ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو سنڌ جو لائق اديب، محقق، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، -ايڊيٽراستاد، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو 25 مارچ 1952ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ هڪ پورهيت شوڪت علي -ٻرڙي- جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي -تعليم- گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قنبر مان، مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 1971ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. -ان- بعد ايم.بي.بي.-ايس- لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل. ايم. سي) مان پاس ڪيائين. ايم.بي.بي.-ايس- پاس ڪرڻ کان پوءِ آرميءَ ۾ بطور ڊاڪٽر چونڊجي ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان گلگت، اسڪردو ۾ رهيو، پر پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب آرميءَ جي نوڪريءَ تان مستعفي ٿي، ميلون جونس بلڊ -بئنڪ- ڪراچي ۽ -آغا خان- چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچيءَ ۾خانگي ملازمت ڪئي، پر ستت ئي قنبر هليو آيو، جتي لطيف ڪلينڪ تي، باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي ۾ مريضن جو علاج ڪندو هو، انهي عرصي دوران دل جي دوري سبب 9 -اپريل- 1997ع تي قنبر ۾ وفات ڪيائين . ڊاڪٽر محبت علي -ٻرڙي-، ايل. ايم. سيءَ ۾ -تعليم- دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي -ان- وقت جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. اتان کان سندس صحافت جي شروعات ٿي. 1992ع ۾ روزاني ”جاڳو -اخبار-“ ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو. 1978ع ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گهر“ نالي پبلشنگ ادارو قنبر ۾ قائم ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب روزاني ”هلال پاڪستان“ جو نگران به رهيو. هن پنهنجا ڪتاب مختلف نالن سان لکيا، جن ۾ ڪٿي محبت ٻرڙو، ته ڪٿي سڄڻ لطيف، مهراڻ مگسي، ساجد، سجاد قنبروي نالا استعمال ڪيا. هن جي ڇپيل ڪتابن مان ڪي سندس زندگيءَ ۾ ته ڪي کانئس پوءِ شايع ٿيا آهن، جن ۾: (1) سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ (1998ع)، (2) شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي، (1988ع)، (3) ڄاڻي سڃاڻي، ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، (1988ع)، (4) سنڌي عوام جو قومي -اتحاد- ۽ ڪي سازشي، (1989ع)، (5) پ. پ. پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن، (1989ع)، (6) سنڌيو سجاڳ ٿيو، (1989ع)، (7) سنڌي مار سورما، (1990ع)، (8) سنڌين جا -اتحاد-، (1902ع)، (9) ايم. ڪيو. ايم ڪي دهشتگرد سياست، (10) چين مٿان ڳاڙهو تارو، (11) -اٽڪ- قلعي کان (1990ع(، (12) موسيٰ کان مارڪس تائين، (2006ع)، (13) جدلي ماديت جا بنيادي اصول(2008ع)، (14) ٻوليءَ جو بڻ (2007ع)، (15) -انسائيڪلوپيڊيا- سنڌيڪا (1998ع)، (16) ماڻهو ۽ ماڻهپو(1999ع)، (17) شعور (2004ع)، (18) ڌرتي منهنجو گهر (2009ع)، (19) سنڌ، حڪمران، -ايم ڪيو ايم- ۽ سنڌي عوام (2006ع). -ان- کان سواءِ لا تعداد مقالا، مضمون ۽ ٻيا ڪتاب پڻ موجود آهن. ڊاڪٽر محبت جي وفات کان پوءِ سندس ويجهن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو تبديل ڪري ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ نالو رکيو. هن اڪيڊميءَ پاران هر سال ”محبت ٻرڙو اوارڊ“ ڏنا ويندا آهن . آئيني آڏو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو نانءُ: محبت علي ٻرڙوجنم تاريخ: 25- مارچ 1952ع.پسند ڪندو آهيان: ٻڌڻ، پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ چوڻ.نفرت اٿم: ظلم، جِهل ۽ ڪوڙ کان.منهنجو ماضي: ٺيڪ ٺاڪ.پسند جو رنگ: هر رنگ جي رونق پنهنجي.پسند جي مند: سرءُ جي مند مڙيوئي ڪجھ گھٽ پسند اٿم.پسند جو ليکڪ: مختلف موضوعن تي لکندڙ سوين ليکڪ پسند اٿم.پسند جو ڪتاب: مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب پسند اٿم.پيارو دوست: هن سوال جو جواب ”دوست“ جو مفهوم ڄاڻڻ کان پوءِ.منهنجي خوبي: وت ۽ وس آهر توڙ تائين نڀائڻ.ڪڪ ٿيندو آهيان: بڪواس ۽ ڊاڙ ٻُڌي/پڙهي.خوش ٿيندو آهيان: ڪنهن چڱي شيءِ تي ڄاڻ پرائي، کنيل ڪم پورو ڪري، ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندڙ ايجاد بابت ٻڌي، وغيره.منهنجي آئيڊيل/پسند جي شخصيت: ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ جيني مارڪس جي ڪردار کي ملائي هڪ ڪري سگھو ته...منهنجي ڪمزوري: هڪُ (منهنجي نظر ۾) سٺو ڪتاب.آخري خواهش: ڇو ڀلا؟ڏس/پتو:لطيف ڪلينڪ، قنبر. ڪوڊ: 77210،ضلعو لاڙڪاڻو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو۔۔۔۔تحرير: رياضت ٻرڙوزندگيءَ جو ننڍايل خاڪوڊاڪٽر محبت ٻرڙو همه گير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڌ جو هڪ لائق سپوت هو. هُو هڪ ئي وقت سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب، مترجم، محقق، سياسي ـــ ادبي ـــ سماجي ـــ لسانياتي ـــ تحقيقي تنقيد نگار، صحافي، ايڊيٽر، ’استاد‘، ڊاڪٽر، اتساهڪ ڪردار، کاهوڙي فرد، ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ انساني چڱاين ۾ يقين رکندڙ شخص هو. هُو حقيقي معنى ۾ پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو. ڄم ۽ تعليم ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو 25 مارچ 1952ع (گھريلو شجري موجب 22 ربيع الاول 1372هه) تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ هڪ پورهيت جي گھر ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ، سِکڻ ۽ سمجھڻ سان پيار هو، جنهنڪري استادَ ڀانئڻ لڳس. هن پرائمري تعليم 64-1959ع دوران گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قنبر مان، مئٽرڪ 69-1964ع دوران ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 71-1969ع دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان امتيازي حيثيت سان پاس ڪئي، جو سندس چُونڊ (سليڪشن) ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري ۾ آسانيءَ سان ٿي وئي. ڊگري ڪاليج جي لائبريريءَ مان ڊاڪٽر محبت روزانو ٽي چار ڪتاب کڻي، سوين ڪتاب مختلف موضوعن تي پڙهيا. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ايل ايم سِي ۾ گريجوئيشن (ايم بِي بِي ايس) 79-1972ع دوران ڪئي. اتي سندس رهائش ”البيروني هال“ جي 45 نمبر ڪمري ۾ هئي. گريجوئيشن جي سندس ان طويل عرصي جو سبب ايم بي بي ايس جي آخري سال ۾ سندس تمام گھڻيون سياسي سرگرميون ۽ ملڪ ۾ مارشل لا سبب يونيورسٽين جي تعليم ۾ پيل رُخنا هئا. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو تعليمي خرچن ۾ ساٿ سندس ڀاءُ فتح عليءَ ڏنو، جيڪو شارجه (يُو اي اِي) جي ڳوٺ خورفڪان ۾ درزڪو ڪم ڪري رهيو هو. ٻئي طرف ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مختلف اسڪالرشپون به ملنديون رهيون. نوڪري ۽ خانگي ڪلينڪ ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 82-1980ع دوران ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ڪئي، جنهن دوران هُو گلگت، اسڪردو ۽ ڪوئٽا ۾ به رهيو. پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب ڊاڪٽر محبتَ ڪئپٽن ڊاڪٽر جي عهدي تان مستعفي ٿي موٽي آيو، جنهن کان پوءِ هن 1983ع ۾ ميلوِن جونس بلڊ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ۽ 84-1983ع دوران دَ آغا خان چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪئي، پر ستت ئي نوڪريءَ جي پابندين کان پاڻ کي آجو ڪري، اباڻي شهر قنبر هليو آيو، ته جيئن پنهنجن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري سگھي. 1984ع کان 1997ع ۾ وفات تائين، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جنرل ميڊيڪل ڊاڪٽر طور لطيف ڪلينڪ تي، قنبر جي باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي ۾ مريضن جو علاج ڪيو. شاهه لطيف سان کيس بيحد عقيدت هئي. هُو لطيف ڪلينڪ تي ايندڙ مريضن کان ايتري ته معمولي فِي وٺندو هو، جو اڪثر ڪري ڏيهاڙي گذر سفر لاءِ به کُٽي پوندو هو. مريضن کي ميڊيڪل اسٽور جي بيحد سستي دوا لکي ڏيندو هو، وس پُڳي مريضن کي سُئي (انجيڪشن) نه هڻندو هو ۽ لاچار مريضن کي دوا درمل لاءِ پنهنجي هڙان وڙان به دوا ڏيندو هو. سال ۾ عيد الفطر ۽ عيد الاضحى تي صرف ٻه ڏينهن ۽ ڏهين محرم الحرام تي هڪ ڏينهن ڪلينڪ بند ڪندو هو. البت ڪراچيءَ يا حيدرآباد ويندو هو ته ٻه، ٽي ڏينهن ڪلينڪ کان سندس غير حاضري ٿيندي هئي. شادي ۽ اولاد ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شادي 1983ع ۾ محترمه صفيه ميمڻ سان ڪراچيءَ ۾ ٿي. کيس اولاد ۾ هڪ پُٽ انجنيئر ساجد محبت آهي، جنهن ڪيميڪل ٽيڪنالاجيءَ ۾ بِي اِي ڪئي آهي. هينئر ڪراچيءَ ۾ هڪ نجي ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل آهي. مطالعو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مطالعي کي ارپيندڙ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي تڪڙي مطالعاتي رفتار ۽ ذهين هئڻ ڪري ڪتابن مان ڪم جا نُڪتا جَھٽي وٺندو هو ۽ بيان ڪيل ڳالهه وغيره جي تهه در تهه خيال تائين رَسائي حاصل ڪري سگھندو هو. اها ئي ڳالهه سندس ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي سگھه ۾ به سمايل هئي، جنهن کيس سٺو محقق ۽ گھڻ پاسائون تنقيد نگار بنجڻ ۾ گھڻي مدد ڪئي. مشهور مصور منصور عالم ابڙي جي ترغيب تي ايل ايم سي ۾ سندس مطالعي هڪ نئون ۽ وڌيڪ ڪارگر رُخ اختيار ڪيو، جڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو شروع ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جو بنياد رکيو، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيڻ لڳو. وٽس ڪيترائي رسالا ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ئي پهچي ويندا هئا. ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ سندس ڪچهريون اديبن ۽ عالمن سان ٿيون، جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي اهم آهي. اتان جي درسگاهن سندس شخصيت ۾ نئون نکار پيدا ڪيو. هن تمام گھڻا ڪتاب ۽ رسالا انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهيا. ڪو به ضخيم ڪتاب پڙهي پڄائڻ ڪاڻ هن لاءِ ٻه چار ڏينهن ڪافي هوندا هئا. ادبي ۽ صحافتي سرگرميون ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ايل ايم سِي ۾ پڙهڻ دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح جا ليک ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ”شاگرد“ پبليڪيشن، ”انجيڪشن“ پبليڪيشن ۽ ايل ايم سي جي ”لياقت“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيا. شايد سندس پهرين ڪهاڻي ”ڊاڪٽر“ هئي، جيڪا ايل ايم سي جي سالياني مخزن ”لياقت“ ۾ 74-1973ع ۾ ڇپي، جنهن سان سندس ادبي زندگيءَ جي شروعات ٿي. پوءِ ڊاڪٽر محبت مسلسل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، طنز و مزاح جا ليک لکيا ۽ چونڊ ڪتاب ترجمو ڪيا. ساڳئي وقت هُو ”سنڌي“ پبليڪيشن ڄامشوري (’سنڌي ڊائجسٽ‘) جِي اٺين ۽ نائين ڪڙيءَ جي مُرتبن ۾ شامل (اسسٽنٽ ايڊيٽر) ۽ ڇپرائيندڙ رهيو. اها سندس صحافتي ڪم جي شروعات هئي. 1977ع ۾ هُو ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر ۽ ”انجيڪشن پبليڪيشن“ ڄامشوري جو ٻانهن ٻيلي ۽ ڪاتب رهيو، جن ۾ هن قلمي نالن سان ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. هُو ”رهبر ڊائجسٽ“ حيدرآباد سان سهڪار ڪندڙ رهيو.ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 92-1991ع ۾ روزاني ”جاڳو“ ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو، جنهن ۾ هن قنبر تعلقي جي مختلف خبرن کي ايمانداريءَ سان رپورٽ ڪيو. ان حوالي سان هن ذميوار صحافيءَ طور پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪيو. پبلشنگ ادارو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي قنبر ۾ 1978ع ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گھر“ نالي پبلشنگ اداري جو بنياد رکيو، جنهن پاران پاڪيٽ سائيز ۾ هڪ ڪتاب ”مائو زي تنگ“ ليکڪ: رسول بخش پليجو، جنوري 1979ع ۾ ڇپرايو ويو. 1994ع ۾ ڊاڪٽر محبت جي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي پبلشنگ ادارو قائم ڪري، اداري جي نالي بابت کانئس راءِ ورتي ته ڊاڪٽر محبت ان جو نالو ”ڏاهپ پبليڪيشن“ تجويز ڪيو، جيڪو حتمي طور طَي ڪيو ويو. سنڌالاجيءَ ۾ ڪيل ڪم ٻوليءَ جي جھيڙن ۾، جڏهن سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ لائبريريءَ جو ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي آرٽسٽ دوست منصور عالم ابڙي سان گڏجي، سج لٿي کان پوءِ، ڪيترائي ڪلاڪ روزانو ويهي، پنهنجن خوبصورت اکرن سان ڪتابن جا اعزازي طور ڪئٽلاگ لکي، ان ڪم ۾ هٿ ونڊايو. سماجي خدمتون ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 76-1974ع دوران ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي، جيڪا سندس صلاح سان ڀائو درمحمد ٻرڙي قائم ڪئي هئي، ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“ جي زير انتظام هئي. هر هفتي ٻارڙا سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻَ ۽ ٻارن کي تربيت ڏيڻَ لاءِ ڊاڪٽر محبت ڄامشوري کان قنبر ڪَهي ايندو هو. سندس ان عمل سان قنبر ۾ ترقي پسنديءَ جي پهرئين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي دَور جي شروعات ٿي. ان ئي تسلسل هيٺ 1977ع ۾ هُو سماجي ڀلائيءَ جي تنظيم ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني ميمبر به رهيو. قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر“ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري 94-1993ع دوران رهيو، جنهن ۾ خاص طور ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ڪارگذارين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، قنبر شهر جي صفائيءَ سٿرائيءَ لاءِ اپاءَ ورتا ويا. هو ”ڪاميٽيءَ“ جي مختلف پروگرامن کي عملي روپ ڏيندڙ ساٿين مان هڪ هو. هُو 1989ع ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ کان 1997ع ۾ وفات تائين، ان ڪلب جي نئين نالي ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ سان لاڳاپيل ۽ ان جي فڪري اڳواڻي ڪندڙ رهيو، جنهن پاران هن ڪجھه ليڪچر بنيادي سائنسي موضوعن تي ڏنا ۽ ”اڪيڊمي“ پاران 1992ع ۾ ٽن مهينن تائين روزانو ”انگلش ٽيچنگ پروگرام“ ۾ رضاڪار ٽيوٽر رهيو. ان کان سواءِ اڪيڊميءَ جي سائنسي پبليڪيشن سلسليوار ”سائنسي سوچ“ جو فڪري اڳواڻ رهيو. ڊاڪٽر محبت 1994ع ۾ ”سنڌ فورم فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد (روشني فورم)“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان فورم جي گڏجاڻين ۾ هن سرگرميءَ سان حصو ورتو. هُن ”هيومن رائيٽس ڪانفرنس“ لاڙڪاڻي ۾ خصوصي طور هڪ مضمون انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ”انساني حق ــــ هڪ مختصر تاريخي خاڪو“ پڙهيو. سياسي سرگرميون 1976ع ۾، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي سرگرمين جي ابتدا ايل ايم سي ۾ ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ (س ش ت) جو يونٽ کولڻ ۽ ان جو ميمبر ٿيڻ سان ٿي، جنهن جو هُو 1978ع تائين باني سيڪريٽري رهيو. اتي هُن سياسي تعليم جو ڪم سرگرميءَ سان ڪيو، جنهن ۾ خاص طور سماجي، سائنسي، علمي، جدلياتي ۽ فڪري موضوعن تي ڏنل سندس ليڪچر ڌيان لهڻن ٿا. 79-1978ع دوران ڊاڪٽر محبت سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌ، جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي ۾ هن پنهنجي علمي سياسي ڪم کي وڌيڪ پکيڙيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ ليڪچر ڏنا، جن مان ڪيترائي ليڪچر ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليا. اهو مارشل لا جو قهري دَور هو، جنهن ۾ سياسي سرگرمين تي وڏي سختي هئي ۽ لينن، مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن تي وٺ پڪڙ هئي، جيڪي ڊاڪٽر محبت جي قنبر واري گھر توڙي ڄامشوري ۾ هاسٽل تي گھڻي تعداد ۾ موجود هئا. ڊاڪٽر محبت نه صرف اهي ڪتاب وٺندو هو، پر ڪوشش ڪري پڙهي به ڇڏيندو هو. هيءُ دَور سندس لکڻ بدران مطالعي سميت عملي ڪم جو هو، جنهن ۾ مٿس سياسي ڪيسَ به داخل ڪيا ويا. ڄامشوري ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ان جي ٺهيل ”مرڪزي تعليمي ڪاميٽيءَ“ جو بنيادي ميمبر به رهيو، جنهن ۾ هن 50 کان وڌيڪ موضوعن تي، 500 کان وڌيڪ ليڪچرَ سنڌ جي مختلف يونٽن ۾ ڏنا، جن تنظيم اندر سياسي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو. 1980ع ۾، عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ کان پوءِ ۽ 1984ع ۾ قنبر ۾ اچڻ سبب ڊاڪٽر محبت سنڌ ۾ سياسي سرگرمين کان پاسائتو ٿي ويو، پر قنبر ۾ سندس سياسي قلمي ڪم جي شروعات ٿي، جيڪو سياسي سرگرمين سبب ماٺو پئجي ويو هو. تخليقي سياسي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 1988ع ۾ سياسي ــ تنقيدي ادب جو شاندار ڪتاب ”...جيڪو سچ چوي“ (قلمي نالن ’لطيف ۽ سڄڻ‘ سان) لِکِي پڌرو ڪيو، جيڪو ڪرائون سائز ۾ 372 صفحن تي مشتمل هو ۽ جنهن ۾ سنڌ جي سياسي اڳواڻ جِي ايم سيد ۽ ايم ڪيو ايم سميت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف مختلف سياسي پارٽين جي سرگرمين جو تنقيدي جائزو ورتو ويو هو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي اهو ڪتاب لکڻ تي عوامي تحريڪ پاران ’علمي محاذ جو سپهه سالار‘ ايوارڊ طور اجرڪ اوڍايو ويو. ”...