عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن

جُدائيءَ جي عذاب رات
زندگيءَ ۾ توسان گڏ گذاريل بهارن جو يادون.. جدائيءَ جي اونداهي رات ۾ ڪنهن انڌيري کان به وڌيڪ سياح پاڇي جيان منهنجي دل و دماغ تي اهڙي طرح سان ڇائنجي وڃن ٿيون جو منهنجي وجود کي تڙپائي ڇڏين ٿيون. . . سرءُ ۾ سڪل وڻ مان ڇڻيل بي ساهه پن جي مثل پنهنجي جسم کي ڄڻ ته آڙاهه ۾ سڙندو محسوس ڪريان ٿو.... تڏهن ئي منهنجي نه سُڪندڙ نيڻن مان سانوڻ جي تيز برسات وسي پوي ٿي... ۽ منهنجا لب هلڪي حرڪت ڪندي تنهنجو نالو پڪارن ٿا.... ۽ هر رات منهنجي لاءِ هڪ عذاب بڻجي منهنجي وجود جي تار تار کي تڙپائي ڇڏي ٿي....
عمران درويش سومرو
۔