جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سين هر فڪر ۽ پريشاني کان پري رهندا هئاسين۔ خوابن ۾ آسمان جي سير ڪندا هئاسين۔پريون جي محلن ۾ رهڻ جي ڌن ۾ مگن رهندا هئاسين۔ ننڍن ننڍن سچن جذبن سان محبت جي مالا ۾ پروڙيل ڪنول جي گل وانگر تازه رهندا هئاسين۔ نه ڪنهن اڻ ڏٺي خوف جو شڪار هوندا هئاسين،نه ڪنهن پنهنجي جي سازش جو محور هونداهئاسين۔ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ ۽ جڏهن اسان جوان ٿيا سين ته فڪر معاش ۽ زماني جي بي حسي جي ڪري اسان جا سڀ ننڍپڻ جا خواب ،خواب ئي رهجي ويا۔آسمان تي اڏي تارن کي ڇهوڻ جي خواهش،خواهش ئي رهجي ويئي۔لوڀ ۽ ڪوڙي انا واري لالچ جي ڪري ماڻهون کي ماڻهون سان نفرت ۽ سازش ڪندي ڏسي۔اسان به خوف جو شڪار ٿئي ويا سين۔هر شي جو الله پاڪ جي طرفان کان ٿيڻ واري يقين کي بدلجندي ماڻهون جو ماڻهون ۾ ڪوڙويقين جو معاملات عام ٿيندي ڏٺاسين۔ ماڻهن کي پنهنجي ٿورڙي نفعي جي لاء الله سائين جي حڪمن جي ڀڄڪڙي ڪندي ڏسي اسان به شيطان جي لالچي حملن جو شڪار ٿئي ڪري حضور صلي الله عليه واليه وسلم جن جي ٻڌايل ڀلائي وارا رستا ڇڏي شيطان جي پوئلڳي ڪرڻ لڳاسين۔الله سائين جن رزق جو وعده ڪيو آهي ۽ الله پاڪ پنهنجي وعدو جا سچا آهن ، پر اسان جي دل جيڪا شيطان جي چنگل مان آزاد نه ٿئي سگهي آهي۔ ان رزق کي حاصل ڪرڻ لاء صبح کان وٺي شام تي ان جي تگ ودود ۾ مبتلا رهندي آهي۔ ۔اسان اهو سڀ وساري ڇڏيو آهي ته الله سائين جيڪو اسان جو مالڪ، خالق، پالڻهارآهي، ان اسان کي هن دنيا ۾ خلقيو آهي پنهنجي ۽ پياري نبي سائين جي اطاعت ڪرڻ لاء ۽ آخرت جي زندگي جيڪي ڪئي صدين تائين قائم رهندي۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاء۔ پياري نبي سائين جي سنت تي عمل ڪرڻ سان هن دنيا ِ۽ آخرت واري زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي۔پر افسوس جو اسان هن دنيا کي پنهنجي ڪل متاع سمجهي سڄي عمر هن دنيا جي آسائشون حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳا پيا آهيون۔جڏهن ته آخرت واري زندگي۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاء اسان ڪو به آهڙو عمل نه ٿاڪيون جنهن سان اسان قبر جي عذاب ۽ جهنم جي باه کان پاڻ کي بچائي سگهون۔ڪيڏا نه وڏا نادان آهيون اسان جو اهو سمجهون ٿا ته موت آيو ته هر شي ختم ٿئي ويندي۔ نه منهنجا سائين اصلي زندگي ته موت کان پوء آهي۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته آخرت واري زندگي اسان جي خواهش جي مطابق گذري ته هي زندگي اسان کي الله سائين جي مرضي مطابق گذارڻي پوندي، نه ته نه رڳو هن دنيا ۾ پر آخرت واري دنيا ۾ به ناڪامي حاصل ٿيندي۔هر نفس کي موت جو مزو چکڻو آهي۔ ڏاهو ۽ سمجهدارماڻهون اهو هوندو آهي جيڪو موت کان اڳ موت کان پوء وري زندگي جي لاء ثمر گڏ ڪري۔ نيڪ عمل ڪري ۔ الله پاڪ جي هميشه وڏائي بيان ڪري، پياري نبي سائين تي تمام گهڻي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهي ۔ انهن جي سنت مطابق زندگي گذاري،اولاد، گهر وارن ، پاڙيسرن جا حق ادا ڪري ۔ مسجدن کي آباد ڪري، هرشي الله پاڪ جي طرفان ٿيڻ جو دل ۾ پختو يقين پيدا ڪري ۔ اچو ته اسان به شيطان جي چنگل مان نڪري ڏاهن ماڻهون وارو عمل ڪري الله سائين ۽ پياري نبي سائين جو قرب حاصل ڪرڻ جو ڪوشش ڪيون ۔ من الله پاڪ اسان سان راضي ٿئي وڃي ۽ اسان جي زندگي ڪامياب ٿئي وڃي۔
ڪوبه نه چاهيندو آهي ته ڪا لالچ يا برائي ڪري۔۔۔ پر پوء به معاشري، حالتن انسان کي مجبور ۽ بيوس ۽ لاچار ڪري وڌو آهي۔۔۔ رب پاڪ جي اڳيان دعاگو آهيون ته هن دنيا جي امتحان مان پار پئون۔ مان سنڌي ڊراما ڪونه ڏسندو آهيون جو اهي معاشي جي بگاڙ جو سبب بڻجي رهيا آهن۔ ان ڏينهن الائي ڪيئن ڪي ٽي اين جو ڊرامو عشق جو انداز جي هڪ قسط ڏٺم ۔۔۔۔ رياض سومري جي ڪردار ۽ ڊائلاگ کان متاثر ٿيس۔
ادا رضوان جمالي اسلام عليڪم! حسد ، الله پاڪ جي رضا ۾ نه راضي ، الله مان ٿيڻ جو يقين دل مان ڪڍي غير الله جي در تي هٿ ڦهلائڻ ۽ دنيا سان محبت جي سبب ڪوڙ ۽ لالچ واري انا اسان ۾ پيدا ٿئي ٿي۔
الله تعالي انسان کي اشرف المخلوقات پيدا ڪيو آهي انسان سمجهندو سڀ آهي پر معاشري جي ڪوڙن احساسن کي پورو ڪرڻ لا۽ اهو ڪو به ڪڌو ڪم ڪندي نه گهٻرائيندو آهي جزاڪ الله بهترين شيئرنگ آهي
ادا سليمان تواهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي ڪي ٽي اين تي ، هلندر ڊرامان ڪارو سج، ۽ زندگي او زندگي ڏسو ته واقعي لڳندو ته اسانجي معاشري جو بگاڙ ٿي رهيو آهي، ان تي مونکي هڪ پنجابي ڊاڪٽر چيو ته ڏسو توهان جا چينل سنڌين جو ڪهڙو ڪلچر پيا ڏيکارين ۽ دنيا کي ٻڌائين پيا ته اسان جو ڪلچر هي آهي۔ سائين غلام مصطفي ميمڻ جون ڳالهيون کريون تکيون ۽ حقيقت آهن، اصل دل وٽان ڪافي عرصي کان پوءِ خوبصورت ونڊ ڪيو اٿين مهرباني
السلام عليڪم ! دير آيد درست آيد مصداق اوهان جو ٻيهر فورم تي ايڪٽو ٿيڻ تي خوشي ٿي . اميد آهي ته وقت سر پنهنجا قيمتي مضمون اسان سان ونڊ ڪندا رهندا . ماشاءالله ! ضمير کي جهنجورندڙ مضمون ونڊ ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي. الله تعالى سڀني کي سڌي واٽ تي هلڻ جي قوفيق عطا فرماءِ . جزاڪم الله خيرا !
هڪِ بهترين ڳالهه ۽ مختصر پر جامع انداز ۾۔ منهنجي خيال ۾ تبديلي اُها واحد شئي آهي جيڪا انسان کي اوتري ئي پسند آهي جيتري هُو انهي سان نفرت ڪَن ٿا۔ پر تبديلي هن جهان جو هڪ اٽوٽ حصو آهي۔ اسان سدائين ٻالڪپڻ ۾ وڃڻ ته چاهيون ٿا پر تصور ڪجي ته اُهي ماڻهو جيڪي جسم يا دماغ 50 سالن کان پوءِ به 10 سال وارو ٿا رَکن ته انهن جو ڇا آهي۔ يقينن تصور ئي ڀيانڪ آهي۔ تنهنڪري اصل مزو انهي ۾ آهي ته هر وقت جي لُطف کي سمجهي انهي جو مزو وٺجي۔ ٻار هوندي ٻالڪپڻ کي ۽ وڏو ٿي ٻارن کي ڏِسي خوش رهي سگهجي ٿو۔ پر ٻارن جي پالنا ۾ ڏيک ويک جي چڪر ۾ احساسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي وڃڻ ڪري ماڻهو غلط طور طريقا ڳولي به پنهنجن واسطن وارن سان برابري (ظاهري) جي ڪوشش ڪندڙ سدائين نقصان کائين ٿا۔ کين سوچڻ گهُرجي ته ڇا سندن وڏي بگلي۔ ڪار ۽ ٺٺ واري دوست ڪنهن به غريب يا وچولي درجي واري کي ناهي ڏِٺو؟؟؟؟؟؟ ڇا بس اوهان ئي بچيا آهيو جنهن کي هُن ڏِسي ورتو ڪو مسئلو ٿي پوندو۔ بلڪه سوڙ آحر پير ڊگهيڙيندي جهڙو حال پريان نال ظاهر رکجي ته انهي سان اها به خبر پوندي ته اوهان ۽ اوهان جي حلقي ۾ شامل دوستن وٽ پهريان ماڻهپو ۽ انهي جي اهميت آهي يا حيثيت جي جيڪا اچڻي وڃڻي شئي آهي۔
توهان ميمڻ صاحب ڪيڏيون نه سچيون ڳالهيون لکيون آهن۔ اسان پنهنجي الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جي بدران فضول ڪمن ۾ وقت ضايع ڪري رهيا آهيون۔ شل الله سائين اسان کي اهو عقل ڏئي جو اسان صحيحي رخ تي قدم کڻي سگهون۔