آصف فاروقي (بي بي سي اردو) پنجاب صوبي جي شهر ميانوالي جي هڪ ڳوٺ ويجهو نصرالله زمين ۾ دفن ٿيل پنهنجو ٽيوب ويل ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ آهي۔ انهي جي آس پاس جي زمين بلڪل بنجر ۽ غير آباد نظر اچي ٿي۔ دريا جي واري ۾ جتي ڪٿي وڏا کڏا ٿا نظر اچن ۽ پري پري تائين ڪا ساوڪ نظر ڪانه ٿي اچي۔ انهي بنجر زمين تي به ڪڏهن فصل پوکبا هئا۔ کيت کڙندا هئا۔ پر گرمين زوراور دريا جي وهڪري ۾ تيزي اچ۾ ڪري اهو ويجهو ٿي هليو آيو ۽ ايئن مسلسل ٿيندو رهيو ايستائين جو نصرالله جي زمينن تي به اچي پُهتو۔ ۽ زمين کان ٿيندو گهر ۾ اچي نڪتو۔ پندرهن ڏينهن بعد ديا ته پنج ڪلوميٽر پري پنهجي اصل رستي سان وهڻ لڳو پر ويندي ويندي جيڪا واري هتي ڇڏي ويو سا نصرالله جي زمين بنجر ڪري ٿي پئي۔ انهن ڏينهن جي ڳالهه ڪندي نصرالله جي ڀرجي آيل اکين کي آرام سان ڏسي پئي سگهيس۔ ”اسان ڏٺو پئي ته دريا ٻه ٽي ڏينهن کان آهستي آهستي ويجهو پيو اچي۔ تنهنڪري آ؟ون پنهنجي ٻارن ۽ پوڙهي ما کي وڃي مائٽن وٽ ڇڏي آيس۔ منهنجو والد گهر تي رهيل هو جنهن فون تي ٻُڌايو ته پاڻي چڙهي اچڻ ڪري گهر جا ڪُجهه ڪمرا ڪري پيا آهن۔“ نصرالله جو ڳوٺ دريا کان پنج ڪلوميٽر پري آهي پر جڏهن گرمين ۾ ڪوهه هماليه جا گلئيشير پگهرجڻ لڳندا آهن ته انهي دريا جي پکيڙ ايتري ٿيو ٿي پوي جو اهو نصرالله جي ڳوٺ اچيو پُهچي۔ ۽ انهي ڦهلجڻ جي عمل ۾ تيزي سان واڌارو ٿو اچي نصرالله جي چوڻ مطابق۔ ”پوئين سال دريا ٿورو پري هو۔ پر هن سال ته اُتي اچي پُهتو جتي اسان جو ٽيوب ويل لڳل آهي۔ هن وقت اهو تيوب ويل واري ۾ ڏهه فُٽ هيٺ دٻيل آهي۔“ هي ڪهاڻي رڳو هڪ نصرالله جي ڪانهي۔ پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ميدانن ۾ سنڌو دريا جتان به گذري ٿو، انهي علائقي جا ماڻهو هن دريا کان هاڻ ڊڄن ٿا۔ پاڪستان جي محڪمه موسميات جي چيف ميٽرولاجسٽ، ڊاڪٽر غلام رسول گلئيشير تي ڪندڙ تحقيق ٽيم جو حصو آهي۔ سندس چوڻ آهي ته هماليه جي جبلن تي موجود گلئيشيرز جي ايراضي ۾ گهٽتائي ڏِسڻ ۾ آئي آهي۔ ”پوين ٽيهن سالن ۾ اڪثر گلئيشير ٻه يا ٽي ڪلوميٽر ئي سوڙها ٿي گهٽبا رهيا آهن۔ ۽ اهو سلسلو جاري آهي“ ڊاڪٽر غلام رسول مطابق اهي گليئشير پگهرجڻ ۽ انهن جي ايراضي تيزي سان گهٽجڻ جا ٻه وڏا سبب آهن۔ هڪ ته گلوبل وارمنگ ۽ ٻيو گلئشير سان چنبڙيل ڪاربان“ ڊاڪٽر غلام رسول انهي ڪاربان جو اُتي پُهچڻ بابت به تحقيق ڪري چُڪو آهي۔ ”اهو ڪاربان ڀارت جي لوهه جي صنعت مان نڪرندڙ ڪارو دونهون آهي جيڪو اوڀر طرف لڳندڙ هوائن سان انهي طرف پُهچي ٿو ۽ گلئيشير تي ڄميو وڃي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته برف جو مٿاڇرو اڇي بجاءِ ڪاري هُجڻ ڪري اُس انهي سان ٽڪرائي موٽ کائڻ بجاءِ انهي ۾ جذب ٿئي ٿي نتيجي ۾ گلئشير جو گرمي پد وڌي ٿو۔“ ڊاڪٽر غلام رسول موجب ”گرمي پد وڌڻ ڪري ان گلئيشير جي برف تيزي سان پگهرجي ٿي ۽ انهي جي ايراضي گهٽجي ٿي۔“ اها گهٽتائي ڪيتري تيزي سان ٿي اچي انهي تي ته علامي ماهرن ۾ اختلاف ڏسڻ ۾ آيا آهن پر تازي تحقيق کان واقف ڊاڪٽر غلام رسول انهي گلئشير جي مستقبل کان ايترو به مايوس ناهي جيترا مختلف عالمي تحقيق ماهر۔“ ”گلئيشير جا اُهي حصا جيڪي تمام مٿاهين تي واقع آهن ۽ انهن جو گرمي پد سدائين ڪاٽو ۾ هوندو آهي اُهي انهي عمل جو شڪار نه ٿيندا“ گلئشيرز جي پگهرجڻ جي رفتار تي ماهرن جو اختلاف هُجي ته هُجي پر نصرالله کي اهو سمجهڻ جي لاءِ ڪنهن تحقيق جي ضرورت ڪانهي ته هر سال گرمين جي موسم ۾ هن جي زمينن کان سدائين ڪي ميل پري وهندڙ دريا اتيرو ويجهو چو ٿو اچي جو سندس گهر ٻُڌڻ لڳي ٿو۔
موسمي تبديلين سبب مان به حيرت ۾ آهيان ۔۔۔۔ 24 نومبر آهي پر هتي سيء جو ڪو نالو نشان ناهي، رات جو پکا پوري اسپيڊ تي، گاڏين ۾ اي سي جو استعمال ۔۔۔۔ ۽ وري موسمي تبديلين سبب گليشيئرز جي حالت ٻڌي واقعي ڊڄ ٿيڻ گهرجي۔ اسان جو ته سڀ ڪجهه درياء سنڌ سان واڳيل آهي، اسان جي زراعت، پيئڻ جو پاڻي ۽ اسان جي سموري معاشيات ۔۔۔۔