دين/ اخلاق ۽ مرشد ڇا سيکاريو آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نوٽ؛ ڪجهه اهڙا سٺا عمل ظاهر انڪري ڪبا آهن ته جيئن سڀني کي ان جي خبر پوي ۽ اتساهه پئدا ٿئي ۔۔۔ !!!​
    +++++++++++++​
    [​IMG]
    منهنجي دين/ منهنجي اخلاق ۽ منهنجي مرشد مونکي ڇا سيکاريو آهي؟

    منهنجو دين اسلام، منهنجو اخلاق سنڌيت ۽ منهنجو مرشد لطيف ...

    منهنجي دين مونکي ايمان ڏنو آهي، منهنجي قوم مونکي سڃاڻپ ڏني آهي ۽ منهنجي مرشد مونکي حق ۽ سچ سان زندگي گهارڻ جو سبق ڏنو آهي؛

    دوستو! ٿيو ڇا ته اڄ کان لڳ ڀڳ 14 مهينا اڳ آءَ موڪل تي سنڌ وڃي رهيو هيس، هوائي اڏي تي منهنجي پياري دوست دانش لطيف تيوڻي مونسان ملڻ جو واعدو ڪيو .... آءُ هوائي اڏي تي پهچي پنهنجو ليپ ٽاپ کولي ويٺس ته جيئن وقت پاس ڪريان پر ڪو به اهڙو وائي فاءِ اوپن اڪائونٽ نه مليو جنهن سبب ليپ ٽاپ بند ڪري ڀر واريءَ ڪرسيءَ تي رکيو، دوست دانش جي انتظار ۾ هيس اوچتو خيال آيو ته جيستائين سنگت اچي تيستائين ڇونه سامان جو وزن ڪري ريپر چاڙهائي ڇڏيان ... اهو سوچي ٽرالي ڇڪي ٻاهر هليو ويس ... جت ڪانٽو هيو ۽ سامان کي پلاسٽڪ ريپنگ ڪرڻ وارا ويٺا هيا ... ائين ڪندي پيارو ساٿي دانش به اچي پهتو ... بس پوءِ ته ڀاڪرين پئجي وياسون ۽ حال احوال شروع ٿيا ...

    دوست دانش جڏهن فيسبڪ ۽ ڪمپيوٽر جو ذڪر ڪيو ته مونکي پنهنجو ليپ تاپ ياد آيو جيڪو آءُ اڌ ڪلاڪ کن اڳ ڪرسيءَ تي رکيو هو ۽ اتي ئي ڇڏي آيو هيس، ان ۾ پاسپورٽ ٽڪيٽ، ڪجهه پئسا ۽ ليپ ٽاپ به هيو ... بس جيئن ئي ليپ ٽاپ ياد آيو ته منهنجا ڇهه ئي ڇڄي پيا، ٻه به ويا ته ٻارنهن به ....

    مون دانش کي ٻانهن کان ورتو ۽ سڌو رخ ڪيم ان ڪرسيءَ ڏانهن پر جڏهن ڪرسيءَ تي پهتس ته ليپ ٽاپ امانت با سلامت پيو هو ۽ مون ٿڌو ساه ڀريندي الله جا شڪر ادا ڪيا... جنهن منهنجي غلطيءَ جو ازالو ڪيو ...

    اڄ هڪ واقعو ٿيو ... آءُ آفيس کان موٽي جڏهن پنهنجي اسٽاف هائوس پهتس ته اسٽاف هائوس جي ويهڪ واري ڪمري ۾ پيل صوفي تي هڪ اڪيلو ليپ ٽاپ پيو هو، نه ماڻهون نه مرون، نه اوهي نه واهي ... مون ليپ ٽاپ کي ڏٺو، سمجهي ويس ته ڪو وساري ويو آهي.

    مون هيڏانهن هوڏانهن واجهايو، انتظار ڪيو ته ڪير اچي ... پر 10 منٽن تائين ڪوبه نه آيو .... شيطان چيو ته نثار کڻ وڃي پنهنجو ڪر ..!!!

    پر مونکي قرآن شريف جي هڪ آيت ياد آئي ته؛
    ”پراوا مال ناجائز نه ڦٻايو“
    سنڌيت جي بنياد تي غيرت للڪاريو ته، ٻي جي شئي آهي توتي حرام آهي؛
    مرشد جو بيت ياد آيو ته؛
    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منج، اچي بوءِ بهار جي.

    مون ان ليپ ٽاپ جي جهڙتي ورتي ان مان هڪ ايگزٽ انٽري جو ڪاغذ نڪتو جنهن تي انعام الحق نالو لکيل هو .... جيڪو اسانجي اڪائونٽ ڊپارٽمنٽ / پي ايبل Payable ۾ آهي ... مون وٽ سندس نمبر هيو، مون کيس فون ڪئي ته تنهنجو ليپ ٽاپ ڪٿي آهي؟ شايد فيملي سان گڏ گاڏي ٿي هلايائين ... سو رڙ ڪري پٽ کان پڇيائين ته ليپ ٽاپ گاڏيءَ ۾ آهي، پٽ چيس “ نه“

    انعام ڳالهه سمجهي ويو ۽ کلي چيائين ٻآرن جي تڙ تڪڙ ۾ اسٽاف هائوس ۾ ٻاهر وسري ويو آهي، پڪ سان توکي مليو آهي، مون کيس چيو ” ها “ مونکي مليو آهي .... انعام الحق الله جا شڪر ادا ڪيا ۽ چيائين ” نثار“ چمين ڏيڻ جهڙو آهين” منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي ته مون حقدار کي حق موٽائي ڏنو، جڏهن ته آءُ آسانيءَ سان لڪائي سگهيس ٿي.

    پنهنجي پوري هوٽل ۾ آءُ اڪيلو سنڌي آهيان ۽ مونکي سڀ حب الوطن سنڌيءَ سان سڃاڻن ۽ هڪ بااخلاق انسان سمجهندا آهن ...

    مون پنهنجي رب جا شڪر ادا ڪيا ته هن مونکي پنهنجي ڪلام جي ذريعي رهنمائي ڪئي ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون ٿيو ۽ لطيف جي سهڻي انسان جي هڪ ننڍڙي جهلڪ پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪئي ...

    رب العالمين اسان سڀني کي حرام کائڻ کان بچائي ۽ ٻين جي حق ۽ مال کي ناجائز ڦٻائڻ کان پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين​
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهائي انسانيت آهي۔ مذهب، مرشد، هادي سڀ اهوئي ته سبق ڏين ٿا ته پرايو حق نه ڦٻايو، وري ۽ زوري نه ڪيو ۔۔۔ پوء آهن ڪي اهڙا انسان جن جي ڪري انسان اشرف المخلوقات ٿو سڏجي ۔۔۔۔ اوهان جي ان عمل جو انعام اوهان کي رب پاڪ ئي ڏيندو۔ مونکي ياد آهي ته گذريل دفعي اوهان مٿيون واقعو ايئرپورٽ تي ٻڌايو هو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثارابڙو صاحب اسلام عليڪم! جس آهي اوهان کي جو شيطان جي برغلائڻ واري حملي کي مڙس ٿئي منهن ڏئي، ليپ ٽائپ مالڪ کي موٽائي ڏنو۔ جيڪو ماڻهون ڪنهن ٻئي جو مال يا حق کائي ويندو آهي۔ الله پاڪ وٽ انهن لاء تمام گهڻي سخت سزا آهي۔ اوهان جي مٿين عمل سان نه رڳو اوهان جو پر اسان سڀني جو مان مٿائون ٿيو۔ اسان ايئن ته اوهان کان ايمپريس نه آهيون۔ توهان جي سٺائين اوهان کي اسان ۾ تمام گهڻو مقبول ڪيو آهي۔الله پاڪ توهان کي انهن شين جو آجر ڏيندو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيطان پڪي ايمان وارن کي ورغلائي نه سگهندو آهي ۔ شاه ڀٽائي چيو آهي ته ” جتي ڇورين ڏنا ڇال ،ته به لاهوتي لنگهي ويا ۔“
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو