۔ سم ويسٽيٽن (Simvastatin) جيڪا زوڪور (Zocor) جي نالي سان ملي ٿي۔ لووا اسٽيٽن (Lovastatin) جيڪا ميوا ڪور (Mevacor) جي نالي سان ملي ٿي۔ پريوا اسٽيٽن (Pravastatin) جيڪا پريوا ڪول (Pravachol) جي نالي سان ملي ٿي۔ ريزو ويسٽيٽن (Rosuvastatin) جيڪا ڪريسٽور (Crestor) جي نالي سان ملي ٿي۔ هي سڀ دوائون اسان جي جگر ۾ هڪ قسم جي رطوبت جيڪا ڪوليسٽيرول ٺاهڻ لا ضروري آهي تنهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ کان روڪين ٿيون۔نتيجي ۾ ڪوليسٽيرول جي ليول گهٽ ٿي ويندي آهي۔ رت ۾ ڪوليسٽيرول جي مقدار پنهنجي نارمل ليول تي آڻڻ لا مارڪيٽ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي دوائون موجود آهن پر انهن جو استعمال صرف ۽ صرف مستند دل جي ماهر ڊاڪٽر (Cardiologist) جي مشوري سان ئي ڪرڻ گهرجي۔
نهايت ئي مفيد موضوع شيئر ڪيو اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جا موضع هون به انتهائي مفيد هوندا اهڙ ا ونڊ جاري رکو مهرباني
ڪوليسٽيرول تي قابو ڪيئن ڪجي۔۔؟ پنهنجي غذا جو خاص خيال رکو ڇو جو ڪوليسٽيرول وڌڻ جي صورت ۾ غذا تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي۔هيٺيون چارٽ غذا جي صحيح انتخاب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو۔غذا جو انتخاب غذا جو گروپغذا جيڪا وٺڻ منع آهيغذا جيڪا ضرورت مطابق وٺي سگهجي ٿيگيهه، تيل اصلي گيهه، بناسپتي گيهه، مکڻ،ناريل جو تيل، مارجرين، مايونيز ڪنوله، زيتون، سن فلاور، سويابين،سورج مکي، مڪئي جو تيل کير، کير سان ٺهيل شيون ڪريم، ملائي وارو کير، مکڻ، دٻي جو مٺو کير،پنير، آئسڪريم ملائي کا بغير کير، دهي، پنير(موزريلا، ڪوٽيج)گهٽ سڻڀ واري آئسڪريم ۽ ڪسٽرڊ وغيره بيضا زردي اڇاڻ ماني، چانور ۽ ٻيون جنسوناٽي مان ٺهيل شيون، زياده چڪنائي وارا يا بغير اُٻاريل چانوراٽي جي ڇاڻ (ڀُوسي واري ماني) رولز، بسڪٽ،چانور (اُٻاريل)، دليو، دالون وغيره ڀاڄيوندٻن ۾ بند ڀاڄيون، تريل ڀاڄيون،چپس(فرنچ فرائيز)سڀ ڀاڄيون خاص طور تي بند گوبي، گجرون، ڪچو بصر، پالڪ، سلاد جا پتا، شملهمرچ وغيره ميواناريل، فروٽ جوس، دٻي ۾ بند ميون جا رسسڀ ميوا خاص طور تي مالٽا، ڪينو، زردالو، آڙو وغيره خشڪ ميوا، اخروٽ ،بادام گوشت، مڇي ۽ مرغيچڪنائي وارو گوشت، تريل گوشت، مغز، گردا،ڪليجيبغير چڪنائي جو گوشت،مڇي، مرغي مٺايونچڪنائي واريون مٺايونجام، جيلي، مارمليڊ، ماکي،گهٽ سڻڀ وارا مٺا کاڌا، بسڪٽ، ڪيڪ وغيره نوٽ: کنڊ پاڻ ڪوليسٽيرول نه وڌائيندي آهي پر کنڊ جي گهٽ استعمال ڪرڻ سان وڌندڙ وزن روڪي سگهجي ٿو۔هلندڙ۔۔۔۔۔
سائين کاڌن جو چارٽ تمام بهترين آهي پر ان تي عمل ڪرڻ ۾ اهو مسئلو آهي جو جيڪو ماڻهو شهر ۾ رهي ٿو اهو اڪثر انهن منع ڪيل شين کي استعمال ڪري ٿو بهرحال هاڻي ڪوشش ڪبي ته اوهان جي ڏسيل چارٽ تي عمل ڪجي۔ ڄاڻ ڏيڻ لاء اوهانجي مهرباني۔ سدا سلامت رهو۔
