• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شمشير الحيدريءَ جو هڪ غزل

نثارابڙو

نائب منتظم
اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،
ورهين جي وڇوڙن جا سڀ سور لهن شايـــد!

ماحول جي مستيءَ ۾ مرڪن سان مليون سرڪون،
روحـــــن جـــــا اهـــــي ريـــــلا چانـــــڊاڻ گهــــرن شايــد!

هڪ وار ته دل کولي هر ڳالهه چئي ڇڏبي،
انصاف جي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شايـــد!

خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،
مظلـــوم اچـــي پهتــــا، حقـــدار هجـــن شايــد!

ڌرتيءَ جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهــي،
انسان جي عظمت جا اعلان ٿين شايد!

ابليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪر،
دنيــا تي ”انـــاالحـــــق“ جا اســـرار کلـــن شايـــــد!

سوريءَ تي سڏڻ وارا! هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،
مقتـــــل ۾ اچـــــڻ وارا، منصــــور هجــن شايــــد!

بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجــي،
آئنــــده بهــــارن جــــا پيغــام هجن شايـد!
 
جواب: شمشير الحيدريءَ جو هڪ غزل

محترم سائين نثار صاحب اسلام عليڪم
سائين تمام خوبصورت لفظ ۽ اُميدن سان ڀَرپور جزبا موجود آهن هن غزل ۾ تمام بهترين شاعري آهي
سائين شمشير الحيدريءَ صاحب جن جي۔ اِن لاجواب ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا لک لائق

هڪ وار ته دل کولي هر ڳالهه چئي ڇڏبي،
انصاف جي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شايـــد!

سوريءَ تي سڏڻ وارا! هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،
مقتـــــل ۾ اچـــــڻ وارا، منصــــور هجــن شايــــد!
 
جواب: شمشير الحيدريءَ جو هڪ غزل

سائين ابڙا صاحب شمشير الحيدري صاحب جي واقعي حق جي شمشير واري شاعري توهان پيش ڪئي آهي ، جنهن ۾ حق سچ سمايل آهي۔ جنهن لاء توهان کيرون لهڻون ۔

تصوير ۾ شمشير الحيدري صاحب ۽ الطاف شيخ صاحب
altafshaikhshamsherhaid.jpg
 
جواب: شمشير الحيدريءَ جو هڪ غزل

خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي
مظلوم اچي پهتا۔۔۔ حقدار هجن شايد۔۔۔۔
واهه سائين ڪيڏي نه بهترين ۽ دل جي وٽان شاعري ڪئي آهي۔۔۔
صدين کان هلندڙ ناانصافي ۽ مظلومن سان ويڌن متعلق حساس دل ان کان وڌيڪ ڇا چئي سگهي ٿي۔۔۔
لاجواب شاعري آهي۔۔
ٻيو ته مون سائين اياز عالم ابڙي کي توهان جي موڪليل هي شاعري پڙهائي ۔۔۔ سائين جن پڻ ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ چيو ته شمشير جا ڪلام سدائين مفهوم سان ڀريل هوندا آهن۔۔۔ سائين منهنجي ذمي توهان ۽ سائين شمشير الحيدريءَ کي سلام ڏيڻ جي ڊيوٽي لڳائي۔۔۔ مطلب ته قرب جا سلام قبول پون۔۔
 
مهرباني ادا ممتاز، جو اوهانکي سائين محترم شمشير الحيدريءَ جا ٻول پسند آيا ۔۔۔ سندس شاعريءَ جو مڪمل ڪتاب سندس پٽ سليم حيدري سهيڙي رهيو آهي ۔۔۔ ممڪن آهي ته ٿورڙي عرصي ۾ سائين شمشير جو ڪو ڪتاب بازار ۾ اچي وڃي ۔۔۔
 
جواب: شمشير الحيدريءَ جو هڪ غزل

خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي
مظلوم اچي پهتا۔۔۔ حقدار هجن شايد۔۔۔۔
واهه سائين ڪيڏي نه بهترين ۽ دل جي وٽان شاعري ڪئي آهي۔۔۔
صدين کان هلندڙ ناانصافي ۽ مظلومن سان ويڌن متعلق حساس دل ان کان وڌيڪ ڇا چئي سگهي ٿي۔۔۔
لاجواب شاعري آهي۔۔
ٻيو ته مون سائين اياز عالم ابڙي کي توهان جي موڪليل هي شاعري پڙهائي ۔۔۔ سائين جن پڻ ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ چيو ته شمشير جا ڪلام سدائين مفهوم سان ڀريل هوندا آهن۔۔۔ سائين منهنجي ذمي توهان ۽ سائين شمشير الحيدريءَ کي سلام ڏيڻ جي ڊيوٽي لڳائي۔۔۔ مطلب ته قرب جا سلام قبول پون۔۔

سائين محترم دوست، لک ٿورا اوهانجا جو سائينءَ جي ٻولن کي اوهان پسند ڪيو، هونءَ ته آءُ سائينءَ کي جڏهن حق موجود ٻولائيندو آهيان ته پاڻ ناحق موجود ٻولائيندا آهن ۔۔۔ مون کين چيو سائين ايئن ڇو؟ چيائون ته تون حق جي ياداشت ڪرائي مون ناحق جي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته ٻئي ريل جي پٽڙين جيئان هن سماج ۾ قائم آهن ۔۔۔ حق به ته ناحق به ۔۔۔

محترم سائين اياز عالم ابڙي صاحب کي مون پاران حق موجود ٻولائيندا ۽ کيس ادب جا هٿ ٻڌي واعليڪم السلام چوندا ۔۔۔ باقي اڄ يا صبح سائين شمشير تائين سندس سلام پڻ پهتا ڪبا ۔۔۔ سائين اياز عالم صاحب جن ته شايد بابا شمشير کي مونکان وڌيڪ سڃاڻن جو هي ٻئي صاحب سنڌ ۽ سنڌي ادب جي دنيا جا هيرا آهن ۔۔۔

رب العالمين کين پنهنجي پناهه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
وعليڪم السلام ادا
بلڪل اهي ٻئي سنڌي ادب جا هيرا آهن۔۔
ڪالهه جڏهن سائين مون وٽ الاهي ڏينهن کان پوءِ ڀيرو ڀڃيو ته مون سائين جن کي هي غزل پڙهايو ۽ جيڪي تصويرون ادي ممتاز وگهيو ونڊ ڪيون هيون، اهي پڻ سائين جن کي ڏيکاريون۔۔۔ سائين جن تمام گهڻو خوش ٿيا۔۔ توهان جي ونڊ ڪيل شاعري متعلق ته مان پهرين اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان پر ادي ممتاز جي ونڊ ڪيل تصويرن کي ڏسي سائين جن چيو۔۔ ته ”يار اسد۔۔۔۔ تون سنڌي ادب جي انهن جوڌن جون تصويرون ڏيکاري منهنجا ورهين جا ٿڪ لاهي ڇڏيا۔۔۔ مون کي ڏاڍي خوشي آهي ته اڄ ڪلهه جي نوجوانن پنهنجي روشن ماضي ۽ روشن ضمير انسانن کي وساريو ناهي۔۔ توهان جهڙن دوستن جي اهڙي عملن اسان جي اندر کي وڌيڪ آٿت ڏني آهي۔۔۔ “
 
Back
Top