• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رڻ ۽ رُڃ جو اتهاس (ڪهاڻيون) : نور الهدا شاهه

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊراما نگار نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب رڻ ۽ رُڃ جو اتهاس اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران ڇپايل آهي۔


ٿورائتا آهيون ڀاء محمد قاسم جا جنهن هي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ سنڌي ڪتاب گهر ۾ اي بوڪ طور پيش ڪيو۔





 

مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊراما نگار نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب رڻ ۽ رُڃ جو اتهاس اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران ڇپايل آهي۔


ٿورائتا آهيون ڀاء محمد قاسم جا جنهن هي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ سنڌي ڪتاب گهر ۾ اي بوڪ طور پيش ڪيو۔





 
هن دنيا جي ڌرتي تي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي تاريخ حقيقت ۾ دانشور، اديب، شاعر ۽ فنڪار ئي لکندو آهي۔ جيڪو پنهنجي قلم جي طاقت سان هن معاشري جي تمام خرابن کي وائکو ڪندو آهي، وري انهن ليکن ۾ به ڪي بادشاهن جا وڏيرن جا اميرن جا پيرن جا قصيدا چوڻ وارا هوندا آهن ته ڪي وري معاشري جي انهن فردن جي غلط ريتن رسمن جي ابتڙ هلي ڪري پنهنجي هڪ سڃاڻپ بڻائيندا آهن ۽ انهن سڃاڻپ بڻائيندڙن مان سنڌ جي هي بيباڪ ليکڪا ۽ بيباڪ اديب نور الهدا شاه پڻ هڪ آهي۔
گھڻو عرصو اڳ جڏھن سنڌي ٽي وي چئنل اسان وٽ نه ھيا ۽ سنڌي پروگرام صرف پي ٽي وي ذريعي ڏسڻ نصيب ٿيندا ھيا تنھن زماني ۾ سنڌي پروگرام ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندوھيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ٽي وي اسڪرين جي اڳيان ڪنھن سينئما گھرجھڙي رش ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پروگرام شروع ٿيڻ بعد وچ ۾ ماڻھن جا ڳالھايا ويندڙ لفظ اھي عام ھوندا ھيا ته بابا ٿورو مٿو ھيٺ ڪر، ٻانھن پاسي تي ڪر، نظر نه ٿو اچي. سچ پچ ته تنھن دور جو ته مزو ئي پنھنجو ھوندو ھو. تڏھن ڊرامن ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪھاڻيون به دلسان لڳنديون ھيون ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ڪٽنب سان اھي پروگرام گڏ ڏسڻ ۾ ڪين ڪيٻائينديوھو جيڪو هاڻ سنڌي ٽي وي چينلن ۾ مزو ناهي رهيو، جنهن جو ڪارڻ گهٽ پڙهيل ڪورا ڪاغذ ڊاريڪٽر آهن، جن کي اهيا به خبر نه آهي ته ڊرامو چئبو ڇا کي آهي۔ ۽ وري ٽي وي چينل جي مالڪن کي ته صرف پيئسو گهرجي انهن جو معاشري جي خرابن سان ڪهڙو تعلق۔
مون کي ياد آهي ته اسان جي پوري پاڙي ۾ هڪ ٻه گهر هوندو هو جنهن وٽ ٽي وي هوندي هئي ۽ انهن گهرن مان اسان جو گهر به هڪ هو، ۽ انهن ڏينهن ۾ اسان جي گهر ۾ روزانه شام جو پاڙي جا ٻار ۽ مايون اچي گڏ ٿينديون هيون ٽي وي جا پروگرام ڏسڻ لاء۔انهن سنڌي اردو ٽي وي پروگرامن ۾ وري جيڪي بهترين سبق ڏيندڙ ۽ معاشري جي خرابن کي عام ماڻهون جي اڳيان نروار ڪندڙ ڊرامه هوا اهي هوندا هئا، محترم سائين امر جليل صاحب جا يا وري محترمه نور الهدا شاهه صاحب جا۔
نور الهدا شاهه جڏهن ته پاڻ به سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ عورت آهي مگر هن ڪڏهن به پنهنجي قلم کي انهن سيد گهراين جي حويلن ۾ ٿيندڙ ظلم ڏاڍ جي داستانن کي لڪائڻ ۾ استعمال نه ڪيو، بلڪ انهن حويلن ۾ ٿيندڙ غير فطري غير قانوني، غير مذهبي حرڪتن کي سدائين وائکو ڪيو، جيڪا ڳالهه اسان جو باضمير ماڻهون آساني سان مڃيندو۔​
نورالهدا شاه صاحب سنڌي ڊرامن سان گڏ ڪيتريون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن، جن مان ڪهاڻين جو هڪ مجموعو رڻ ۽ رڃ جو اتهاس پڻ آهي جيڪو پڻ پڙهڻ وٽان آهي، نور الهدا شاهه صاحبه جي لکڻي پڙهڻ سان دماغ ئي کلي پوي ٿو۔نور الهدا شاهه جو جڳ مشهور ڊرامو ماروي بهترين ڊرامو آهي۔۔۔۔ سندس ڊرامن مان ڪجهه هي ڊرامه( هٽ ) مشهور ڊرامه آهن۔شيشي ڪا گهر۔۔۔ ميري اڌوري محبت، بيباڪ۔۔۔عشق گمشدا، تابش وغيره۔
نور الهدا شاهه صاحبه جون ڪجهه يادگار تصويرون
184148_4566220919077_1012424005_n.jpg
1390629_636231433081750_1698021063_n.jpg
1003379_420123848107749_322358246_n.jpg
1002758_431822313598327_1119300052_n.jpg
537720_10200187572805240_1131979783_n.jpg
1377085_10151857172985306_604331826_n.jpg
25256_116194348407155_520944_n.jpg
1150945_10151544542271097_337550369_n.jpg
37856_414369683516_3053806_n.jpg
 
Back
Top