ادا رحيم بخش۔۔توهان جي ڳالهه درست آهي۔ اسان کي اها ئي شي گهڻي وڻندي آهي جيڪا حقيقت ۾ نقصانڪار هوندي آهي۔ دراصل اهڙا کاڌا جن ۾ ڪوليسٽيرول وڌيڪ هوندو آهي، مزيدار ۽ سٺي ذائقي وارا هوندا آهن۔شايد انڪري اسان اهي وڏي شوق سان کائيندا آهيون پر احتياط علاج کان بهتر آهي۔ باقي رهي ڳالهه چارٽ جي ته ادا۔۔اها مونکي خبر آ ته اهو چارٽ ڪيتري مشڪل سان ٺهيو آهي۔۔۔ ٻه ٽي ڏينهن ته پنهنجي هوشياري پئي ڏيکاريم پر هر ڀيري سڄي ترتيب ابتي ٿي پئي وڃي ۽ چارٽ ٺهڻ جو نالو ئي نه وٺي۔۔۔مطلب اهي ساڳيا ڪاري وارا ڪک۔۔۔ پو ادا ذيشان جي مهرباني سان اهو چارٽ مڪمل ٿي سگهيو۔۔۔
حرڪت ۾ برڪت آهي۔۔۔اسان کي پابندي سان هلڪي ڦلڪي ورزش ڪرڻ گهرجي۔ ورزش ڪرڻ سان هيٺيان فائدا حاصل ٿيندا آهن۔ نقصانده ڪوليسٽيرول گهٽ ٿئي ٿو۔ وزن ۾ گهٽتائي فائده مند ڪوليسٽيرول ۾ واڌ ها بلڊ پريشر ۾گهٽتائي جسم ۾ واڌو چڪنائي ۾گهٽتائي دل ۽ ڦڦڙن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ياد رکو۔۔۔۔ ڪنهن به ورزش شروع ڪرڻ کان پهرين پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح مشورو ضرور ڪرڻ گهرجي۔ (خاص طور تي ڪنهن وڏي بيماري يا ها بلڊ پريشر جي مريضن کي ورزش شروع ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر سان ملڻ اشد ضروري آهي۔) ورزش جي دوران جيڪڏهن سيني ۾ سُور ، ٿڪاوٽ، ساهه ۾ تڪليف جهيڙي ڪا به علامت محسوس ٿئي ته فورن ورزش روڪي ڊاڪٽر وٽ چيڪ اپ ضرور ڪرائڻ گهرجي۔ ورزش جي شروعات هميشه آسان ورزش سان ڪرڻ گهرجي۔ مثال طور: ٿوري فاصلي تائين پنڌ ڪرڻ، ڏاڪڻيون چڙهڻ، گهريلو ڪم ڪار وغيره۔ ورزش جو ڪل وقت 30 کان 45 منٽ ۽ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڏينهن ورزش ڪرڻ گهرجي۔ ڪوليسٽيرول جا ٽيسٽ۔۔۔ ها ڪوليسٽيرول جي بظاهر ڪا به علامت نه هوندي آهي۔ رت جا ڪجهه ٽيسٽ ڪرائڻ سان ئي وڌيل ڪوليسٽيرول جي درست تشخيص ڪئي ويندي آهي۔ خاص طور تي ايڇ ڊي ايل، ايل ڊي ايل ۽ ٽرا گلائيسرائيڊ جي ليول تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي۔ ڪنهن به صحتمند شخص لا ڪوليسٽيرول جي ٽيسٽ 5 سالن ۾ هڪ ڀيرو ڪرڻ ضروري هوندي آهي۔ 45 سالن کان وڌيڪ مرد ۽ 55 سالن کان وڌيڪ عورتن کي سال ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي ڪوليسٽيرول ليول ضرور چيڪ ڪرائڻ گهرجي۔ اهي ماڻهو جيڪي ڪوليسٽيرول گهٽ ڪرڻ واريون دوائون استعمال ڪندڙ آهن، انهن کي باقائدگي سان پنهنجا ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن ته جيئن ڪوليسٽيرول جي ليول خطري جي نشان کان اڳتي نه وڌي سگهي۔ پنهنجي زندگي سان پيار ڪريو پنهنجي ڪوليسٽيرول جي ليول کي نارمل رکو۔ ڪوليسٽيرول جي ليول نارمل رکڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان پنهنجي زندگي ۾ 10 سال يا ان کان وڌيڪ عرصي جو اضافو ڪري سگهو ٿا۔ ڪوليسٽيرول جي ليول نارمل رکڻ سان مختلف خطرناڪ بيماريون۔ دل جا مرض، ها بلڊ پريشر ۽ شگر وغيره کان به محفوظ رهي سگهجي ٿو۔ حوالا: ميڊيڪل جا مختلف ڪتاب، Pharm Evo جو بڪليٽ ۽ نيٽ تان ورتل تصويرون۔