You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
- ڪڏهن عشق ڪنهن کان ڊنو ياد ناهي
ڪڏهن سمنڊ لوڪو سُڪو ياد ناهي
ڪَڙو به چکيوسين، مِٺو به چکيوسين
ڪڙو ياد آهي، مٺو ياد ناهي
مٽي جو هجي ها مڃا ها ڪعبي کي،
پٿر مان سلو ڪو ڦُٽو ياد ناهي
سُتس کوڙ ڀيرا بُکيو آءُ ”لياقت“
چوان ڪين ڪڏهن رب کُٽو ياد ناهي
لياقت علي لياقت_ جوهي