جيڪو سچ چوي“ جو آخري باب ”هٿ وڌايو ــــ سنڌ بچايو“ نالي سان الڳ ڪتابي روپ ۾ 1988ع ۾ ڇپيو. ساڳئي عرصي ۾ ڊاڪٽر محبت جا مٿين ٻن ڪتابن کان سواءِ هيٺيان مختصر ڪتاب ڇپيا: 1. سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ ۽ سنڌي قوم جو اردو ڳالهائيندڙ حصو سنڌ تي ميري نظر رکي ٿو (درحقيقت ”...جيڪو سچ چوي“ ڪتاب جا آخري ٻه باب الڳ ڪري ڇپرايل) 2. شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي (1988ع. قلمي نالو: لطيف. عوامي تحريڪ ۽ ان سان واسطيدار مختلف تنظيمن جي مختصر ڄاڻ) 3. ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري (مارچ 1988ع. قلمي نالو: سڄڻ. وطن دوست پارٽيءَ جو سياسي تجزيو) 4. سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي (مارچ 1988ع. قلمي نالو: سڄڻ) 5. ڇا ايم ڪيو ايم ـــ پ پ پ ٺاهه سنڌي ماڻهن خلاف خوفناڪ، تباهه ڪندڙ ۽ موتمار سازش ناهي؟ (جنوري 1989ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي. نام نهاد ’ڪراچي ٺاهه‘ جو تجزيو) 6. پ پ پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن (1989ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي) 7. سنڌيو سجاڳ ٿيو: سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن سازشن کان هر گھڙي خبردار رهو (1989ع. قلمي نالو: مهراڻ مگسي) 8. سنڌي مار سورما(فيبروري 1990ع. قلمي نالو: لطيف ۽ سڄڻ. ضياء دَور ۾ ”جساف“ جي ڪارنامن جو مختصر ذڪر) 9. سنڌين جا اتحاد (1990ع ۾، 200 عدد صفحن تي مشتمل، جنهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارن 40 سالن دوران ٺهيل/ڪيل سنڌي سياسي پارٽين جي اتحادن جو جائزو ورتل. اڻ ڇپيل ڪتاب) 10. ايم ڪيو ايم ڪِي دهشتگرد سياست (اردو ۾ لکيل تفصيلي ڪتاب. صفحا لڳ ڀڳ 600 عدد. اڻ ڇپيل) عوامي تحريڪ کان عليحدگي 1990ع ۾ عوامي تحريڪ سازشن جي وَر چڙهي ٽٽڻ لڳي، ته ڪيترائي سرگرم سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ يا ته پارٽي ڇڏڻ لڳا يا انهن تي مختلف الزام هڻي کين خارج ڪيو وڃڻ لڳو. ٻئي طرف شهيد فاضل راهوءَ جو پٽ محمد اسماعيل راهو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هن ڌار گروپ قائم ڪيو، ته کوڙ ساترا ڪارڪن سندس گروپ ۾ به شامل ٿيا. ڊاڪٽر محبت اهڙي وقت ۾ پنهنجن ويجھن دوستن سميت وڏي ڏک منجھان ان صورتحال کي جاچي رهيو هو. هُن محمد اسماعيل راهو جي ڪارگذارين کي نظر ۾ رکندي هڪ مضمون ”فاضل جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ هجي ها ته...“ پنهنجي محبوب ڪردار شهيد محمد فاضل راهوءَ جي چوٿينءَ ورسيءَ جي مناسبت سان لکيو، جيڪو 17 جنوري 1991ع تي ”عوامي آواز“ ۽ ”جاڳو“ اخبارن ۾ ڇپيو ۽ وري عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي ڪارگذارين جي پس منظر ۾ هڪ ٻيو مضمون ”سنڌ جو سورهيه شهيد فاضل راهو“ شهيد محمد فاضل راهوءَ جي پنجينءَ ورسيءَ جي مناسبت سان لکيو، جيڪو 17 جنوري 1992ع تي ”عوامي آواز“، ”الوحيد“ ۽ ”جاڳو“ اخبارن ۾ ڇپيو، ته اهو مضمون لکڻ ۽ پارٽي اڳواڻ تي تنقيد ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ ”غدار“ سڏي، ڊاڪٽر محبت کي 1992ع ۾ عوامي تحريڪ مان خارج ڪيو ويو. ان ريت، هڪ ڊهندڙ پارٽي کيس چاهيندڙن ۽ وڌائيندڙن مان هڪ اهم شخص کان محروم ٿي وئي. علمي ڪمن جي شروعات ڊاڪٽر محبت ان کان پوءِ ٻيءَ ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، ان جي بدران هن سياسي صورتحال تي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ، مختلف علمي مقالا ۽ مضمونَ لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاح سازي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ، ان جي لفظن ۽ گرامر تي تحقيق ڪرڻ، علمي ليڪچر ڏيڻ ۽ سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندس اهو ڪم تمام گھڻو، گھڻ طرفو ۽ ڳُوڙهو آهي. سياسي سرگرمين کان پوءِ ڊاڪٽر محبت جي اها هڪ اهم ۽ پائدار پيش رفت هئي، جنهن کيس سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ هڪ نئون ۽ پائدار تعارف ڏنو.هتي سندس تحريري ڪم ۽ سرگرمين تي مٿاڇري نظر وجھون ٿا: ڪجھ تخليقي سياسي مضمون 1. سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي 2. سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيراشاهيءَ جو منفي ڪردار 3. سويت يونين کان پوءِ دنيا ڪٿي بيٺي آهي؟ 4. پاڪستان ۾ جمهوري قدرن کي پائدار ڪيئن بنائجي؟ 5. سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست 6. سنڌ جون گھڻ گھريون ڌريون دهشتگردن کي ڪيئن منهن ڏين؟ 7. رياست جي بُڻ بابت نظريا 8. سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم 9. سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت 10. عوامي تحريڪ ۽ پليجو گروپ 11. سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ 12. سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو ۽ ٻيا انيڪ مضمونَ، جيڪي ”جاڳو“، ”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“، ”سنڌ“، ”الوحيد“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا. ترجمو ڪيل ڪجھه سياسي مضمون 1. ڪئناڊا ايڪئل رهڻ جي اميد رکي ٿو (ليکڪ: اظهر علي) 2. سنڌ مسئلن جي حقيقي صورتحال ڇا آهي؟ (ليکڪ: اقبال جعفر) 3. سويت يونين کان پالهي ڌرتي (ليکڪ: مشتاق احمد) 4. آيت اللھ جو ڀوت (ليکڪ: فريڊ هاليڊي) 5. ماسڪو ۾ ڊپ ۽ ڀُل (ليکڪ: جوناٿن اسٽيل) 6. پِي اين اي تحريڪ: ابتدا ۽ انتها (ليکڪ: منير احمد) 7. احمد شاهه ابداليءَ جون سنڌ تي ڪاهون (ليکڪ: عزيزالدين احمد) ۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ڪيل سياسي مضمونَ. ترجمو ڪيل سياسي ۽ فڪري ڪتاب 1. چين مٿان ڳاڙهو تارو (ليکڪ: ايڊگر سنو. هڪ باب هفتيوار ”سنڌُو“ ۾ ڇپيل، وڌيڪ اڻڇپيل) 2. اٽڪ قلعي کان (ڇپيل، مئي 1990ع. 181 صفحا. ليکڪ: ميجر آفتاب احمد) 3. موسى کان مارڪس تائين (ڇپيل، اپريل 2006ع. ليکڪ: سبطِ حسن) 4. جدلي ماديت جا بنيادي اصول (ڇپيل، اپريل 2008ع. ليکڪ: اي. اسپرڪن ۽ او. ياخوت) 5. ڇا اسين گڏ رهي سگھون ٿا؟ (ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد. ٻه باب ”جاڳو“ ۾ ڇپيل، وڌيڪ اڻڇپيل) 6. سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ ۽ ايم ڪيو ايم جي پٽيشن جو ترجمو (اڻڇپيل) تخليقي مقالا ۽ مضمونَ 1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (۽ ٻيا مضمونَ ’مواد سهيڙيو مهم‘ هيٺ لکيل) 2. ٻول گھاڙيتو 3. سنڌيءَ ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي 4. هر هڪ لفظ هيري کاڻ 5. ضميري پڇاڙيون ۽ صحيح سنڌي ٻولي 6. جامع سنڌي لغات جو جائزو: پهرئين جلد جي حوالي سان پهرئين پڙهڻي. 7. الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ ـــــ ڪجھ اعتراض ۽ انومان 8. استدلال جو اهو طريقو غلط آهي 9. ڀُونڄاڻي ڪئلينڊر بابت بنيادي ڄاڻ 10. ماڻهو ۽ ماڻهپو 11. زندگي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي 12. انساني حق ـــــ مختصر تاريخ 13. ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو 14. ماڻهوءَ ۽ سندس آڳيتن (پروسِيڊرس) جي ارتقا (اڻڇپيل) 15. خاڪن جو خاڪو ترجمو ڪيل تحقيقي مقالا ۽ مضمونَ (مختلف سبجيڪٽن سان واسطيدار)1. آمريءَ جي اوسر کان منصوره جي ميسارجڻ تائين ــــــ سنڌ جون ٻوليون (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 2. چار هزار ورهيه ق م ــــــ سنڌ جي ٻولي (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 3. سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 4. سنڌ جا شهر ۽ وَسنديون (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 5. سنڌ ۾ ماڻهو (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 6. ڀُونڄاڻي ڪئلينڊر (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 7. ٿر ۽ ڪوهستان رڻن جا وڻ ٽڻ (ليکڪ: مسز فرزانه پنهور) 8. سنڌ ۾ زرعي ــ آبهوائي علائقن بابت نئين سوچ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 9. پاڪستان ۾ سنڌ جي معاشي ڦرلٽ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 10. ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ مکيه ٻوليئاڄاڻي وڻڪن جي چونڊ (ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو) 11. ڪميونيڪيشن ميڊيا جو استعمال (اڻڇپيل. ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو) ان کان سواءِ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيي جي پِي ايڇ ڊِي ٿيسز جي پنجين باب جو ترجمو ڊاڪٽر محبت ڪيو، پر پوءِ ترجمي جو ٺاهه ختم ڪيو ويو. تخليقي ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب 1. انقلاب (ليکڪ: جارج آرويل. ناول جو اختصار) 2. پڙهجي ڪيئن؟ (ترجمو. پبلشر وٽان مسودو گم ٿيل) 3. شعور(180 صفحا. اسڪرپٽ پبلشر وٽان گم ٿيل. پهرئين مسودي تان ڪتاب وفات کان پوءِ ڇپيل) 4. ٻول جو بُڻ (200 صفحا. وفات کان پوءِ ڇپيل) 5. ٻوليءَ جو بُڻ (191 صفحا. وفات کان پوءِ ڇپيل) 6. ڌرتي منهنجو گھر (200 صفحا. ٻه باب ڇپيل) 7. ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور. ڪجھ باب ڇپيل) 8. سورس مٽيريل آن سنڌ (ليکڪ: ايم ايڇ پنهور) 9. ڪوٽيشنس/اقتباسات (ترجمو. 250 صفحا. ڪجھ اقتباس ڇپيل) ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي جي مختصر سائنسي معلوماتي ڪتاب ”سائنسي معلومات“ جي تصحيح ڪئي ۽ سندس ٻين ڪيترن ئي مضمونن تي نظرثاني ڪئي. ادبي ايوارڊ ڊاڪٽر محبت کي ماهوار ”ڪينجھر“ حيدرآباد پاران مضمون نويسيءَ جو ”ڪينجھر ادبي ايوارڊ“ 1994ع، سندس لکيل تحقيقي مقالي ”جامع سنڌي لغات جو جائزو...“ تي ڏنو ويو. ان نسبت سان جنوري 1995ع ۾ ساڻس سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران ادبي ويهڪ پڻ ڪئي وئي. قلمي نالا ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جن مختلف قلمي توڙي اصلي نالن سان لکيو، تن ۾ هي نالا شامل آهن: محبت، محبت علي، م. ع.، ساجد، ساجد اجيد، سجاد قنبروي، قنبروي، لطيف، سڄڻ، سڄڻ ٻرڙو، مهراڻ مگسي ۽ محبت ٻرڙو. سنڌي ادبي سنگت قنبر سان وابستگي سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ويجھڙائي رهي. سنگت قنبر جي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ وقتاً فوقتاً شريڪ ٿيندو ۽ پنهنجون مفيد صلاحون ڏيندو رهيو. هو سنگت قنبر جو 1995ع ۾ باضابطا ميمبر ٿيو ۽ سنگت قنبر پاران هن ”سنڌي ٻوليءَ جا آواز“ موضوع تي ليڪچر ڏنو ۽ ”لطيف جو فڪر“ ليڪچر ۾ عظيم سومري سان ٻانهن ٻيلي رهيو. وفات هن عالم، اڻ مُلهه ۽ محبتي شخص ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات دل جي دَوري سبب، 9 اپريل 1997ع تي، اربع ڏينهن، منجھند جو ٻي وڳي ڌاري، قنبر جي گوپانگ محلي ۾ واقع پنهنجي گھر ۾ ٿي، جنهن ساڻس واسطيدار هر ماڻهوءَ کي بيحد ڏکوئي وڌو هو.ڊاڪٽر محبت پنهنجي زندگيءَ جي مختصر عرصي ۾، سياسي، علمي ۽ ادبي سفر دوران، انيڪ شاگرد ۽ دوست ٺاهيا، جن مان ڪيترائي سنڌ، سنڌين ۽ انسانيت جي واڌاري لاءِ هاڻي به پتوڙي رهيا آهن. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ سندس ويجھن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو تبديل ڪري ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي رکيو، جنهن جي منشور ۾ هڪ نُڪتو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪيل ڪمن کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ شامل آهي. ”اڪيڊمي“ پاران سندس چاليهو 25 مئي 1997ع تي منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي سندس لکيل تعارفي بُڪ ليٽ ڇپرائي وئي. اڪيڊمي هر سال اپريل مهيني ۾ سنڌ سطح تي ڊاڪٽر محبت جي ورسي منعقد ڪري ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبت جو نئون ڪتاب پڻ ڇپرائي پڌرو ڪري/ڪرائي ٿي. اڪيڊميءَ پاران 2002ع کان وٺي، ورسيءَ جي موقعي تي، علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ نمايان شخصيتن کي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ پڻ ڏنا وڃن ٿا. وفات کان پوءِ ڇپيل ڪتاب 1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (1998ع. مقالا، مضمون ۽ علمي خط) 2. ماڻهو ۽ ماڻهپو (1999ع. مقالا ۽ مضمون) 3. اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون (2000ع. مقالا ۽ مضمون) 4. يادون ۽ سُڪون (2001ع. انٽرويو، ڪهاڻيون، طنز و مزاح ۽ ننڍايل ناول) 5. ٻوليءَ جو بُڻ (2002ع. تحقيقي ڪتاب) 6. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت (2003ع. مقالا ۽ مضمون) 7. شعور (2004ع. مڪمل ڪتاب. ٻيو ڇاپو 2008ع) 8. موسى کان مارڪس تائين (پهريون ڀاڱو، 2005ع. ترجمو. ليکڪ: سبطِ حسن. مڪمل ڪتاب ٻيهر 2011ع ۾ ڇپيو، ترجمي ۾ رياضت ڀاڱي ڀائيوار) 9. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (2006ع. سياسي مضمونَ) 10. ٻول جو بُڻ (2007ع. تحقيقي ڪتاب) 11. جدلي ماديت جا بنيادي اصول (2008ع. ترجمو. ليکڪ: اي. اسپرڪن ۽ او. ياخوت) 12. ڌرتي: منهنجو گھر (2009ع، سائنسي معلوماتي ڪتاب) 13. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي (2010ع. ترجمو. ليکڪ: ايم.ايڇ. پنهور) 14. ڏاهپ جو جنم (2011ع. ترجمو. رياضت سان گڏ) 15. فلسفو: هڪ مطالعو (2012ع، ٻه ننڍا ڪتاب گڏ) ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جي مضمونن جا لنڪس ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيوحياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذريو وڃي؟ رياست جي بُڻ بابت نظريا ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت
ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي مضمونن جي سهيڙ آهي، جيڪي سندس حياتيءَ ۾، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايل هيءُ ڇويهون ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اٺون ڪتاب آهي. ڊيمي سائيز ۽ آفسيٽ پيپر تي ڇپايل هي ڪتاب 264 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مُلهه 90 رپيا رکيو ويو آهي ۽ اڄوڪي هن نائين ورسي (اپريل 2006ع) جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب لاءِ ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر محبت جي ڀاءُ رياضت ٻرڙي لکيا آهن ۽ ”مهاڳ“ نامياري ليکڪ ۽ سياسي تجزيي نگار جامي چانڊيي لکيو آهي. ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ۾ ڪل ايڪيهه مضمون آهن. هي سمورا مضمون 1991ع کان 1997ع تائين، لڳ ڀڳ ڇهن سالن جي عرصي تي محيط آهن. انهن ڇهن سالن ۾ عام طرح پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي سياسي ميدان ۾ جيڪي واقعا ۽ هيراڦيريون رونما ٿيون، تن کي خالص علمي ۽ پختن دليلن جي بنياد تي پرکڻ ۽ سولو ڪري سمجھائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پيشي جي لحاظ سان ته هڪ ايم بِي بِي ايس ڊاڪٽر هو، پر پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ هُو هڪ عاليشان استاد ۽ رهبر هو. هن پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو سنڌ جي ماڻهن کي سياسي، سماجي ۽ سائنسي شعور ڏيڻ ۾ صرف ڪيو ۽ پاڻ به هڪ منظم ۽ برجستو سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ٿي رهيو. ڊاڪٽر محبت سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن تي گھري نظر رکندو هو ۽ سندن ڪردار کي بي نقاب ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجھندو هو. سنڌ جي وسيلن تي پلجندڙ ايم ڪيو ايم جي ارادن کي هو بهتر نموني سمجھندو هو. مذڪوره ڪتاب ڊاڪٽر محبت جي سياسي ۽ سماجي شعور جي سطح کي نروار ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ سڀ کان ننڍڙو مضمون آهي ”ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام“. ٻن صفحن جي هن لکڻيءَ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائڻ گھري ٿو ته سنڌ ۾ عام ماڻهو ڪنهن به حوالي سان محفوظ ناهن، جڏهن ته دهشتگرد ۽ ڌاڙيل جاوا پيا ڪن ۽ دهشتگردن جي سردار کي حاڪمن وارو مرتبو مليل آهي. ”سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي“ به هڪ ننڍڙو مضمون آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائي ٿو ته 1940ع جي ٺهراءَ ۾ ڪنهن به هڪ علائقي مان ڪنهن به ٻي علائقي ڏانهن ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذري جيترو به ذڪر ٿيل ناهي ۽ سنڌ سميت گھڻيون رياستون ان تي متفق ٿيون هيون، پر 1947ع ۾ اپکنڊ جي هڪڙي رياستن کان ٻين رياستن ڏانهن هڪ زبردست سازشي لڏ پلاڻ ڪرائي وئي. مضمون ”سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟“ ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌي پريس جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي. خاص طرح ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي آزادي، شاهبندر توڙي ڄامشوري ڀرسان سنڌي ماڻهن جي شهادت بابت سنڌي پريس جي مضبوط دليلن، جرات ۽ ڪردار کي انتهائي اهم سڏيو آهي. مضمون ”ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟“ هڪ مدلل ۽ بهترين لکڻي آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ماڻهن سياسي، سماجي ۽ معاشي طور غلام هوندي به، ان غلاميءَ منجھان ٻاهر نڪرڻ جي هر دور ۾ ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڊاڪٽر محبت هن مضمون ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڏوهاري سڏي ٿو ڇو ته انهن سنڌي عوام پاران هلايل هلچل ۽ قربانين کي پنهنجن سازشن ۽ ڳجھه ڳوهه ۾ ڪيل جوڙ توڙ وسيلي ڇيهو پئي پهچايو آهي. ”ڪُڦاٿل پاڪستاني“ هڪ ڊگھو ۽ مفصل مضمون آهي، جيڪو روزاني ”جاڳو“ ڪراچيءَ ۾ چئن قسطن ۾ شايع ٿيو هو. 1992ع ۾ ڇپجندڙ هن مضمون کي سنڌ ۾ گھڻو پسند ڪيو ويو هو. هن مضمون جو بنيادي نڪتو هي آهي ته آخر هڪ پاڪستانيءَ جي وصف ڪهڙي آهي، ۽ ڇا جيڪو به ٻاهريون ۽ ڌاريو ماڻهو پاڻ کي پاڪستاني ڪوٺائي، اهو ائين ڪرڻ سان پاڪستاني ٿي ويندو؟ هن مضمون ۾ بِهارين جي ماضيءَ کي بيان ڪندي ثابت ڪيو ويو آهي ته اهي نمڪ حرام، جلاد ۽ قاتل ماڻهو آهن ۽ جيڪڏهن اهي سنڌ ۾ آيا ته پوءِ اهي ئي عمل ڪندا جيڪي هنن بنگلاديش ۾ بنگالي ماڻهن سان ڪيا. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت اهو به ٻڌايو آهي ته آخر دهشتگرد ۽ سندن حواري بهارين کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ بضد ڇو آهن؟ ”سنڌ جي نئين چونڊيل حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جوڪردار“ نالي مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت چونڊجي ايندڙ سنڌ حڪومت کي ايم ڪيو ايم جھڙي سنڌ دشمن تنظيم پاران امڪاني رڪاوٽن ۽ مفاد پرستن کان اڳواٽ خبردار ۽ هوشيار ڪندي نظر اچي ٿو، ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته مهاجر قومي موومينٽ جو نالو متحده قومي موومينٽ رکڻ سان دهشتگردن جا ارادا بنهه تبديل نه ٿيندا ۽ اهي پنهنجي سرير ۾ ساڳيو ئي زهر رکندا رهندا. ”ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟“ ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪندڙ هڪ ننڍو پر جامع مضمون آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن هر قسم جي پرامن جدوجھد ڪي نتيجا نه ڏيندي ته ان جو منطقي نتيجو آخر ڇا نڪرندو؟ هن مضمون مان هڪ ٽڪرو هتي ڏجي ٿو: ’سنڌي ماڻهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پنهنجي، پنهنجي ڌرتيءَ، قوم، ٻوليءَ، ثقافت، سماج ۽ نفسيات جي خلاف ٿيندڙ سازشن، ارهه زوراين ۽ عملن کان وقت جي حڪمرانن کي جمهوري، قانوني، انساني ۽ اخلاقي طريقي سان انسان ٿيڻ، انسانيت ۽ جمهوريت وڌائڻ ۽ قانون کي عملي طرح قائم رهڻ جو سبق پئي ڏنو آهي. هنن هن مهل تائين ڪنهن به ثقافتي ۽ نسلي ٽولي ۽ پاڪستان جي ڪنهن به ٻِي قوم جي نه ته ڪا وسندي ويران ڪئي آهي، نه ته انهن جي اولاد کي ستايو آهي ۽ انهن جي خلاف نه وري ڪا انسانيت کان ڪِريل ڳالهه ڪئي آهي. سچ اهو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جا علمبردار ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا مخالف سنڌي ئي رهيا آهن.‘ ”ڪراچي تان قبضو هٽائڻ لاءِ“ نالي مضمون ۾ ڪراچيءَ کي عملي طرح سنڌ ۽ سنڌين کان کسڻ جي سلسلي ۾ جيڪي حرفتون، چالاڪيون ۽ مڪاريون ٿيون آهن، تن کي سولي ۽ پُراثر نموني سمجھايو ويو آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌ اسيمبليءَ جي ڪردار تي پڻ سخت تنقيد ڪئي آهي. مضمون مان چونڊ ٽڪرو هتي ڏجي ٿو: ’شرم جھڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سان ٿيل سمورين بدمعاشين جي راڻي سنڌ اسيمبلي رهي آهي. جڏهن کان سنڌ اسيمبلي ٺهي آهي، تڏهن کان اها ڪهڙي غداري، ڪهڙي سازش، ڪهڙي ڪميڻائپ آهي، جيڪا سنڌ اسيمبلي مان نه مڙهي وئي هجي؟ ڇا سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن غداريءَ جو ڏس ملي ٿو، جنهن پنهنجي ئي وطن جو نالو به ميساري ڇڏيو هجي؟ سنڌ اسيمبلي ئي هئي جنهن پنهنجي خودمختياريءَ ۽ آزاديءَ کي داءُ تي لڳائي پنهنجي وطن کي پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن جي حوالي ڪري ڇڏيو.‘ مضمون ”پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو“ به هڪ حقيقت تي ٻڌل لکڻي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيئن نه ڏوهاري ۽ ڪميڻا ماڻهو اقتدار ماڻين ٿا ۽ هن ملڪ ۾ ڏوهن وسيلي ڪاميابيون ماڻڻ ماڻهن جو سندر سپنو بڻجي ويو آهي. ”سنڌ جون گھڻ گھريون ڌريون دهشتگردن کي ڪيئن منهن ڏين؟“ نالي مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي سياستدانن کي ٻڌائي ٿو ته دهشتگردن سان جديد ۽ سائنسي بنيادن تي گھڻ پاسائين ۽ عملي جدوجھد وسيلي ئي منهن ڏئي سگھجي ٿو. باقي وڏيرڪن ٺڪائن ۽ سکڻن دهمانن سان سواءِ دشمن کي فائدي جي ٻيو ڪجھه حاصل ٿيڻو ناهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت جو بنيادي زور ان نقطي تي آهي ته دهشتگردن کي عام اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کان ڇني ڌار ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ٿيڻ کپي. مضمون ”سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن سنجيدهرويي جي گھرج“ به هڪ ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ تفصيلي مضمون آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيس ليٽر پيڊ تي ان جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر تسنيم جي لکيل هڪ خط جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هن واضح طور چيو آهي ته خدا ڪِي بستي ڪالوني ۽ ڄامشوري جي ٽنهي يونيورسٽين ٻاهران پنهنجا مخصوص ماڻهو آڻي ويهارڻ جي سازش سٽي وئي آهي ته جيئن سنڌين جي سياسي قوت کي دٻائي ۽ هيسائي سگھجي. هي مضمون ايم ڪيو ايم وارن جي سنڌ دشمن منصوبن کي سمجھڻ لاءِ سٺو مواد مهيا ڪري ٿو. مضمون ”مهاجر، اُردڪ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي“ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائي ٿو ته مهاجر ڪنهن کي چئبو آهي ۽ پڻ وضاحت ڪئي اٿس ته هر مهاجر يا اردو ڳالهائيندڙ دهشتگرد ناهي ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين تي زور ڏنو اٿس ته اهي انهيءَ فرق کي سمجھن. ”سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست“ نالي مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌ ۾ وڏيرن ۽ وڏيرڪي سياست ڪندڙ سياستدانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ۽ ٻڌايو اٿس ته انهيءَ دڙڪن واري سياست ڪري سنڌ جي مخالفن، خاص ڪري ايم ڪيو ايم کي ته ڪو به نقصان نه ٿو پهچي، الٽو انهن ڀڀڪين جو اسان سنڌي ماڻهن کي ئي نقصان ٿئي ٿو. ”سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم“ به هڪ تفصيلي ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمنيءَ کي وائکو ڪندڙ مضمون آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت ثابت ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ تي ميري نظر رکي ٿي. ڊاڪٽر 1994ع واري رڳي هڪڙي سال ۾ الطاف حسين جي ڪيترن ئي بيانن جا حوالا ڏئي بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم هر صورت ۾ سنڌ جو ورهاڱو چاهي ٿي ۽ هر وقت پنهنجي انهيءَ ناپاڪ ارادي جي تڪميل لاءِ جاکوڙي رهي آهي. ڊاڪٽر محبت الطاف حسين جي خطاب وقت جلسي گاهه ۾ لڳندڙ نعري ”سنڌ ۾ هوگا ڪيسي گذاره؟ آڌا همارا، آڌا تمهارا“ جو ان حوالي سان ذڪر ڪيو آهي. مضمون ”ايندڙ چونڊون:سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت“ ۾ ڊاڪٽر محبت ايندڙ اليڪشن جو تجزيو ڪندي ۽ نئين ٺهندڙ امڪاني حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي ان نتيجي تي پهچي ٿو ته بيشمار خامين هوندي به پيپلز پارٽي ان حوالي سان بهتر آهي ته اها پنهنجي گذريل ٽن سالن واري دور ۾ ڪڏهن به دهشتگردن آڏو نه جھڪي هئي، ان ڪري کيس ايندڙ چونڊن ۾ آخري ڀيرو ئي سهي، سنڌي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ گھرجي. ”سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌر جي ضرورت“ مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌ اندر هڪ نئين سياسي پارٽيءَ جي ضرورت کي محسوس ڪندي لکي ٿو ته، ’سنڌ ۽ سنڌين کي هڪ وڏي، طاقتور، منظم، روشن خيال، ترقي پسند ۽ عوامي سياسي پارٽيءَ جي اشد ضرورت آهي. هڪ اهڙي سياسي پارٽيءَ جي، جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي قدرتي، تاريخي، جاگرافيائي، معاشي، سياسي، ثقافتي، نفسياتي، لساني ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور عملي ۽ علمي تحريڪ هلائي سياسي سجاڳي ۽ ٻڌي پيدا ڪري، سنڌ جي گھڻي کان گھڻن رهواسين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ۽ هڪ جھنڊي هيٺ گڏ ڪري سگھي.‘ ”ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مٽائي سگھندي؟“ ايم ڪيو ايم جي فسطائي سوچ ۽ ڪردار کي وائکو ڪندڙ هن ڪتاب جو هڪ اهم مضمون آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت 1997ع ۾ قائم ٿيل نگران حڪومت بابت ڄاڻائي ٿو ته هيءَ حڪومت ايم ڪيو ايم کي انتهائي وڏيون ۽ ناجائز سهوليتون ڏئي رهي آهي، جنهن عمل سان هن دهشتگرد تنظيم جي وڌيڪ همٿ افزائي ٿيندي ۽ اهي وڌيڪ پُرزور نموني پنهنجي غليظ سنڌ دشمن منصوبن تي گامزن رهندا. مضمون بعنوان ”دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو“ ۾ ڊاڪٽر محبتَ ڪراچيءَ جي اورنگي علائقي ۾ دهشتگردن هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيل هڪ پوليس ايس آءِ طارق ارتضيٰ جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو هو. هن واقعي کي ئي ڊاڪٽر محبت نگران حڪومت لاءِ دهشتگردن پاران ڏنل پهريون تحفو ڪوٺي کيس اڳتي لاءِ خبردار ڪري ٿو. ”سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازش جو تاڃي پيٽو“ به سنڌ جي ڪراچيءَ واري بندرگاهه خلاف ٿيل گھرين ناپاڪ سازشن کي بي نقاب ۽ وائکو ڪندڙ انتهائي اهم ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ مضمون آهي. هي مضمون ڊاڪٽر محبت شايد روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچي جي 14 جنوري 1997ع واري اشاعت ۾ ڏنل هڪ خبر جي بنياد تي ئي لکيو آهي، جنهن خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيه سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي فِري پورٽ بنائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ برطانوي وزيراعظم جان ميجر پاران پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ”سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد“ هڪ طويل مضمون آهي، جيڪو چئن قسطن ۾ ”عوامي آواز“ اخبار ۾ ڇپيو. هن مضمون جو بنيادي نقطو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ورهائڻ واري سازشن جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ اهو لازم ٿي پيو آهي ته صوبائي اسيمبليءَ ۾ کڄندڙ حلف نامي ۾ وڌاءُ ڪري صوبي جي هاڻوڪي جاگرافيائي بيهڪ جي ضمانت کي يقيني بڻايو وڃي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت ايم ڪيو ايم جي زهر آلود سازشن جي حوالي سان سندن اڳواڻن، خاص ڪري الطاف حسين جا مختلف حوالن سان آيل ڪيترائي بيان نقل ڪيا آهن. مٿي ذڪر ڪيل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪتاب ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌ جي سياست ۽ سماجيت جي تاريخ آهي، جيڪا سياسي ڪارڪنن، سنڌ جي هڏ ڏوکين ۽ عام پڙهندڙن کي سياست جي علم بابت گھڻو ڪجھه سيکاري سگھي ٿي.
سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن۔ هڪ اهڙو شخص هو جنهن شاعري، ڪهاڻي ۽ ادبي تحقيق سان گڏ لسانيات تي به ڪم ڪيو۔ زندگي ساڻس وفا ڪانه ڪئي پر هن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان خوب وفا ڪئي۔ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو - رضوان گل مهراڻ جا موتي: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو