آئون تُرڪي جي جنهن شهر ۾ آيو آهيان اهو تُرڪي جي اُتر اوڀر ۾ بليڪ سي جي ڪناري تي آهي۔ ترابزون شهر جي آثارن جا پُراڻا ڪتاب شاهدي ڏين ٿا جنِ موجب هي شهر 900 قبلِ مسيح ۾ به هو. اُهو دؤر جڏهن دنيا تهذيب طرف مائل هئي ۽ يورپ پٿرن جي دؤر کان لوهه جي دؤر ۾ اچڻ لڳو هو. هي شهر تڏهن به هو جڏهن موجوده تُرڪي تي بازنطائين (رومين ۽ يونانين جي سلطنت) جو حصو هو ۽ اڄ جو استنبول پهريان بازنطائين ۽ پوءِ قسطنطنيه هو. رومين جي دؤر ۾ به هي شهر تيرينهن کان پندرهين صدي تائين صوبي جو اهم شهر رهيو ۽ اهو صوبو سلطنتِ عُثمانيه جو به حصو بڻيل رهيو. هي اُها سلطنت هئي جيڪا 17 ۽ ارڙهين صدي ۾ دنيا جي مظبوط ترين سلطنت ثابت ٿي هئي. انهيءَ در ۾ شهر جي آبادي صرف 1500 هئي ۽ انهيءِ مان مسلم رڳو 200 مس هئا. پر اڄ هن شهر جي آبادي لکن ۾ (صوبي جي آبادي ساڍا ست لک کان مٿي) آهي ۽ سؤ فيصد مُسلمان آهن. ايئن ناهي ته ڪو سڀ مُسلمان ٿي ويا پر هن شهر ۾ ماڻهن جي اچ وڃ پئي رهي آهي. ڪڏهن روم آيا ته ڪڏهن يوناني. پوءِ وري اها اچ وڃ مٽبي به رهي آهي. عيسائي ويا ۽ مُسلمان آيا. اڄ به انهيءَ دؤر جي عيسائين جو وڏو گرجا سينٽ صوفيا هڪ مسجد طور هن شهر جي اولهه ۾ موجود آهي. ويهين صدي ۾ جڏهن پهرين جنگِ عظيم لڳي ته روس ۽ تُرڪي جي جنگ لاءِ هي شهر جهڙوڪر اصل ميدان هو. ۽ هي شهر چار سال لاءِ 1914ع ۾ روس جي قبضي ۾ به رهيو جيستائين تُرڪ روسين کي تڙي ڪڍين. هِن شهر جي نالي بابت ڪيئي روايتون آهن پر اهو نالو رومين طرفان آيو جيڪو تريبزيون کان ٿيندو مختلف بگاڙن کان پوءِ هاڻي جو ترابزون آهي. سلطان سليمان اول (سلطنت عُثمانيه جو) 1495ع ۾ هِن ئي شهر ۾ ڄائو جنهن جي جاءِ پئدائش جي ڄڳهه تي اڄ به هڪ يادگار ٺهيل آهي جيڪو ڏٺم به سهي پر اُنهي وقت ڪئميرا نه هُجڻ سبب فوٽو نه ڪڍي سگهيس. اڄڪلهه پنهنجي مُلڪ ۾ ۽ دنيا جي ٻين مُلڪن ۾ به سُلطان نالي ڊرامو ترجمو ٿي هلي ٿو پيو جيڪو اهڙي ڄڳهن ڏِسڻ تي هرکائڻ لاءِ ڪافي آهي. هن همراهه جي زندگي جو اهم موڙ اهو هو ته سلطنت جي والين جي روايت ٽوڙيندي هِن هڪ عيسائي سان شادي ڪئي. توڙي جو اهو ڪم ڪو ايڏو بُرو ڪم هو نه پر هِن جي ڦِٽي جو اها مائي هن سان وفادار نه نِڪتي ۽ هن جي ڪئي ڪمائي چٽ ڪندي هن جو نالو خراب ڪيائين. هن جي وفات کان پوءِ هِن جو پُٽ ”سليم ٻيو“ به هن جي ڪيل ڪمن جو مان نه رکي سگهيو. هِن وقت هي شهر توڙي جو تُرڪي جي اولهندي شهرن جيتري تيزي سان ترڪي نه ڪري رهيو آهي پر اڄ به هِن شهر جو پورٽ بليڪ سي جو اهم ترين بندرگاهه آهي. تواريخي طور ته هي شهر واپار جو مرڪز رهيو ئي آهي ڇو ته ايران جو واپار هن ئي شهر جي بندرگاهه کان ٿيندو هو پر اڄ به هن شهر جي چانهه ۽ هيزل نٽ (اردو ۾ فندق چون سنڌي جي خبر ناهي) هڪ خُشڪ ميوو تمام گهڻو وڪرو ٿئي ٿو ٻين مُلڪن ڏانهن.هِن شهر جي يونيورسٽي ڪرادينز ٽيڪنيڪل يونويرسٽي تُرڪي جي پهرين ڇهن يونويرسٽيز منجهان آهي جنهن جا تفصيل وري ڪنهن ٻي دفعي.پنهنجي مُلڪ جو ڄڳ مشهور سفرناما نِگار (ڏُکئي نالي وارو) مُستنصر حُسين تارڙ جڏهن ٻه دفعا باءِ روڊ افغانستان کان يورپ جي دنگ تي وڃي پُهتو ۽ ساڳي پنڌ واپس آيو ته هڪ دفعو هن شهر کان به ٿيندو آيو ۽ پنهنجي سفرنامي ”نڪلي تيري تلاش ۾“ ۾ انهي وقت بابت لکي ٿو جيڪو هن شهر ۽ شهر کان ايندڙ رستي تي گُذريس، اوهان جي دلچسپي جي باعث ٿيڻ جو يقين هوندي اهو جيئن جو تيئن هتي ترجمو ڪري ڏيان ٿو۔ ڊرائيور هاڻي ڳائڻ شروع ڪري ڏِنو هو. اسان گهاٽن جهنگلن کان نِڪري ميداني علائقن ۾ اچي چُڪا هئاسين. بس جي رفتار به هاڻي ڪافي تيز ٿي چُڪي هئي. منهنجي پاسي واري سيٽ تي هڪ وچولي عُمر جو ٿُلهو جرمن همراهه ويٺل هو. ٽامي جي سنهي فريم واري عينڪ پاتل هئس ۽ هٿ ۾ ”تاريخِ ايشيا ڪوچڪ“ نالي ڪتاب هئس. چوڻ لڳو ”اسان جنهن خِطي مان گذرون ٿا پيا اهو تاريخ سان ڀريو پيو اٿئي.“ ٿُلهن شيشن پويان سندس اکين ۾ چَمڪ هئي. ”قديم يوناني سلطنت جون سرحدون هتي تائين هُيون. سلجوق سلطان الپ ارسلان هِن ئي وادين ۾ يونانين کي ٽوٽا چٻايا هئا. سلطان محمد ثاني ترابزون جو گهيراءُ ڪيو ته شهنشاههِ ترابزون دائود کي پيغام موڪليو ته منهنجا ڀاءُ ٻه ئي رستا اٿئي. . ۔ ۔ ۔ يا ته سلطنت اسان جي حوالي ڪر ۽ پنهنجي جان ۽ مال بچاءِ يا وري سلطنت سان گڏ پنهنجي جان ۽ مال کان به ويندين. دائود سياڻو هو. شهر سُلطان جي حولي ڪري پنهنجو سڀ خزانو کڻي رومانيه هليو ويو. جتي سلطان کيس هڪ قلعو هِن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ترابزون شاهراههِ ابريشم جو آخري شهر هو. هو جيڪا ننڍڙي چمڪندڙ نديءَ ڏٺئي اها درياءِ فِرات آهي جنهن جو ذريعو بڻجندڙ پاڻي به انهن جبلن ۾ ئي ڪٿي آهي. . . معاف ڪجائين تون بور ته نه پيو ٿين نه؟“ ”نه بلڪل نه نه. تون پنهنجو بيان جاري رَک“. ”مون جرمنيءَ کان استنبول ته ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪيو پر اُتان کان ترابزون بحري جهاز ۾ آيس. توکي ته خبر هوندي (جڏهن ته مون کي ته ڇا منهنجي فرشتن کي به خبر نه هئي ) ته مارڪو پولو چين جي سير وَ سفر کان پوءِ واپسيءَ تي ترابزون کان ئي وينس لاء نڪتو هو. هو شهنشاههِ چين جي حُڪم تي شهزادي ”ڪوخاتون“ کي ايران وٺيو آيو جتي شاههِ ايران هُن سان شادي جو مُنتظر هو پر مارڪو پولو جي سفر گهڻي ڊيگهه ڪئي ۽ شاههِ ايران ته گذاري ويو ۽ سندس پُٽ تخت نشين ٿيو. بهرحال شهزاديءَ کي واپس چين موڪلڻ جي تڪليف ڏيڻ بجاءِ هِن جُوان پاڻ ئي ساڻس شادي ڪري ڇڏي. شاهه صاحب منگول نسل جو هو. انهن ڏينهن ۾ ايران ۾ منگول نسل جون شهزاديون ناياب هُيون. اهڙي ۾ مارڪو پولو هِن جي جو لئي ڪرائي ته هُن به کيس وڏا انعام ڏيئي روانو ڪيو. شام جي رستي وڃڻ تي کيس ڌاڙيلن جو ڊپ هو تنهنڪري هو وينس وڃڻ لاءِ هتي ترابزون آيو ۽ بحري رستي پنهنجي مُلڪ وينس هليو ويو. ترابزون جي جنهن مُسافر خاني ۾ مارڪوپولو رهيو هو انهيءَ جا کنڊرات اڄ به ملن ٿا.“
سٺو ليک ۔۔۔ ڪاٿي توهان سلطان سليمان جي هن يادگار جو ذڪر ته نه پئي ڪيو۔۔۔ تصوير ۾ هيٺ رکيل پٿر تي سلطان سليمان بابت ڪجهه لکيل آهي۔۔۔ پر هاءِ افسوس جو اهائي لکائي سمجهو ڪي سمجهن پاڻ ته شايد ڪورا ٿياسين۔۔۔ ڇا توهان ڪوشش ڪندو۔۔۔ تصوير کي ڪجهه وڏو ڪري ڏيکاريان ٿو۔۔۔ مان ته واقعي بور ٿيس ۔۔۔ جو پورو واقعو سمجهه ۾ ئي نه آيو ۔۔۔ تاريخ پڙهڻ سان دلچسپي اٿم ان ڪري مستنصر حسين تارڙ جي ان ڪتاب جي به ڳولا ڪيم۔۔۔ پر جيئن ته ڪتاب ٽيڪسٽ بجاءِ اسڪين ٿيل اميجز تي مشتمل آهي ان ڪري ڳولڻ ڏکيو ٿي پيو۔۔۔ موڪلن دوران وقت مليو ته هن ڪتاب کي به پڙهبو۔۔۔
اوهان جو جامع جواب وڻيو۔ اهڙا ڪافي يادگار آهن تُرڪي ۾۔ مون جيڪو ڏٺو اُهو سندس پئدائش واري ڄڳهه تي آهي۔ هي لکائي پڙهڻ لاءِ جيڪي سمجهو آهن انهن جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش اڃان جاري آهي۔ ڪاميابي ناهي ٿي۔ رهي ڳالهه مستنصر جي ڪتاب جي ته اوهان اهو ذڪر پهرين باب جي آخري پيجز تي پڙهي سگهو ٿا۔ مستنصر جِن کي وڻندو آهي ته خوب وڻندو آهي ۽ ٻين کي وري صفا نه وڻندو آهي۔ هڪ دوست ته کيس سفرنامه نگار ئي نه مڃيو۔ پر هن جا فين سوين هزارين آهن۔ اوهان اهو ڪتاب پڙهي ڏِسو ۽ ٻيو خانه بدوش۔ سفر جون دلچسپ ڳالهيون ۽ تاريخ گڏ گڏ کڻي هلندو آهي۔ هتي اهو اقتباس صرف هن علائقي جي حوالي سان هو سو ڏِنم۔
محترم حفيظ صاحب ! اوهان جو لکيل مضمون ڏاڍو معلوماتي ۽ دلچسپ آهي ، ان ڪم سان گڏوگڏ اوهان پنهنجو گهڻو ڌيان ۽ وقت ان مقصد تي صرف ڪريو جنهن لا اوهان پنهنجو ديس ڇڏيو آهي ۔ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پو ٻين دلچسپ ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيندا ۔ مون کي اها پڪ آهي ته جنهن حفيظ ڄام شورو يونيورسٽي جهڙي ماحول ۾ رهي ڪري تعليمي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ، ترڪي جهڙي سڌريل ملڪ ۾ وڌيڪ لاڀ حاصل ڪندو ۔ اتان جي اندروني يا سياسي معاملن کان ڪوهين پري رهندا ۔ اوهان جهڙي اولاد تي اوهان جي والدين سان گڏ اسان کي به فخر هجڻ گهرجي ۔
چوندا آهن ته ڏکي کي ڏک به سوايا۔۔۔ مثال کڻي نه ٺهي پر مان هتي ”ڏکي“ ان ماڻهون کي سمجهندس جيڪي اڳ ئي نيڪ ۽ شريف هوندا آهن ۽ کيس نصيحتون ڪندڙ به سوايا هوندا آهن۔۔۔ اهو لکندي لڄ ته ٿئي ٿي پر ڳالهه نڪتي آ ته ڏسندو هلان۔۔۔ ننڍي لانڪون مون کي ڳوٺ جا نيڪ ۽ بزرگ هونهار ۽ مودب سمجهندا هئا ان باوجود به هر دفعي ملندي نصيحتون جاري رکندا هئا۔۔۔ ان ڪري ساڻن ملندي الائي ڇو وڌيڪ مودب ٿي بيهڻو پوندو هو۔۔۔ خير ڳالهه پئي هلي عبدالڪريم چانڊيو صاحب جي نصيحتن جي جيڪي اڳ ئي توهان تي پورو ڀروسو به رکين ٿا۔۔۔ اميد ته کين هن دفعي به مايوس نه ڪندا۔۔۔ هوئن معاف ڪجو موضوع کان هٽندي هڪ وڊيو لڳائي رهيو آهيان جنهن ۾ نصيحتن کان ڊڄندڙ انڊين اداڪار عامر خان۔۔۔ مولانا طارق جميل سان ڪئين مليو هو۔۔۔ حوالي پاڻ مولانا صاحب آهن۔۔۔ سندن مزيدار بيان ۾ هڪ ڳالهه مون کي به کلائي وڌو جڏهن عامرخان مولانا کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو هو۔۔۔
تمام سٺو جو اوهان ترڪي جي ان شهر جي تاريخ ٻڌائي جتي رهو پيا۔ اڄڪلهه مرتضى به ان ڊرامي جو شوقين ٿي پيو آهي ۽ ڊرامو آهي جو کُٽي ئي نه ٿو ۔۔۔همراهه روز ٿو چوي ته ان سلطان ڊرامي جون قسطون هٿ ڪري ڏيانس ۔۔۔۔ خير اوهان جي تحرير سٺي لڳي ۔۔۔۔ پر هن شهر جي تاريخ سان گڏ ڪجهه جاگرافي ۽ تاريخي جاين جو وقت سر تعارف ڪرائيندا رهجو۔
ادا مرتضي کي چئوس ته ان ڊرامي جون سڀئي قسطون رشيد وٽ اٿس هن کي به سلطان سليمان جي ايترين شادين تي اعتراض آهي
شادين تي اعتراض ڪرڻ چڱي ڳاله ناهي پرين ۔ متان اسان جو ڀي وارو اچي ۔ سهڻي رشيد جي لڳايل وڊيو ڏاڍي وڻي ۔