منهنجي ڪانڊيري تي ڪيل پي ايڇ ڊي!

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    اڪثر ڪري ماڻهو اهو ئي سمجهندا آهن ته جنهن ماڻهو ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ڄڻ ته هُن انهي سبجيڪٽ کي پاڻي وانگي پي ڇڏيو ۽ هاڻي کيس انهي مضمون جي ڄاڻ مُڪمل حاصل ٿي چُڪي۔ جڏهن ته ائين بلڪل به ناهي هوندو۔ (توڙي جو پي ايڇ ڊي جنهن مضمون ۾ ڪجي انهي جي وڌ کان وڌ ڄاڻ رکڻ سُٺي ڳالهه آهي ۽ انهي ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پي ايڇ ڊي لاءِ هاڻي سبجيڪٽ جي آر اي پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن پي ايڇ ڪندڙ پنهنجي سبجيڪٽ بابت ڄاڻ رکن)۔
    اصل ۾ بيچلر ۽ ماسٽرس تائين پڙهائي ۾ سبجيڪٽ جي باري ۾ عمومي ٿيوري جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اڳي ٿيل ۽ ثابت ڪيل ڪم جا تجربا يا مُشاهدا ٻيهر ڪري ٻُڌايا ويندا آهن ته جيئن شاگردن کي شيون نه رُڳو سمجهه ۾ اچن پر هو انهي تي يقين به ڪنَ۔ پر پي اڇ ڊي ۾ شاگرد ۽ سندس اُستاد طرفان اڳي ڪيل ڪم جي نواڻ يا ڪنهن ٿيوري ۾ ڪُجهه نئون ٿي سگهڻ جو مفروضُو تجويز ڪيو ويندو آهي۔ جنهن کي هڪ ڏنل وقت ۾ ثابت ڪرڻو هوندو آهي۔ ثابت ٿيڻ تي شاگرد کي پي ايڇ ڊي جي سند عطا ڪئي ويندي آهي، جيئن ته اهو مفروضو ڪنهن هڪ مخصوصو نُقطي تي هوندو آهي تنهنڪري شاگرد هڪ وڏي وقت تائين رڳو انهي تي ڌيان ڏيندو آهي۔ انهي بابت ئي پڙهندو آهي۔ انهي دؤران اڪثر ڪري کائنس سبجيڪٽ جو ٻيون شيون پڙهڻ وسري وينديون آهن۔ ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي بيچلر ليول ڄاڻ گهٽ يا وِسري ويل هوندي آهي پنهنجي سبجيڪٽ بابت۔
    مون کان اڪثر سچل ڳوٺائي دوست سليمان وساڻ جو مامو ۽ پيارو دوست غلام مرتضى وساڻ پُڇندو آهي بلڪه چئلينج ڪندو آهي ته تنهنجي پي ايڇ ڊي تي شَڪ اٿم۔ ڀلا ڪو ڪانڊيري تي به پي ايڇ ڊي ڪندو آهي ڇا؟ اهو ته منهنجو ڀلو ٿيو جو انٽر ليول تائين وقتن فوقتن ڪيمسٽري پڙهائڻ ڪري سبجيڪٽ جي بنيادي شين جو وسارو ڪونه اٿم نه ته هي همراهه ته صفا اعتبار ئي نه ڪري ها ته تون ڪيمسٽري جا چار اکر ڄاڻين يا سمجهين ٿو۔ ڪانڊيري تي پي ايڇ ڊي ڇو ۽ ڪيئن ڪيم اهو ته هو وڏو قصو آهي ڇو ته خود مون کي به اهو سڀ ڪندي 6 سال لڳي ويا پر هتي مناسب حد تائين ٿورو ڪم جي بيڪ گرائونڊ ۽ ڪُجهه ڪم بابت ڳالهه ڪندس۔
    اها ته سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي ته طِب جي ڪم ۾ ٻوٽن جو وڏو ڪردار رهيو آهي جو ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن مطابق دنيا جي موجوده 80 فيصد دوائن جو ذريعو ٻوٽا آهن۔ پر ايئن ناهي ته ڪو اهي دوائون اڄ به ٻوٽن مان حاصل ڪيون وڃن ٿيون۔ بلڪه اڄ پنج فيصد دوائون مس اهڙيون آهن جيڪي سِڌو ٻوٽن مان حاصل ڪيون وڃن ٿيون مثال طور مليريا جي لاءِ مشهور ٽيبليٽ آرٽيم جو اصل جُزو آرٽيميسن۔ اهو هڪ اهڙو ڪمپائونڊ آهي جيڪو ٻوٽي ۾ وافر مقدار ۾ تيار ٿئي ٿو پر سائنسدان اڃان اُهڙو ليبارٽري ۾ ٺاهي نه سگهيا آهن۔
    دراصل جسم ۾ ٿيندڙ ڪنهن به غير معمولي تبديلي سان ٿيندڙ تڪليف يا نُقصان کان بچڻ لاءِ دوائون ڪم اچن ٿيون۔ جن جو ڪم ڪرڻ جو انداز تالي ۽ چاٻي وارو آهي۔ هر تالي جي چاٻي الڳ تيئن هر بيماري جي دوا الڳ۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ساڳي بيماري ساڳي دوا پر اثر نه ڪندي آهي، جيئن ساڳيو تالو ساڳي چاٻي پر چاٻي خراب ٿي وڃي يا ايئن سمجهو ته گُم ٿي وڃي ته ٻي چاٻي سا به بنا اڳي ن چاٻي کي ڏِسڻ جي ٺاهڻي پوي ته ڪيترو ڏُکيو ٿيندو! ايئن ئي نون ايندڙ بيمارين ۽ اڳ وارين بيمارين جي لاءِ ٺهيل دوائن جي اثر ڇڏي وڃڻ ڪري سائنسدانن کي روز بروز نين ڪيميڪل جُزن جي ڳولا هوندي آهي ته اهي بيماري خلاف بهتر نموني اثر ڪري سگهن۔
    انهي لاءِ ڪڏهن ته موجوده دوائن جي شڪل (ڪيميڪل اسٽرڪچر) ۾ تبديلي ڪئي ويندي آهي ڪڏهن وري بلڪل نوان ڪيميڪل به ليبارٽريز ۾ تيار ٿيندا آهن۔ پر انهي ۾ وڏو وقت لڳڻ ڪري سائنسدانن هڪ طريقو تجويز ڪيو ته اُهي ٻوٽا جيڪي مُختلف دوائن طور ڪم اچن ٿا ۽ بيمارين تي اثر ڪن ٿا تِن کي چڪاسي ڏِسجي ته انهن ۾ اُهي ڪهڙا جُزا آهن جيڪي اهو ڪم ڏيکارين ٿا۔ انهي سان اهو ٿيندو جو هڪ دفعو انهي ڪيميڪل جي شڪل (جوڙ جڪ) جي خبر پئي ته بس پوءِ اُهو ليبارٽريز ۾ آساني سان تيار ڪري وٺبو۔ مثال طور هزارين سال اڳ ماڻهن کي جڏهن اڃان مُڪمل ساڃاهه به نه هئي تڏهن به هُنن Willow نالي ٻوٽي جون پاڙون چٻاڙيون ٿي ته کين بدن جو سور جهَڪو ٿي ٿيو۔ هزارين سال پوءِ سائنسدانن کي جڏهن سور ختم ڪرڻ لاءِ ڪيميڪل جي ضرورت پئي ته هُنن انهي ٻوٽي جي پاڙن کي چڪاسيو ته خبر پئي انهي ۾ Salicylic acid نالي هڪ ڪمپائونڊ آهي جيڪو سور ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو هو۔ اهو ئي ڪمپائونڊ اڄ جي مشهور ٽيبليٽ ايسپرين جو بنيادي جُزو آهي۔ پر هزارين سال اڳ جي ماڻهن کي اها خبر نه هئي ته رت ۾ موجود COX نالي هڪ انزائيم آهي جيڪو ڪنهن به سبب ڪري Prostagladin ٺاهي ٿو جنهن جي ڪري سور ٿئي ٿو ۽ اهو ڪيميڪل اهي انزائم کي اهو ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ اهو به معلوم ٿيو ته ايسپرين جي گهڻي استعمال سان رت ڇِڊي ٿئي ٿي۔ سو انهي کي هڪ مخصص حد ۾ ئي وٺجي۔
    قِصو ڪوتاهه ته ايئن سائنسدانن طِب ۾ اوائلي دؤر کان استعمال ٿيندڙ ٻوٽن جا ڪيميڪل جانچيا ته کين خبر پوڻ لڳي ته بجاءِ انهي جي جو ٻوٽا سِڌا سوان گهوٽي پياريا وڃن جِن ۾ ڪم سان گڏ نِڪمن جُزن ڪري نقصان به ٿي سگهي ٿو،،،،،، ڪم جا جُزا ڪڍي انهي جي ڊوز جي ڄاڻ وٺي پوءِ دوائون تيار ڪجن۔ اهو ئي سبب آهي ته حِڪمت جي دوا دير اثر ڪندي آهي جو ڪم جو جزو ٻوٽي ۾ تمام ٿوري مقدار ۾ هوندو آهي جيڪو دير سان اثر ڪري ٿو۔ يا وري قدرت طرفان ٻوٽن جي پنهنجي دفاع لاءِ خلقيل ڪيميڪلز جسم کي نقصان به ڏيئي رهيا هوندا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔حِڪمت جي ڪم ڪندڙن جو توڙي جو اختلاف آهي ته ٻوٽن مان ڪڍي شڪل ڏِسي اُهڙا ٺاهيل ڪيميڪل اوترا مؤثر ناهن جيترا هو ٻوٽي ۾ رهي ڪري هوندا آهن ۔ ۔ ۔ ۔ متان اهي حڪيم صحيح به هُجن پر وقت سان گڏ انسان جي ايوريج زندگي جا سال گهٽبا پيا وڃن۔ اهڙي ۾ حِڪمت سان ڪيل علاجن تي ويهي انتظار ڪرڻ وقت سان گڏ افورڊ ڪرڻ ڏُکيو آهي۔ نيٺ ماڻهو کي ايلوپيٿڪ (انگريزي دوائون) تي ڀاڙڻو ئي پوندو۔
    هاڻي اچون ٿا ڪانڊيري تي۔ ڪانڊيرو هڪ اهڙو ٻوٽو آهي جنهن لاءِ هونئن ئي هڪ چوڻي آهي ته جتي وڻ ناهي اُتي ڪانڊيرو به درخت (وڻ) آهي۔ هِن ٻوٽي لاءِ اهو به مشهور آهي ته قران ۾ جيڪو من و سلوى جو ذِڪر آيو آهي سو به انهي ٻوٽي جي پاڻي مان نڪتو هو (والله علم)۔ بهرحال اهو آهي ته هِن ٻوٽي جو طِب ۾ استعمال رهيو آهي۔ سڀ کان پهرين هِن جو لکت ۾ سنڌي ٻولي جي مشحور طِبي ڪتاب فرهنگ جعفري ۾ ملي ٿو۔
    [​IMG]

    هِن ٻوٽي تي هن کان اڳ انڊيا ۽ مصر جي سائنسدانن ٿورو گهڻو ڪم ڪيو هو پر جيڪي جُزا انهن هن ٻوٽي مان ڳولي ڪڍيا تِن جي افاديت بابت هُنن ڪو به ڪم نه ڪيو۔ مصر وارن وري اهو چيو ته هن ٻوٽي کي جيڪڏهن ڪُجهه مخصوص ڪيميڪلز ۾ ڳاري دوا تيار ڪجي ته اها ڊائريا ۾ فائدو ڏيندي۔ هُنن اهو تجربي سان ثابت به ڪيو ۽ ڪوئن تي تجربا ڪيا۔ پر ڪيميڪلز جي خبر نه پئي ته اُهي ڪهڙا جُزا آهن جن اهو ڪم ڪيو۔ انهي کان علاوه هن ٻوٽي جي گُلن جو بواسير ۾ علاج طور استعمال، پنن مان ڪڍيل تيل جو سنڌن جي سور ۾ علاج، پاڙن جو اعصابي ڪمزوري ۾ علاج لاءِ استعمال يا وري معدي جي السر ۾ استعمال ڪُجهه اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي هن ٻوٽي جي کوجنا تي آماده ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن۔
    جڏهن آئون 2005ع ۾ ماسٽرس ڪري 2006ع ۾ ايم فِل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي آيس ته منهنجي محترم اُستاد ڊاڪٽر دادو خان بُڙدي ڪُجهه اهڙا ٻوٽا تجويز ڪري رکيا هئا جيڪي طِب ۾ استعمال ٿي چُڪا هئا پر انهن جي ڪيميڪلز جي ڪنهن کي ڄاڻ نه هئي۔ مون کي ڪانڊيري جي افاديت وڌيڪ ۽ انهي تي ٿيل ڪم جي گهٽتائي ڏِسي دلچسپي وڌي۔ ۽ ڪم شروع ڪيم۔ سائين دادو خان جي رٽائرمينٽ بعد اهو ڪم ۽ پي ايڇ ڊي هڪ ٻي ٽيچر پروفيسر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ وٽ ڪيم۔ انهي دؤران پي سي ايس آءِ آر ۾ نوڪري ملي وڃڻ ڪري اهو ڪم (پريڪٽيڪل) انهي ليب ۾ به ڪندو رهيس۔
    انهي سڄي ڪم دؤران مون کي انهي ٻوٽي ۾ مختلف ننڍا ننڍا ڪيميڪل جُزا به هٿ آيا پر سڀ کان اهم هڪ نئون ڪمپائونڊ مليو جيڪو طبعي ماليڪيولز جي فلئوونائڊ فئملي سان تعلق رکي ٿو۔ انهي جي اسٽرڪچر به معلوم ڪيم۔ جڏهن اهو طبعي افاديت لاءِ جانچيو ويو ته خبر پئي السر جو سبب ٿيندڙ مشهور جُزي H. Pyllori کي پئدا ڪندڙ انزائم يوريئيز کي گهٽ ڪري ٿو۔ دراصل السر معدي جي ڦٽ کي چيو وڃي ٿو۔ جنهن لاءِ ڪُجهه دوائون ايئن آهن جيئن ڪنهن ڏار پيل ڀِت تي پلستر ڪري ڇڏجي ۽ فل حال اهو عيب لِڪي وڃي۔ پر انهي ڦٽ جي سبب ٿيندڙ اصل انزائم کي ختم ڪرڻ ئي اصل علاج آهي جيڪو انهي ڪمپائونڊ ڪيو ٿي۔ پر جيئن ته اهو استعمال ٿيڻ کان اڳ جانور تي چڪاس کان علاوه هڪ وڏي مرحلي مان گذرندو آهي۔ جنهن دؤران ڪڏهن انهي ۾ تبديليون ڪري وڌيڪ مؤثر يا سائيڊ افيڪٽ کان بچايو ويندو آهي يا وري اڳتي هلي اهو جُزو ڪِن سبب ڪري دوائن جي لسٽ ۾ نه به اچي سگهندو آهي۔ پر انهي جو اهو مطلب ناهي ته اهو ڪم فضول هو۔ ڪيئي دفعا سائنسدانن کي اندازو ٿيڻ به ڪافي هوندو آهي ته ڪهڙي قسم جا اسٽرڪچرس مؤثر ٿي سگهن ٿا۔ اهو ئي سبب آهي ته طِبي ٻوٽن مان ڪڍيل لکين ڪمپائونڊس مان ڪي پنج فيصد ئي وڃي دوا بڻجي سگهندا آهن ڇو ته جديد دؤر ۾ هر ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ٿو۔ ته ڪو سائيڊ افيڪٽ نه هُجي۔ وغيره وغيره۔ اهو سڄو ڪم وڏو وقت وٺي ٿو۔ ٻوٽي مان نڪتل ڪمپائونڊ جو دوا جي شڪل ۾ اچڻ گهٽ ۾ گهٽ پندرنه سال وٺي ٿو۔پر هر وڏي سفر جي شروعات پهرين وِک سان ٿئي ٿي ۽ ڪاميابي جو آّخري قدم اهميت رکي ٿو۔ پر وچ ۾ کنيل سوين قدمن جي به اوتري ئي اهميت آهي۔ ايئن ئي اسان جي ڪيل ڪم جهڙا لکين ڪم پسِ پرده رهجي وڃن ٿا جڏهن سالن پُڄاڻان انهن مان ڪُجهه ٺهي چُڪو هوندو آهي۔ ايئن جيئن هزارين فيلڊ ۾ ڪيل کوٽائي ۽ کوجنا کان پوءِ سون ته ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ئي وڃي ملندو آهي۔
    ڪانڊيري مان انهي کان علاوه پاڙن مان هڪ ڪمپائونڊ مليو جنهن جي ڊپريشن ختم ڪرڻ ۾ افاديت معلوم ٿي۔ شايد اهو ئي اهو جُزو آهي جيڪو هن ٻوٽي کي اعصابي ڪمزورين جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن کي دوائن طور کارائي وڃڻ جو سبب ٿيو۔ (انهي ڪم جو پيٽينٽ اسان ڪراچي ۾ جمع ڪرايو ته جيئن حق ۽ واسطا محفوظ ڪري سگهجن)۔ هڪ ٻيو ڪمپائونڊ ليوپيول به مليو۔ اهو ڪانڊيري ۾ وافر مقدار ۾ هو۔ انهي جي به سور ختم ڪرڻ واري خاصيت معلوم ٿي۔ انهي کان علاوه فنگل انفيڪشن لاءِ ڪم ايندڙ جُزو به مليو۔ اهو سڄو ڪم اسان دنيا جي مختلف ناليوارن جرنلز ۾ ڇاپيو۔ مثال طور Journal of Molecular Structures, Helvetica Chimica ACta, Natural Product Research اهي جرنلز وڏي اهميت وارا آهن۔ ڇو ته اهي آرٽيڪل دنيا جي مڃيل سائنسدانن کي راءِ لاءِ موڪلين ٿا جيڪي مثبت راءِ ڏين تڏهن ئي ڇپجي سگهجندا آهن۔
    انهي ڪم عيوض مون کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي۔ ڇو ته مون ڪانڊيري مان ٽي نوان طبعي ڪمپائونڊ ڳولي لڌا۔ انهي کان پوءِ هاڻي پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ تُرڪي ۾ آهيان۔ هتي وري ڪانڊيري تي هڪ نئون ڪم ڪرڻ جو رِٿيو آهي، انهي جا تفصيل وري ٻي ڀيري ڇو ته هي مضمون الاهي طويل ٿي ويو آهي۔
     
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ صاحب ! اوهان ڪانڊيري جي ٻوٽي تي تحقيق ڪري انسانيت جي وڏي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو آهي ، ان لا اوهان جس لهڻي۔ اوهان جهڙي غريب شاگرد پاران پي۔ايڇ ۔ڊي ڪرڻ وارو مثال هزارين غريب شاگردن ۾ اتساه پيدا ڪندو۔ اهيئي قومون ترقي ڪري سگهنديون ۽ پنهنجي وجود کي بچائي سگهنديون ،جن ۾ اوهان جهڙا نوجوان پيدا ٿيندا ۔ اڳيئي پنهنجي نوجوانن جي افعالن کي ۽ سنڌي قوم جي پرڪارن کي ڏسي ڏاڍو مايوس ٿيو ويٺو هيس ، پر اوهان ۽ محترم شهاب الدين ميمڻ جهڙن نوجوانن جي محنت ۽ ڪارنامن کي ڏسي وري جينئڻ جو جذبو۽ اتساه پيدا ٿيو آهي ۔ اميد ته اسان جا نوجوان پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪرڻ بدران سنڌي قوم جي بقا لا تعليم کي چمبڙي پوندا ،ته اهو سندن پنهنجي ايندڙ نسلن تي احسان ٿيندن ۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    سائين سچ ۾ ڪانڊيري تي پي ايڇ ڊي جو يقين به نٿو اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔توهان جهڙا ماڻهو سچ ۾ ڪنهن قوم جو سرمايو هوندا آهن
    الله تعالي توهان کي توهان جي فيلڊ ۾ توفيق عظيم عطا فرمائي جو توهان انسانذات جي لا گهڻو ڪجه ڪري سگهو۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    تواهان جو هي موضوع پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ ڄاڻ ملي خوشي ان تي ته توهان جهڙو اسان جو دوست جنهن پي ايڇ ڊي ڪئي اهڙي ٻوٽي تي جنهن کي اسان ڪا به اهميت ڪون ڏيندا آهيون، مطلب ته اهو ته منهنجو جو به تصور ڪون هيو ته مرتضي وانگر ته توهان واقعي ڪانديري تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي يان بقول سائين نثار جي ته ڊگرري ڀلجي پئي آهي۔ هههههههههههه

    اها حقيقت آهي ته جڏهن سچل ڳوٺ ۾ توهان بابت اها ڳالهه ڪندا هئا ته توهان ڪانڊيري تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ته مان به اهو سمجهندو هيس ته اهو صرف جوڪ آهي ڪافي دير ڪان پوءِ رشيد کان ڪنفرم ڪيم ته مرتضي وانگر حيرت ٿي جيڪا اڃان به آهي ته ڪانڊيرت تي به ڪو پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو۔

    بحرحال توهان جو مٿيون موضوع لاجواب آهي بهترين معلوماتي خاص ڪري

    توهان وانگر خوبصورت ونڊ
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاهاها ۔۔۔ شايد هاڻ مرتضى کي يقين اچي پر ڪم ڏکيو آهي ۔۔۔۔

    باقي مونکي ته يقين هيو ۽ آهي۔ ڪانڊيري تي تحقيق هڪ سٺي ڳالهه آهي جو اهو اسان وٽ پيدا ٿيندڙ ٻوٽو آهي۔ اميد ته اوهان اتي ئي هن مضمون کي ختم ڪونه ڪندا پر ڪجهه وڌيڪ شيون به اسان سان شيئر ڪندا۔

    ٻيو ته ڀلا اتي ترڪي ۾ ڪانڊيرن جا ٻوٽا تيار ٿيا يا نه ۔۔۔ !!!!!
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    بلڪل ڪبا۔
    ٻوٽا تيار آهن۔ انهيءَ ڪم تي ليک لکان پيو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جزاڪ الله سائين اوهان جي هن بڻايل رستي تي اميد تي ڪيترائي نوجوا سامهون ايندا باقي هڪڙي ڳالھ آهي ادا مرتضى جو قصور ناهي
    هن
    ڳالھ کي مڃڻ به پي ايڇ ڊي آهي ۔
    وسلام
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي مضمون اڄوڪي عبرت جي زرعي ايڊيشن ۾ مٺل جسڪاڻي صاحب جي مهربانين سان ڇپيو آهي۔

    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    يعني اخبار ۾ ايتري شهرت ملڻ ۽ اسان جي مهربان ڀاء ڊاڪٽر عبدالحفيظ جن جي پي ايڇ ڊي ڪرڻ سان هاڻي ڪانڊيرو به وڻ ٿي ويو۔ جو پهريان ان متعلق ماڻهن کي ان متعلق اها معلومات نه هئي جيڪا هاڻي ظاهر ٿي آهي۔ تمام خوبصورت انداز ۾ مضمون شايع ٿيل آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو