پتو ۽ ان ۾ ٺهندڙ پٿرين جا ڪارڻ، احتياط ۽ علاج۔۔۔۔

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2013۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي پتي ۾ پٿريون موجود هونديون آهن پر انهن کي خبر نه هوندي آهي ڇو جو کين ڪا به تڪليف محسوس ناهي ٿيندي ۽ جڏهن اتفاقي طور تي ڪنهن ٽيسٽ وسيلي کين اها خبر پوندي آهي ته اُهي پتي جي پٿرين جو ٻڌي ڊڄي ويندا آهن پر حقيقت اها آهي ته پتي جي اها پٿري يا پٿريون جيڪي اتفاقي طور تشخيص ٿين ۽ جن جي موجودگي سان ڪا به تڪليف يا ڪا به علامت نه هجي ته ان لا پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي ڇو جو اهڙين پٿرين کي آپريشن ڪرائي ڪڍڻ يا انهن لا ڪنهن دوا جو تجويز ڪرڻ قطعي غير ضروري آهي۔
    جيڪڏهن ڪنهن کي پتي ۾ پٿري هجڻ سان هڪ ٻه ڀيرا تڪليف ٿي هجي ۽ اها تڪليف دوا کائڻ سان ختم به ٿي وئي هجي ته اهڙن ماڻهن کي به ڪنهن قسم جي وهم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي۔ ڇو جو ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته زندگي ۾ ٻيهر ڪڏهن به انهن کي ٻيهر ان پٿري سان ڪا به تڪليف نه ٿئي۔
    پتو(Gall bladder) ڇا آهي۔۔۔؟
    [​IMG]

    پتو (Gall bladder) جسم جو هڪ اهڙو ننڍڙي ڳوٿري وانگر عضوو آهي جيڪو اسان جي جگر (Liver) جي بلڪل هيٺان موجود هوندو آهي۔ پتو اصل ۾ هاضمي ۾ مدد ڪندڙ هڪ عضوو آهي۔هي جگر ۾ ٺهندر هڪ رطوبت بائيل (Bile) کي ڪجهه وقت لا گڏ ڪري رکندو آهي۔ جڏهن اسان کاڌو کائيندا آهيون ته اها رطوبت پتي مان نڪري ننڍي آنڊي ۾ ايندي آهي ته جيئن اهو کاڌو هضم ٿي سگهي۔
    پتو (Gall bladder)مختلف نلين ذريعي جگر ۽ ننڍي آنڊي سان جڙيل رهي ٿو۔ هڪ نلي جگر مان بائيل (Bile) نالي هاضمي جي رطوبت پتي ۾ پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٻي نلي اها ساڳي رطوبت (بائيل) کي ننڍي آنڊي ۾ پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي۔
    اسان جڏهن خوراڪ کائيندا آهيون ته اسان جو معدو ۽ ننڍو آنڊو ان خوراڪ سان ڀرجي ويندو آهي، جنهن جي ڪري ڪجهه هارمونز آنڊي مان خارج ٿيندا آهن۔ انهن هارمونز جو ڪم پتي مان اها رطوبت (بائيل) ڪڍڻ آهي۔
    پتو جسم ۾ نه هجڻ باوجود اسان جي هاضمي جو سسٽم درست ڪم ڪندو رهي ٿو ڇو جو پتي جي غير موجودگي ۾ اها رطوبت سڌو سنئون جگر مان نڪري ننڍي آنڊي ۾ پهچندي آهي۔جيتوڻيڪ اهڙي صورتحال ۾ رطوبت ڪجهه گهٽ مقدار ۾ پهچي ٿي (ان ڪري اهڙن ماڻهن کي کاڌا به گهٽ ۽ وقفي وقفي سان کائڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي) پر اسان جي هاضمي تي ڪو خاص اثر نه پوندو آهي۔
    [​IMG]

    جڏهن جگر ۾ ٺهندڙ بائيل(Bile) ۾ موجود جزن ۾ گهٽ وڌائي ٿي وڃي ته پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو خطرو به وڌي ويندو آهي۔
    مثال طور:
    • ڪوليسٽرول جي گهڻائي۔
    • پتي جو کاڌو کائڻ کانپو پنهنجو ڪم درست طرح نه ڪرڻ۔
    پتي جي پٿري جا اهم ڪارڻ۔۔۔
    • موروثي بيماري (Genetics)
    • جسم ۾ چڪنائي، چرٻي جي گهڻائي
    • ٿولهه
    • پتي جو ڪنهن به سبب کان گهٽ ڪم ڪرڻ
    • غير متوازن غذا
    • وڏي عمر (خاص طور تي عورتن ۾ ڪجهه هارمونز جي گهٽ وڌائي جيڪري پتي ۾ پٿري جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي۔)
    • شگر جي بيماري
    • وزن ۾ اوچتو گهٽتائي
    پتي جي پٿرين جا قسم

    پتي جون پٿريون ٻن قسمن جون هونديون آهن۔
    1۔ڪوليسٽيرول مان ٺهيل پٿريون:
    پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل گهڻو ڪري ڪوليسٽيرول جي ذريعي ٿيندو آهي۔ اها ڪوليسٽيرول اسان جي بائيل(Bile) جو هڪ اهم جزو آهي۔ جڏهن پتو کاڌو کائڻ کانپو به مڪمل خالي نه ٿئي ته ان ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي۔پتي ۾ 80 سيڪڙو پٿريون ڪوليسٽيرول مان ئي ٺهنديون آهن۔
    2۔پگمنٽ (Pigment) جون ٺهيل پٿريون:
    پگمنٽ اسان جي جسم ۾موجود رنگين ڪيميڪل آهي۔ پگمنٽ ڪنهن به رنگ جو ٿي سگهي ٿو۔ اسان جي جسم ۾ وار، اکيون يا اسان جي کل جو رنگ انهن مختلف پگمنٽس جي موجودگي جي ڪري ئي آهي۔ بليريوبن (Bilirubin) به هڪ قسم جو پگمنٽ ئي آهي۔ جنهن جي گهڻائي سان اسان جو جسم پيلو ٿي ويندو آهي۔جنهن کي عام زبان ۾ سائي (Jaundice) چوندا آهن۔ اها بليريوبن جگر ۾ ٺهندي آهي ۽ هڪ نالي جي ذريعي پتي ۾ گڏ ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اسان جي ننڍي آنڊي ۾ پهچي هاضمي جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي۔ پتي ۾ ٺهندڙ پگمنٽ جون پٿريون اصل ۾ بليريوبن جون ٺهيل هونديون آهن۔
    [​IMG][​IMG]
    پتي جون پٿريون مختلف ماپ جون ٿي سگهن ٿيون۔
    مثال طور: واري جي ذرن جيتريون، ٻج جيتريون يا وري ننڍن وڏن پٿرن جيتريون۔۔
    اڪثر ڪري پتي جون پٿريون بيماري جو ڪارڻ نه بڻجنديون آهن۔ انڪري انهن جو علاج به نه ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن اُهي پتي ۾ يا پتي مان نڪرندڙ نالين ۾ انفيڪشن ڪرڻ لڳن يا انهن نالين کي بند ڪرڻ لڳن ته پو علاج ڪرائڻ ضروري هوندو آهي۔
    [​IMG]

    پتي جي پٿري جون علامتون۔۔۔۔
    اڪثر ماڻهن کي پتي ۾ پٿري هجڻ باوجود ڪا به علامت نه هوندي آهي۔ انهن کي خاموش پٿريون (Silent stones) چوندا آهن۔
    جڏهن پتي جون پٿريون تڪليف ڪرائڻ لڳن ته مريضن کي هيٺيون علامتون ٿي سگهن ٿيون۔
    • پتي جي پٿري جو سُور عام طور تي پيٽ جي مٿئين ساڄي حصي ۾ ٿيندو آهي جيڪو وچ کان وٺي ساڄي پاسراٽين تائين ٿي سگهي ٿو۔
    [​IMG]
    • سُور ساڄي ڪلهي ۾ يا ساڄي پاسي واري پُٺي ۾ به ٿي سگهي ٿو۔
    • پتي جو سُور مسلسل يا وري وقفي وقفي سان پئجي سگهي ٿو۔
    • ماني کائڻ کانپو پتو پنهنجو هاضمي جو ڪم شروع ڪندو آهي انڪري پتي ۾ پٿري جي موجودگي جيڪري ماني جي فورن بعد تڪليف ٿيڻ به ممڪن آهي۔
    • بد هضمي، گيس ۽ پيٽ ۾ ڀرتي ٿيڻ۔
    • جڏهن پٿري پتي مان ٻاهر نڪري پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي ته علامتون وڌيڪ تڪليفده ٿي وينديون آهن۔مريض کي الٽي يا الٽي محسوس ٿيڻ سان گڏوگڏ بخار ۽ ڏڪڻي به ٿي سگهي ٿي۔
    [​IMG]
    • پتي مان نڪرندڙ پٿري جڏهن پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي يا ان کي مڪمل بند ڪري ڇڏي ته مريض کي سائي به ٿي سگهي ٿي۔اهڙي صورتحال ۾ جلد از جلد ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ضروري هوندو آهي۔
    • پتي مان نڪرندڙ پٿري هڪ تمام خطرناڪ بيماري جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿي جنهن کي پينڪرياٽائيٽس (Pancreatitis) چوندا آهن۔ هي لبلبي جي هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا وقت سر علاج نه ڪرائڻ سان جان ليوا به ٿي سگهي ٿي۔ انڪري پتي جي پٿري واري مريض کي جڏهن به شديد سُور پوي ته بنا دير ڪنهن مستند سرجن وٽ پهچڻ گهرجي۔
    • ڪجهه مريضن کي سيني ۾ به سُور پوندو آهي۔(ياد رهي ته ساڳي تڪليف دل جي بيماري ۾ به ٿيندي آهي۔) اهڙي حالت ۾ به بنا دير ڊاڪٽر وٽ پهچڻ ضروري آهي۔
    هلندڙ۔۔۔۔۔۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين توهان جي مهرباني جو توهان پتي جي پٿري متعلق مفصل معلومات ڏني اها تڪليف مون کي به آهي ليڪن في الحال سور ناهي ان ڪري توهان جي ٻڌايل معلومات مطابق بي فڪر ٿي رهڻ گهرجي۔ يا جيڪو مفيد مشورو هجي ته عنايت ڪندا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم !
    ادا ممتاز قريشي صاحب اوهان بهترين انداز سان مضمون تيار ڪري اسان سان شئير ڪيو آهي . اهي اهڙا مضمون آهن جنهن سان عوام کي پڻ فائدو رسي ٿو جو گهٽ ۾ گهٽ انهن بيمارين جو بنيادي اسباب ۽ مناسب احتياط لاءِ راھ کلي ٿي . پتي جي بيمارين بابت هڪ مضمون اڳ مون به ونڊ ڪيو هو جنهن جي لنڪ هت ڏڄي ٿي اميد آهي ته وقت سر مختلف بيمارين بابت تفصيلي ونڊ ڪندا جو مختلف بيمارين ۾ ورتل دوستن جي پريشاني جي تدارڪ جا اسباب هن ۾ اچي وڃن ٿا جيڪو پڻ هڪ نيڪي جو ڪم آهي ، والسلام۔۔۔۔

    لنڪ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا: پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج

    پتو جنهن کي انگريزي ۾ gallbadder چئبو آهي ، ناشپاتي جي شڪل وانگر ننڍي ٿيلهي جگر جي هيٺان ۽ کاٻي طرف پٺيان نائين نمبر پسلي جي برابر ۾ واقع آهي. جگر ۾ رطوبت صفرا bile تيار ٿئي ٿي اها جگر ۾ جمع رهندي آهي ۽ ضرورت جي وقت ننڍي آنڊي ۾ ايندي رهندي آهي ، هڪ ئي وقت ۾ 50 تائين صفرا پتي ۾ جمع ٿي سگهندو آهي ، صفرا جو ڪم آهي چڪنائي (سڻڀ) کي هضم ڪرڻ ۽ کاڌل غذا خوراڪ ۾ جيڪا به fat تيار ٿيندي آهي ، صفرا جو معمولي مقدار ۾ شامل ٿي آهي ، جنهن ۾ ڪوليسٽرول به شامل آهي ، صفرا جو معمولي مقدار رت ۾ شامل ٿي رت کي ڇڏو رکي ٿي . صفرا جو باقي حصو ننڍي آنڊي جي مٿين حصي ۾ ڪري هڪ طرف ته سڻڀ کي هضم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو ، ٻئي طرف ان جي تيزابيت آنڊن جي فعل يعني حرڪت کي وڌائي فضلي (پاخاني) خارج ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي .صفرا قدرتي دافع عفونت antiseptic ۽ جراثيم کي مارڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن سبب آنڊن ۾ بدبوءَ وغيره ۽ زخم کان بچاوءُ ٿئي ٿو . نظام هضم معاون ۽ مددگار ٿئي ٿو ، جيڪڏهن صفرا گهٽ خارج ٿئي ٿي ۽ غذا ۾ سڻڀ زياده هجي ته نتيجو بدهضمي ۽ گيس جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو .جڏهن ڪنهن به سبب صفرا ۾ سڻڀ جا جزا وڌي وڃن ته ان صورت ۾ ان ۾ ڄمڻ ۽ سخت ٿيڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي ۽ ذرات جي شڪل ۾ تھه مٿان تھه ڄمي پٿرين جي شڪل پيدا ٿئي ٿي ، اڪثر يتي ۾ پٿريون ڪوليسٽرول سان ئي ٺهن ٿيون ،پتي ۾ پٿرين کي gallstone چئبو آهي ، هڪ طبي تحقيق مطابق پتي ۾ پٿري مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي زياده ٿيندي آهي . خاص طور وڌيل وزن وارين انهن عورتن کي جيڪي گهر ۾ ڪم ڪار وغيره نه ڪنديون آهن ۽ کاڌو خوراڪ سڻڀ زياده کائين ٿيون ۽ عمر چاليھن سالن کان مٿي هجي ، ڪڏهن پتي ۾ پٿرين موجود هئڻ جي مريض کي خبر نه هوندي آهي ته ڪنهن مرچ ميالحي ۽ سڻڀ زيداه مقدار کائڻ جي سبب جگر جي جاءِ تي پڻ بار ۽ کچائو محسوس ٿيندو آهي ، غذا کاڌو جلدي هضم نه ٿيندو آهي ۽ الٽي قئي جهڙي ڪيفيت محسوس ٿنيدي آهي ، بدپرهيزي ۽ احتياط نه ڪرڻ جي حالت ۾ پتي ۾ پٿرين جي تعداد وڌڻ سبب يا ورم جي نتيجي ۾ ڪڏهن پتي جي جاءِ تي شديد سور ٿيندو آهي ، پٿرين جي پتي ۾ زياده عرصي تائين رهڻ جي صورت ۾ صفرا جي نالي bile duckt ۾ ڦاسي آنڊن طرف ويندڙ صفرا جي وڃڻ کي روڪڻ سبب رت ۾ صفرا وڌڻ سبب سائي ۽ يرقان پڻ ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو . ان کان علاوه به ٻيون پيچيدگيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون، پتي ۾ پٿري جي سڃاڻپ لاءِ ايڪسري کان وڌيڪ صحيح طرح ڪرايل الٽراساوئنڊ مان صحيح معلومات ملي سگهي ٿي ، غذا کاڌي خوراڪ جي پرهيز سان گڏ ورزش ۽ پنڌ ڪرڻ ضروري آهي ، سائي پتي واريون ڀاڄيون ڀينڊي ، توري ۽ ساڳ وغيره کائجي هلڪو کاڌو ۽ پيٽ فل ڀري نه کائجي ، ڪڙهائي گوشت۽ تيز مصالحي گهڻي سڻڀ ۽ هر قسم جي نشي کان پرهيز بطور علاج زيتون جو تيل ۾ هڪ چمچي 10_15 ڦڙا ليمي جا ملائي صبح نيراني روزانه پيئڻ مجرب ۽ آزمايل علاج آهي ، هي نسخو ان صورت ۾ فائدو ڪندو جڏهن هڪ ٻه ننڍي اڃان شروعاتي پٿري پتي ۾ هوندي ته ڳڙي وڃي سگهي ٿي ، ڪنهن به حوالي سان پيٽ تي ڀرتي ، بادي ، گيس نه هئڻ گهرجي ، قبض به نه ٿيڻ گهرجي . قبض جي حالت ۾ نذير اسپنگر جي تهي ٻه چمچا رات جو نيم گرم کير ۾ ملائي پيئڻ گهرجي ، دوائن ۽ علاج جي ذريعي پٿرين ختم لاءِ ڪوشش ضرور ڪجي ، جلد فائدي نه ٿيڻ جي صورت ۾ جديد ۽ آسان طريقو ليزر ذريعي پٿري ڪڍرائڻ جو آهي ، جيڪا هر وڏي اسپتال ۾ سهولت موجود آهي ، شرطيه ۽ دعون ڪندڙن جي دعوائن ۽ علاج جي آسري تي لڳي پنهنجو وقت ۽ پئسو ضائع نه ڪجي .

    بيمارين جا سبب ۽ جديد طبي علاج( حصو پهريون ۽ ٻيون)

    حڪيم نذير احمد شيخ
    ڪمپوز ؛ افتخار علي چوهاڻ
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين محترم ڇو ٿا اسانجي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ۔۔۔ مونکي ته هاڻ پتي ۽ پتي جي پٿري کان ائين چڙ ٿي پئي آهي جو اصل ڇا ٻڌايان ۔۔۔ ؟؟؟ خئير رب العالمين کان دعا آهي ته انسان کي بيماري نه لڳي جيڪا سخت آزمائش هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته وقت، پئسو ۽ صحت سڀ خرچ ٿين ٿا ۔۔۔

    صاحب! ڏيج شفا ميان مريضن کي ۔۔۔ آمين

    هڪ ٻي ڳالهه ته ترقي يافته قومن جي ماڻهن جي انشورنس هجڻ ۽ انهن جي فردن لا صحت جي سهولتن جي مفت هجڻ يا تمام رعايتي هجڻ سبب، جلد علاج ٿيو وڃن بلڪه ڊاڪٽر جڏهن ڪنهن اهڙي مريض کي ڏسندا آهن ته هڪدم تحرڪ ۾ اچي ويندا آهن ۽ اڳ ۾ ان جو علاج ڪندا آهن باقي حساب پيا ٿيندا آهن۔۔۔۔

    مونکي جيڪو سنڌ ۾ تجربو ٿيو، ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته امير ۽ لٺ واري لا سڀ ڪجهه آهي، مسڪين ۽ وچين طبقي جي ماڻهون جي زندگي زهر آهي، اسپتالون ڀريل ۽ بيمارين گهٽائڻ جي بجا وڌائڻ جو سبب آهن ۔۔۔ ڊاڪٽر پڻ مجبور آهن جو هو مريض جي مدد ڪرڻ جي بجا اسپتال يا ڪلنڪ جي فائدي لا مريض جي کيسي جو خيال نٿا رکن ۔۔۔ وڌيڪ اوهان پاڻ ان ميدان جا راهي آهيو ۔۔۔ مونکان وڌيڪ اوهان کي خبر هوندي ۔۔۔۔ ڪٿي ڪي ايمان وارا ماڻهون آهن پر هونئن عام طور تي کوڙي کي گهمرو آهي ۔۔۔

    پر ڇا ڪجي ۔۔؟؟؟ انڌير ننگري، چرٻٽ راجا ۔۔۔ ڪهڙي ڪري ڪهڙا ڪجن واڪا ۔۔۔۔

    آخر ۾ اوهانجي محنت جي تعريف نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي ۔۔۔ اصل صفا هوبهو منهنجن تجربن واريون ڳالهيون ڪيون اٿوَ ۔۔۔ مون لا ته وقتائتو ليک آهي پر ٻين دوستن کي پڻ احتياط ۽ صحت جو خاص خيال رکڻ گهرجي ۔۔۔ معلوماتي ۽ ترتيبوار ليک لکڻ تي ٿورا ۔۔۔

    سدا جڙيا هجو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا افتخار۔۔معاف ڪجو، توهان جو موضوع پڙهڻ کانپو ڪافي درستگين جي ضرورت محسوس ٿي آهي، جيڪي هتي ڪري رهيو آهيان۔
    پتي ۽ ان ۾ ٺهندڙ پٿرين بابت درست ڄاڻ پهچائڻ بيحد ضروري آهي، ڇو جو عام ماڻهن ۾ ڪافي غلط خيال، وهم ۽ وسوسا اڄ به موجود آهن۔

    پتو اسان جي جسم ۾ کاٻي طرف نه پر ساڄي پاسي پيٽ جي مٿئين حصي ۾ هوندو آهي۔ جگر جا قدرتي طور تي ٻه حصا هوندا آهن۔پتو جگر جي به ساڄي پاسي واري حصي جي بلڪل هيٺان هوندو آهي۔ وڌيڪ سمجهڻ لا مٿي جگر جي تصوير ۽ پتي جي اصل جڳهه ڏسي سگهجي ٿي۔


    بائيل يا صفرا جگر ۾ جمع نه هوندي آهي۔ اصل ۾اسان جي رت ۾ شامل ڳاڙها جزا جڏهن پنهنجي عمر جا 120 ڏينهن گذاري ڇڏيندا آهن ته پو اهي ٽٽندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ بائيل ٺهندي آهي۔ پو اها بائيل جگر ۾ پهچي پنهنجا زهريلا اثر ختم ڪري فائيديمند بائيل جي روپ ۾ پتي ۾ جمع ٿيندي آهي۔ جتان ضرورت وقت ننڍي آنڊي ۾ پهچندي آهي۔


    پتي ۾ بائيل يا صفرا جمع ٿيڻ جي ٽوٽل گنجائش 50 کان 80 ملي لٽر هوندي آهي۔


    بائيل جو ڪم ننڍي آنڊي ۾ پهچي چڪنائي کي ٽوڙڻ آهي ته جيئن اها چڪنائي ننڍن ننڍن جزن ۾ تبديل ٿي آساني سان رت ۾ شامل ٿي جگر تائين پهچي سگهي، جتي ان هضم ٿيل چڪنائي مان ڪوليسٽيرول سميت کوڙ سارا ڪيميڪل ٺهندا آهن۔ بائيل رت کي ڇڊو ناهي ڪندي ۽ بائيل جو معدي مان نڪرندڙ تيزابيت سان به ڪو واسطو نه آهي۔



    منهنجي ڄاڻ موجب هي ڳالهه جديد ميڊيڪل سائنس اڃا ثابت نه ڪئي آهي۔


    پتي جي پٿري جيڪڏهن تڪليف ڪرائڻ شروع ڪري ۽ مٿي ٻُڌايل علامتن مان ڪا به علامت ظاهر ٿئي ته پو ان جو واحد حل پتي کي پٿرين سميت مڪمل ڪڍي ڇڏڻ آهي۔ پتي جي پٿري جو ليزر ذريعي علاج نه ڪيو ويندو آهي۔ ليزر اتي استعمال ڪبي آهي جتي پٿري ٺهڻ واري عضوي کي بچائڻ مقصود هجي۔ مثال طور: گردو، گردي مان نڪرندڙ نالي يا مثانو وغيره۔ پتو جيئن ته جسم لا اهم عضوو نه آهي انڪري پتي ۾ پٿري ٻيهر ٺهڻ جي انديشي خاطر ان کي جسم مان مڪمل ڪڍي ڇڏڻ ئي مناسب سمجهيو ويندو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اهو ئي واحد علاج تجويز ڪيو وڃي ٿو۔
    پتي بابت موضوع اڃا هلندڙ آهي۔ان بابت وڌيڪ ڄاڻ هن موضوع جي آخر ۾ شامل ڪندس۔ انشاالله
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا رحيم بخش۔۔۔توهان کي فڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي۔ پتي جون پٿريون ڀلي سڄي عمر به پيل هجن ته ڪو حرج نه آهي۔ انهن جو علاج فقط تڪليف جي صورت ۾ ئي تجويز ڪيو ويندو آهي۔
    منهنجي ڪوشش آهي ته هن موضوع جي پورو ٿيڻ کانپو توهان سميت سڀئي دوست پاڻ ئي پتي جي پٿري جي علاج بابت درست فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سائين ممتاز قريشي صاحب جو نهايت ئي وقتائتو ونڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙا مسئلا اڄڪلهه عام ٿي ويا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر توهان جيڪي سمٽمس ٻڌايا آهن ان مان ته لڳي ٿو ته اسان پارا به هن ئي وقت کان ئي پرهيز ڪرڻ شروع ڪن جو اهڙا سمٽمس ڪڏهن ڪڏهن ٿي پون ٿا۔

    توهان جو هي مضمون نهايت ئي مفيد آهي، الله تعالي سڀني کي پنهنجي پناهه ۾ رکي آمين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ممتاز صاحب لک قرب توهان جا قيمتي معلومات ونڊ ڪرڻ تي

    جس لهڻو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا ممتاز قريشي صاحب السلام عليڪم! پتي جي پٿري جي باري ۾ تمام قيمتي ڄاڻ ڏني اٿئو، جنهن کي پڙهڻ سان اسان جي ڄاڻ م تمام سٺو اضعافو ٿيو آهي۔ جيڪڏهن پتي جي پٿري ليپراٽامي ڪري ڪڍي وڃي ته ان جا ڪهڙا سائيڊ افيڪٽ ٿئي سگهن ٿا؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    پتي جي پٿري جي سڃاڻپ
    جڏهن مريض کي مٿي ٻُڌايل علامتون ۽ پيٽ جي مٿئين ساڄي حصي ۾ سُور پوي ته پتي ۾ پٿري جو شڪ ٿيندو آهي۔
    جديد ميڊيڪل سائنس ۾ پتي جي پٿري جي سڃاڻپ لا مختلف ٽيسٽ ڪيا ويندا آهن۔
    بلڊ ٽيسٽ (Blood Tests):
    رت جا ٽيسٽ ڪرائڻ جا مقصد هي آهن۔
    • انفيڪشن جي موجودگي جي پڪ ڪرڻ (اهڙي صورتحال ۾ رت ۾ موجود اڇا جزا وڌي ويندا آهن۔)
    • پتي جي نالي بند ٿيڻ جي پڪ ڪرڻ ( اهڙي صورتحال ۾ رت ۾ بليريوبن جي ليول وڌي ويندي آهي۔)
    • پيٽ جي سُور جا ٻيا ڪارڻ ڳولهڻ۔
    الٽراساؤنڊ (Ultrasound):

    [​IMG] [​IMG]
    • هن ٽيسٽ وسيلي جسم جي اندرين مختلف حصن جون تصويرون ڏسڻ سان گڏوگڏ ڪڍي به سگهجن ٿيون ۽ ڪنهن به عضوي جي بيماري بابت درست معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي۔
    • اڄڪلهه اها ٽيسٽ سستي، بغير ڪنهن تڪليف جي مختلف وڏين اسپتالن ۾ آساني سان ميسر آهي۔
    • ڪنهن ماهر الٽراساؤنڊ اسپيشلسٽ کان ڪرايل پيٽ جو الٽراساؤنڊ پتي جي پٿري جي سڃاڻپ ۽ پڪ ڪرڻ لا ڪافي هوندو آهي۔
    گال بليڊر اسڪين (Gall Bladder Scan) (HIDA Sacan):

    [​IMG]
    • هن ٽيسٽ ۾ هڪ انجيڪشن لڳائي اهو ڏٺو ويندو آهي ته پتو پنهنجو ڪم درست ڪري رهيو آهي يا نه۔
    [​IMG] [​IMG]
    • عام طور تي الٽراساؤنڊ پتي جي پٿري جي موجودگي جي پڪ ڏئي ڇڏيندو آهي پر ڪجهه مريضن ۾ الٽراساؤنڊ پٿري کي ڳولڻ ۾ ناڪام به ٿي سگهي ٿو۔ اگر ڊاڪٽر کي وڌيڪ تسلي ڪرڻ جي ضرورت پوي ۽ مريض ۾ پتي جي پٿري جون علامتون به هجن ته اهڙي صورتحال ۾ گال بليڊر اسڪين تجويز ڪيو ويندو آهي۔
    • انجيڪشن لڳائڻ کانپو مختلف وقفن سان ايڪس ري فوٽو ڪڍيا ويندا آهن۔ انهن ايڪس ري فلمن ۾ اها دوا جگر، پتي ۽ ان جي نالين مان گذرندي ننڍي آنڊي تائين ڏسي سگهبي آهي۔ ان ٽيسٽ سان پتي ۾ موجود پٿري به ڳولهي لهبي آهي۔
    سي ٽي اسڪين (CT Scan) (Computed Tomography):
    [​IMG] [​IMG]
    • هن ٽيسٽ ۾ اهڙيون اسپيشل ايڪسري فلمون ڪڍيون وينديون آهن جن سان جسم کي آڏن ٽڪرن ۾ ورهائي هر هڪ حصي جي الڳ الڳ تصوير ڪڍي ويندي آهي۔
    • انهن ايڪسريز جي مدد سان جسم جي ڪنهن به حصي ۾ موجود مختلف عضون کي نه صرف ڏسي سگهبو آهي پر ڪنهن به عضوي ۾ موجود خرابي، ان جي اصل جڳهه، پکيڙ وغيره نهايت آساني سان ۽ درست طرح معلوم ڪري سگهجي ٿي۔
    • سي ٽي اسڪين ذريعي پتي ۾ موجود پٿريون ۽ پتي جي آس پاس موجود جسم جي مخلتف حصن جي خرابين کي ڏسڻ ۽ تشخيض ڪر ڻ نهايت آسان آهي۔
    اينڊو اسڪوپڪ الٽراساؤنڊ (Endoscopic ultrasound):

    [​IMG]
    • هي هڪ جديد ٽيسٽ آهي جنهن ۾ اينڊو اسڪوپڪ اوزار ذريعي پتي جو الٽراساؤنڊ ڪيو ويندو آهي ۔
    اينڊو اسڪوپڪ ريٽروگريڊ ڪولينجيوپينڪرياٽوگرافي (Endoscopic retrograde cholangiopancreatography) (ERCP):

    [​IMG] [​IMG]
    • هن ٽيسٽ ۾ اينڊو اسڪوپڪ اوزار وات ذريعي پيٽ ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ۽ ٽي وي مانيٽر تي ان جي چُر پُر ڏسندي معدي ۽ ننڊي آنڊي ۾ پهچي پتي جي نالي ۾ هڪ دوا داخل ڪئي ويندي آهي جنهن سان پتي جي نالي ۾ موجود پٿرين جي موجودگي جي نه صرف پڪ ڪئي ويندي آهي پر انهن کي ساڳئي اينڊو اسڪوپڪ اوزار وسيلي ڪڍي به سگهجي ٿو۔
    [​IMG]
    هلندڙ۔۔۔۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا سائين۔۔مضمون پسند ڪرڻ لا مهرباني۔
    اڄ جي جديد دور ۾ پتي جي تڪليف ده پٿري جو علاج هڪ آهي ۽ اهو آهي پتي کي پٿرين سميت جسم مان مڪمل ڪڍي ڇڏڻ۔
    ليپراٽمي جو مطلب پيٽ کي کولڻ آهي۔ ليپراٽمي ڪري پتي کي ڪڍڻ وارو طريقو ميڊيڪل ۽ سرجري جي شروعاتي دور کان عام آهي پر هاڻ جيئن ته جديد اوزارن جي موجودگي ۾ پتو نهايت آساني سان ڪڍڻ ممڪن آهي ۽ ڪافي مسئلن کان بچي سگهڻ به ممڪن بڻجي ويو آهي ، انڪري ليپراٽمي ڪري پتي کي تمام گهٽ ڪڍيو وڃي ٿو۔
    ليپراٽمي سان مختلف مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا۔
    مثال طور:
    • پيٽ تي وڏي چيري لڳڻ سان وڌيڪ سُور ۽ تڪليف
    • ڪافي ڏينهن تائين ڪم ڪار کان لاچاري ۽ بستري تي آرام ڪرڻ جي مجبوري۔
    • زخم ۾ انفيڪشن ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو
    • آپريشن واري زخم ۾ هرنيا جو ڳوڙهو ٿيڻ جو خطرو
    • پيٽ تي هميشه لا وڏو بدنما نشان رهجي وڃڻ
    پتي کي جسم مان ڪڍڻ جا مختلف طريقا آهن۔ ( موضوع اڃا هلندڙ آهي۔ پتي جي پٿري جي علاٍج بابت آخر ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس۔ انشاالله)
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    پتي جي پٿري کان ڪيئن بچجي۔۔۔؟ ڪجهه احتياطي اُپا۔۔۔
    جديد ميڊيڪل سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان جي روزمره جي خوراڪ پتي جي پٿري ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي۔
    پتي جي پٿري کي نظر ۾ رکندي اسان جي خوراڪ نقصانڪار به ٿي سگهي ٿي ۽ فائيديمند به۔۔
    نقصان پهچائيندڙ خوراڪ:
    چڪنائي، چرٻي(Fat) : جيئن ته پهرين ذڪر ٿي چڪو آهي ته پتي جون پٿريون 80 سيڪڙو ڪوليسٽيرول جون ٺهيل هونديون آهن۔ انڪري اهڙي خوراڪ جنهن ۾ سڻڀ يا چڪنائي جو مقدار زياده هجي ته اها پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿي۔ خاص طور تي سيچوريٽيڊ فيٽ (Saturated Fat) جيڪو گوشت، مکڻ ۽ هر ان غذا ۾ موجود هوندو آهي جيڪا جانورن جي ذريعي سان آئي هجي۔
    [​IMG]
    اهڙي خوراڪ کائيندڙن کي نه صرف پتي جي پٿرين جي بيماري لڳڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي پر پتي جي پٿرين مان ٿيندڙ خرابيون به جلد ٿي سگهن ٿيون۔
    مٺاڻ (Sugar) : گهڻن مٺن کاڌن کائڻ سان پتي ۾ پٿري ٺهڻ جي عمل ۾ تيزي اچي وڃي ٿي۔ اهي ماڻهو جن کي شگر جي بيماري (Diabetes) به هجي ته اُهي پنهنجي شگر جي ليول کي ضرور نارمل حد ۾ رکن ته جيئن پتي جي پٿري ٺهڻ کان محفوظ رهي سگهجي۔
    [​IMG] [​IMG]
    فائيديمند خوراڪ:
    • اها خوراڪ جنهن ۾ فائيبر (Fiber) جو مقدار وڌيڪ هجي۔ مثال طور مختلف ڀاڄيون وغيره۔
    • هر قسم جا تازا ميوا۔
    • جديد تحقيق سان اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته اخروٽ، پستا، بادام ۽ مونگ ڦلي وغيره کائڻ سان پتي جون پٿريون ٺهڻ جو عمل رڪجي وڃي ٿو۔
    [​IMG]

    • تازي هڪ رپورٽ ۾ اهو به ٻُڌايو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي روز هڪ ڪوپ ڪافي جو پيئندا آهن انهن کي پتي جي پٿري جي تڪليف نه ٿيندي آهي۔ ڇو جو ڪافي ۾ موجود ڪيفين (Caffeine) نالي هڪ جزو اسان جي پتي کي هر وقت چُست رکي ٿو ۽ پتي ۾ محفوظ ٿيل بائيل کي فورن ان مان خارج ڪري ننڍي آنڊي تائين پهچائي ٿو۔
    • پنهنجي وزن کي نارمل رکڻ سان به پتي جي پٿرين کي وڌڻ کان روڪي سگهجي ٿو۔
    پتي جي پٿري ۽ الڪوحول (شراب) جو استعمال۔۔۔!!
    جديد تحقيق مطابق شراب جي استعمال سان پتي ۾ پٿريون نه ٺهنديون آهن۔
    هڪ تحقيقي رپورٽ ۾ اهو به ٻُڌايو ويو آهي ته شراب جي تمام ٿوري مقدار ( تقريبن هڪ آؤنس يعني 30 ملي لٽر جي برابر) روزانو استعمال ڪرڻ سان 20 سيڪڙو عورتن ۾ پتي جي پٿري کان بچڻ ممڪن آهي۔
    [​IMG]
    هڪ ٻي رپورٽ موجب شراب جي مقدار (تقريبن هڪ کان ٻه آؤنس يعني 30 کان 60 ملي لٽر) جي استعمال سان دل جي بيمارين کان بچڻ به ممڪن آهي۔
    پر اها ڳالهه به ذهن ۾ رهي ته شراب جي استعمال سان عورتن ۾ ڇاتين جو ڪينسر ۽ مرد توڙي عورتن ۾ جگر جون ڪافي بيماريون ٿيڻ جو خطرو پڻ وڌي وڃي ٿو۔۔۔!!!

    پتي جي پٿري جو علاج۔۔۔۔
    [​IMG]
    پتي جي پٿري جو علاج مريض ۾ موجود علامتن، مختلف رت جي رپورٽن ۽ بيماري جي اسٽيج مطابق ڪيو ويندو آهي۔
    • خاموش پٿريون (Silent Stones) : جڏهن پتي جون پٿريون تڪليف ڪرائيندڙ نه هجن ته ان جو ڪو خاص علاج ڪرائڻ جي به ضرورت نه هوندي آهي۔ اهڙن ماڻهن کي صرف پنهنجي خوراڪ ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻ گهرجن ته جيئن زندگي ۾ ڪڏهن به کين اهي پٿريون نقصان پهچائي نه سگهن۔ ( ان خوراڪ بابت مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي۔)
    • جڏهن پتي جون پٿريون تڪليف ڪرائيندڙ ٿي وڃن ته پو ان جو واحد حل آپريشن ڪري پتي کي پٿرين سميت جسم مان ڪڍي ڇڏڻ آهي۔ ان آپريشن کي ڪولي سِسٽيڪٽومي (Cholecystectomy) چوندا آهن۔ پهرين اهو آپريشن پيٽ کي کولي (Laparotomy) ذريعي ڪيو ويندو هو پر اڄ جي جديد دور ۾ ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ ٻين ڪيترن ئي تبديلين سان گڏوگڏ هن آپريشن جا به مختف طريقا وجود ۾ اچي چڪا آهن۔ (ان بابت ذڪر اڳتي ايندو)
    • پتي جون اهي پٿريون جيڪي پتي مان نڪري ان جي نالين ۾ رڪاوٽ ڪرائيندڙ هجن يا جيڪي ان جي نالين ۽ پتي کي انفيڪشن ڪرائيندڙ هجن يا جيڪي لبلبي کي خراب ڪرائيندڙ هجن، انهن جو علاج سڌوسنئون پتو ڪڍڻ نه آهي۔ پهرين انهن پٿرين جي سبب کان جيڪي خرابيون ٿي چڪيون آهن انهن کي ٺيڪ ڪيو ويندو آهي مثلن: انفيڪشن کي ختم ڪرڻ لا اينٽي بايوٽڪ جو استعمال، لبلبي جي خرابي جو علاج وغيره ۽ پو پتي کي ڪڍڻ جو سوچيو ويندو آهي۔
    هلندڙ۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    پتي جي تڪليف ده پٿرين جا قديم ۽ جديد آپريشن
    پتي جي پٿرين جي تڪليف هميشه لا ختم ڪرڻ ۽ ٻيهر پتي ۾ پٿري ٺهڻ کان بچڻ لا پتي کي پٿرين سميت ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي۔ان جي لا عام طور تي پيٽ تي هڪ وڏو چيرو ڏئي آپريشن ڪيو ويندو آهي پر وقت گُذرڻ سان گڏوگڏ چيري جي ماپ گهٽ ٿيندي ٿيندي چار سوراخ ۽ پو صرف هڪ سوراخ ۽ هاڻ ته بغير ڪنهن سوراخ جي به پتي کي ڪڍڻ ممڪن بڻجي ويو آهي۔
    اڄ جي جديد دور ۾ پتي کي ڪڍڻ جا مختلف طريقا آهن۔
    مثال طور:
    • اوپن ڪولي سِسٽيڪٽومي (Open Cholecystectomy)
    • ليپرو اسڪوپڪ ڪولي سِسٽيڪٽومي (Laparoscopic cholecystectomy)
    • روبوٽڪ اسڪارليس گال بليڊر سرجري (Robotic Scarless Gallbladder Surgery)
    • ٽرانس وجائينل ڪولي سِسٽيڪٽومي (Transvaginal cholecystectomy)
    اوپن ڪولي سِسٽيڪٽومي (Open Cholecystectomy):
    • پتي کي ڪڍڻ جو هي هڪ پراڻو آپريشن آهي۔ اڄ به ڪافي ملڪن ۾ هن ئي طريقي سان پتي کي ڪڍيو ويندو آهي۔
    • هن آپريشن ۾ مريض کي مڪمل بيهوش ڪري پيٽ جي مٿئين ساڄي پاسي تي هڪ وڏو چيرو ڏئي جگر جي هيٺين سطح تائين پهچبو آهي۔
    • مڪمل احتياط سان پتي مان نڪرندڙ نالين کي ۽ پتي جي آس پاس گُذرندڙ اهم رت جي رڳن کي بچائيندي پتي کي پٿرين سميت مڪمل ڪڍڻ هن آپريشن جو اهم مقصد آهي۔
    [​IMG] [​IMG]

    ليپرو اسڪوپڪ ڪولي سِسٽيڪٽومي (Laparoscopic cholecystectomy):
    • هن آپريشن ۾ جديد اوزارن وسيلي مريض جي پيٽ تي مختلف حصن ۾ تمام ننڍا چار سوراخ ڪيا ويندا آهن ان کانپو ٽي وي مانيٽر تي ڏسندي نهايت مهارت سان پتي کي پٿرين سميت ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي۔
    • عام طور تي هن آپريشن لا مريض کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي به ضرورت نه هوندي آهي۔ اڪثر مريضن جو صبح جو آپريشن ۽ شام تائين موڪل ملڻ ممڪن هوندي آهي۔
    [​IMG]
    هن آپريشن جا فائيدا:
    • پيٽ تي وڏي بدنما نشان کان بچت
    • وڏي زخم جي تڪليف کان بچت
    • انفيڪشن ٿيڻ جو تمام گهٽ خطرو
    • آپريشن جي زخم ۾ هرنيا جو ٿيڻ تمام گهٽ
    • جلد موڪل ۽ جلد نارمل ڪم ڪار تي وڃڻ
    روبوٽڪ اسڪارليس گال بليڊر سرجري
    (Robotic Scarless Gallbladder Surgery)
    • هي آپريشن تمام جديد اوزارن جي مدد سان مريض جي دُن ۾ صرف هڪ سوراخ وسيلي ڪيو ويندو آهي۔
    • هي آپريشن ڪندڙ سرجن عام طور تي آپريشن ٿيئٽر کان ٻاهر آرامده جديد ڪرسي تي ويهي روبوٽ جي مدد سان هي آپريشن ڪندو آهي۔
    • ڪجهه ملڪن ۾ اها به سهولت آهي ته سرجن ڪنهن ٻئي شهر يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ويهي هي آپريشن ڪرڻ جي قابل هوندو آهي۔
    هن آپريشن جا فائيدا۔
    • آپريشن جو نشان صرف هڪ ۽ تمام ننڍو (نه هئڻ برابر)
    • تمام گهٽ رت جو ضايع ٿيڻ
    • تمام جلد نارمل زندگي ڏانهن موٽ
    [​IMG]

    ٽرانس وجائينل ڪولي سِسٽيڪٽومي (Transvaginal cholecystectomy):
    • هي هڪ نهايت جديد آپريشن آهي۔ هن کي نوٽس Natural Orifice Translumenal Endoscopic Surgery (NOTES) به چوندا آهن۔ هن طريقه علاج سان مريض جي جسم تي ڪنهن به قسم جو نشان نه پوندو آهي۔
    • هن آپريشن ۾ انسان جي جسم ۾ موجود قدرتي سوراخن مان ڪنهن به سوراخ کي استعمال ڪندي هڪ ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان مريض جي بيماري واري جڳهه تي پهچبو آهي ۽ ان جي خرابي جو علاج ڪيو ويندو آهي۔
    • مريض جي وات ذريعي معدي ۾ پهچي يا عورتن ۾ وجائينا (زنانو رستو) ذريعي پيٽ ۾ پهچي مختلف آپريشن ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو آهي۔ پتي کي به اهڙي ئي طريقي سان ڪڍيو ويندو آهي۔
    • هن آپريشن سان مريض جي جسم تي ڪنهن به قسم جو ڪو زخم نه لڳندو آهي،
    [​IMG]
    حوالا: ميڊيڪل جا مختلف ڪتاب، تصويرون نيٽ تان ورتل۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو