السلام عليڪم ادا عمران درويش سومرو عرس پريو مونکي هڪ مسئلي ۾ توهان جي مدد ٿي گهرجي، مسئلو هي آهي ته هڪ گم نام شخص منهنجي نالي جو فيسبوڪ اڪائونٽ ٺاهيو آهي۔ مونکي ان اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ بابت ڪجهه ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي۔ منهنجي نالي جي نقلي آ ڊي (جيڪا بلاڪ ڪرڻي آهي ) منهنجي ذاتي آ ڊي ( جيڪا منهنجي استعمال ۾ آهي )۔
ادا سڀ کان آسان طريقو اهو آهي ته توهان پاڻ ۽ پنهنجي دوستن کي چئو ته ان پروفائل جي خلاف رپورٽ سبمٽ ڪن۔۔ جيتريون وڌيڪ رپورٽس اوترو جلد ئي فيسبڪ انتظاميه ان لي بلاڪ ڪري ڇڏيندي۔۔۔۔۔ باقي آئي ڊي ٺاهڻ وارو توهان جو پنهنجو يا ويجهو دوست ٿو لڳي۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔
ها لڳي به ايئن ٿو۔۔ ۽ جنهن آئي ڊي ٺاهي سو شايد ڄٽ آهي، آئي ڊي ۾ منهنجو جنم 1992 ۾ ڏيکاري ٿو ۽ تعليم انٽر 2003 ۾ !! رهنمائي ڪرڻ جي مهرباني
ادا اسان ته هن دنيا ۾ هڪ ٻه سائٽون استعمال ڪرڻ جي وڏي مشڪل سان آپريٽ ڪرڻ جي قابک ٿيا آهيون هن دنيا جي مطلق اسان تقريبن جاهل آهيون۔ وسلام
هر اهو انسان جيڪو ڄائو آهي ۽ ڳالهائڻ سکي ورتو اٿس سو جاهل ناهي هوندو، ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي نظر ۾ جاهل انسان، حقيقت ۾ اهڙو ڪارنامو ڪري ڏيکاريندا آهن جو ڏسندڙ حيران رهجي ويندا آهن۔۔۔ ادا مالڪ سائين پاڻهي رسندو انهن نقلي آ ڊي ٺاهڻ وارن کي ۔۔
معزرت دراصل لفظ جاهل اسان جي دنيا ۾ متروڪ آهي جڏهن ته جاهل لفظ جي معنى اها ناهي جا اسان وٽ عام طور ورتي ويندي آهي بحرحال اوهان جا احسان اوهان متوجه ڪيو۔ وسلام
معزرت دراصل لفظ جاهل اسان جي دنيا ۾ متروڪ آهي جڏهن ته جاهل لفظ جي معنى اها ناهي جا اسان وٽ عام طور ورتي ويندي آهي بحرحال اوهان جا احسان اوهان متوجه ڪيو۔ وسلام
ادا عبيد الله اهڙي حرڪت ڪو ويجهو دوست ئي ڪري سگهي ٿو عمران درويش جي ڳالهه تي عمل ڪريو وڌيڪ رحنمائيءَ لاءِ ذيشان رشيد سسان رابطو ڪري اهو ڪو پڪو حل ضرور ٻڌائيندو
ادا عُرس مون دوستن کي عرض ڪيو آهي ته ان اڪائونٽ جو وڌ کان وڌ رپورٽ ڪيو تاڪه فيسبوڪ وارا بلاڪ ڪن۔۔ ڪجهه دوستن ها ڪئي آهي ۽ ڪجهه ته ماڳهئين جواب ئي نٿا ڏين، چون ٿا ته اها وڏي ڳالهه ناهي۔۔۔۔