• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب سنڌي شاعريء جو سفر جي مهورتي تقريب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن پاران آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان نامياري شاعر ذوالفقار سيال جي تحقيقي ڪتاب سنڌي شاعريء جو سفر جي مهورتي تقريب 13 ڊسمبر 2013ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي منظر اڪبر هال ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي۔ دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي۔

jbkIiBMaAQ2Gqz.jpg
 
ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو
جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو


ذوالفقار سيال نالي وارو شاعر آهي. هو ۲۸ مئي ۱۹۵۷ع تي ڳوٺ فريد آباد، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان، انٽر حيدرآباد مان ۽ ايم بِي بِي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري مان ۱۹۸۱ع ۾ ڪئي. هُو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ايل ايم سِي ۾ آر ايم او، جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر ۽ چانڊڪا اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، جنهن بعد ۱۲ سال ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ائڊيشنل پوليس سرجن رهيو. هينئر ڪراچيءَ ۾ مقرر آهي.
ذوالفقار سيال ڪالم نويس پڻ آهي. هن شاعريءَ ۾ گيت، غزل، بيت، دوها، هائيڪو ۽ آزاد نظم ليکا آهن ۽ ٻاراڻي شاعريءَ جا پڻ ڪيئي ڪتاب سرجيا آهن. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:رڻ سڄو رت ڦڙا، مکڙين مالها. ڳاڙها هٿ پيلا چهرا،منهنجي ديس جا ٻار، گلڙن جهڙا گيت، لفظن جا رانديڪا، بارش کان پوءِ، اکر اکر سرهاڻ ۽ چهرا چنڊ گلابن جهڙا.
هُو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن (۲۰۰۷-۲۰۰۵) لاءِ جنرل سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ مرڪزي خزانچي رهيو. هو هڪ روزاني سنڌي اخبار جي ادبي صفحي جو انچارج آهي. سندس مستقل رهائش ڳوٺ ۾ آهي.(رياضت ٻرڙو )
Zulfiqar.jpg
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ذوالفقار سيال جي نئين ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ جو مهورت، جي رپورٽ
 
Back
Top