خواب نگر کي حقيقت ۾بدلائيندڙ محمود مغل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    پروفيسر، ڪمپيئر، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار
    ڊاڪٽر محمود مغل
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون
    _____


    خواب نگر کي حقيقت ۾ بدلائيندڙ محمود مغل
    محمد سليمان وساڻ

    محمود مغل سان چاهيندي به ديرسان ملاقات ٿي پر کيس ٽي وي تي ڪمپئرنگ ڪندي ۽ سندس خواب نگر واري ڪالم کي پڙهندي ايئن لڳو هوم ڄڻ مان محمود مغل سان گڏ آهيان ۽ هو منهنجي حوصلا افزائي ڪندي پٺي ٺپي ٿو ۽ چوي ٿو ته سچ جي راهه تي هل اهو به محنت سان ۽ پوء ساڻس اي ميل ذريعي رابطو ٿيندو رهيو. خواب نگر بند ٿيو ته ڊاڪٽر محمود مغل سان اي ميل وارو سلسلو به ٽٽي پيو.

    ڊاڪٽر محمود الحسن مغل 27 نومبر 1941ع تي سيوهڻ شريف ۾ ميان نور محمد مغل جي گهر جنم ورتو. شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ۽ ايم بي بي ايس 1988ع ۾ ايل ايم سي مان پاس ڪيائون. 1982ع کان سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي جي شعبي ۾ پڙهائي رهيا آهن ۽ هن وقت فزيڪل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر طور پڻ پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن. هو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي، هو هڪ شفيق استاد به آهي ته بهترين ڪالم نگار پڻ. محمود مغل ڊراما نگار به آهي ته حساس ڪهاڻيڪار به آهي. هو ريڊيو جوبهترين ڪمپيئر به آهي ته مڃيل اسٽيج ڪمپيئر پڻ آهي. 1975ع ۾ هن پهرين ڪهاڻي لکي، 1982ع ۾ نصير مرزا کين ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪرايو، 1989ع ۾ ٽي وي تي پهريون پروگرام ڪيائون. 1982ع ۾ ٽي وي لاء پهريون ڊرامو آئيڊيل لکيائون. هن وقت تائين ٽي وي لاء سنڌي ۾ 21 سيريلز سان گڏ 37 سولو ڊراما ۽ ان سان گڏ 27 اردو سيريلز ۽ ڊراما پڻ لکيا اٿس. سندس ڪاوش ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو خواب نگر ڇپيو به آهي ته ساڳي وقت سنڌ سلامت تي به موجود آهي.

    محمود مغل کي سندس ادبي ۽ فني خدمتن عيوض پي ٽي وي پاران 7 مڃتا اوارڊ جڏهن ته 2013ع ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏنو ويو. ڊاڪٽر محمود مغل ٽي وي ۽ ريدِيو تي ڪيترن ئي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ سان گڏ مسلسل لکندو رهيو آهي. سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻي جي جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي سلام پيش ڪيون ٿا.
    ______


    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 نومبر 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عمران فيض شيخ

    عمران فيض شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 نومبر 2013
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    وساڻ صاحب، شيخ اياز جي تاريخ پيداءش اور تاريخ وفات ته ٻڌايو۔ مهراباني
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پنهنجي زندگيءَ جو ذِڪر ڪندي سدائين عُمرِ عزيز چوندڙ هِن ڀلي ماڻهو جي اها ڳالهه اڃان ڪلهه ئي ياد پئي ڪيم ته اڄ خبر پئي سندس سالگرهه آهي. سندس عُمرِ عزيز جا ٻاونجاهه سال گُذري چُڪا جِن ۾ هِن گهڻو ڪُجهه ڪري ورتو. اڃان به هڪ بهترين انسان ۽ اُستاد طور خدمتن کان علاوه قلمي پورهيو به ڪري پيو. وڏي حياتي ماڻي سدا خوش هُجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    شيخ اياز جو جنم 2 مارچ 1923ع تي ٿيو۔ سندس وفات 28 ڊسمبر 1997ع تي ٿي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهڙا امله ماڻڪ جڳ جڳ جيئن ، سدا جيئن۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اهي سوال واقعي سليمان وساڻ کان پُڇجن جنهن وڏي محنت سان اها ڊيٽا تيار ڪئي آهي۔

    ڪڏهن ڪڏهن سندس غيرموجودگي ۾ ۽ ذيشان رشيد جي سدا مصروف روٽين جي ڪري، اهو ڪم ڪندي احساس ٿيندو هو ته اهو ڪيڏو ڏُکيو ڪم آهي۔ آئون جڏهن به تاريخ جي دري لکڻ وٺس ٿي ته منهنجي زال پُڇي ”ادا سُليمان ڳوٺ ويل آهي ڇا؟“
    چوانس ”توکي ڪيئن خبر پئي“
    ته ٺهه پهه چئي ”تو جهڙو لاغرض ماڻهو جنهن کي نه ڪو رات جي کاڌل ماني ياد نه ٻارن جي برٿ ڊي نه ڪو پنهنجي شادي جي سالگرهه ۽ هينئر ورهيه پُراڻا مرڻا پرڻا لکڻ ويٺو آهين سو يقين اٿم ادا ڳوٺ ويل آهي ۽ اهوڪم تنهنجي ذميداري تي آهي۔“
    ۽ اڪثر مون کان سليمان جو سال کان بنا ناغي هلندڙ سلسلي کي چار ڏينهن به لاڳيتو هلائي وڃڻ ۾ ناڪام ويندو هوس ته ڳوٺان موٽي آيل سليمان جون اکيون اُهو سڀ چئي وينديون هيون جيڪو هو مُروت جو ماريل ڀلو انسان مون کي ڪڏهن به زبان سان نه چئي سگهيو۔
    هزارين مان رڳو مَشڪور هُن جا ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ شل جُڙيو هُجي جهان ۾ ۽ اهڙا ڪم هلندا رهن۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    پروفيسر، ڪمپيئر، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر محمود مغل صاحب جون ڳالهيون ۔۔ڳالهه ٻولهه: عائشه جمالي

    محمود مغل جي شخصيت هر دلعزيز آهي. هن سدائين پيار ڪرڻ سکيو آهي. نفرت جو نالو سندس ڊڪشنري ۾ ناهي. هو خوابن تي گهٽ ۽ حقيقت تي وڌيڪ يقين رکندو آهي. منجهس خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي صلاحيت آهي. سندس تعلق سيوهڻ شهر سان آهي. پاڻ ميان نور محمد مغل جي گهر ۲۷ نومبر ۱۹۶۱ع ۾ پيدا ٿيو. محمود مغل ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس، ڪالم نگار، ريڊيو ۽ ٽي وي جو بهترين ڪمپيئر آهي.
    مان عبرت جي ”سندر ايڊيشن“ لاءِ انٽرويو ڪرڻ لاءِ پهتس ته ڪنهن ڪم ۾ مصروف هو. منهنجو آواز ٻڌي ڪم ڇڏي مون کي ڀليڪار ڪيائين. سندس هٿ ۾ ڪتاب هو، سندس آفيس ۾ کوڙ سارا ڪتاب، سندس ادب دوستيءَ جي شاهدي به ڏئي رهيا هئا. هو ڪرسيءَ تي ٺهي ٺڪي ويٺو ته مون کانئس سوال ڪيو ته؛ ”اوهان کي ميڊيا، يعني ريڊيو ۽ ٽي وي تي اچڻ جو شوق ڪيئن جاڳيو؟“
    مرڪي جواب ڏنائين ته؛ ”مون کي ننڍي هوندي کان ئي مشهور ٿيڻ جو شوق هوندو هو. اپريل ۱۹۸۲ع تي ريڊيو ۽ ۱۹۸۹ع ۾ ٽي وي جوائن ڪيو.“
    ريڊيو تي پهرين پروگرام بابت، سوال جي جواب ۾، محمود مغل وراڻيو ته؛ ”ريڊيو تي منهنجو پهريون پروگرام ادبي سنگت هو، جيڪو نصير مرزا رڪارڊ ڪيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته نصير مرزا هن وقت ريڊيو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي.“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”مان بلڪل عجيب قسم جو انسان آهيان، مون کي ڪڏهن به ڪنهن کان ڊپ ناهي لڳندو.“
    ننڍپڻ جون يادگيريون ذهن جي ڪينواس تي آڻيندي هن ٻڌايو ته؛ ”اوهان کي حيرت ٿيندي ته ننڍپڻ ۾ مان تمام گهڻو روئيندو هوس ۽ مون کي چيو ويو ته اسٽيج تي قرآن شريف پڙهه. جڏهن اسٽيج تي پهتس ته گهٻرائجي پريشان ٿي ويس. اڳتي هلي منهنجي استادن منهنجي مدد ڪئي. انهن جي رهنمائي سان ۱۹۷۹ع ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيم.“
    ميڊيا بابت سوال ڪيم؛ ”اوهان جي خيال ۾ ميڊيا ڪيتري حد تائين ملڪي ماڻهن تي اثر ڪيو آهي ۽ ميڊيا جي ڪري معاشري ۾ ڪيتري بهتري آئي آهي؟
    محمود ڪجهه سوچيندي جواب ڏنو ته؛ ”ميڊيا اسان جي معاشري تي تمام گهڻو اثر انداز ٿيو آهي. اڳ ماڻهن کي خبرن ۽ ڪرنٽ افيئرز بابت ايتري ڄاڻ ڪا نه هئي. پر هاڻي ميڊيا جي وسيلي ماڻهو، دنيا جو حال احوال ۽ معلومات رکن ٿا.“
    مون کانئس پڇيو ته؛ ”اوهان ليکڪ ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏوگڏ، سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهيو. ايترين ذميوارين کي ڪيئن ٿا مئنيج ڪيو؟“
    هن جواب ۾ هڪ ڊائري ڏيکاري ۽ چيو ته؛ ”مان پنهنجي ڪلاسن جو وقت، ڊائري ۾ لکندو آهيان ۽ هڪ ٽائيم ٽيبل جوڙيندو آهيان. مان وقت جو پابند آهيان. مون کي ڪا ڪوٺ ملندي آهي ته مقرر وقت تي پهچي ويندو آهيان.“
    سوال ڪيومانس ته؛ ”گهر وارن کي ڪيترو وقت ڏيندا آهيو؟“
    جواب ۾ وراڻيائين ته؛ ”گهر وارن کي به وقت ڏيندو آهيان. جڏهن به کين منهنجي مدد جي گهرج پوندي آهي ته هر قدم تي سندن ساٿ ڏيندو آهيان. مان پنهنجي گهر وارن سان بلڪل دوستاڻي نموني هلندو آهيان. پر جڏهن ڏسندو آهيان ته هو غلط آهن ته کين دڙڪا به ڏيندو آهيان. پوءِ پيار سان کين سمجهائيندو به آهيان.“
    سوال پڇيم ته؛ ”اوهان کي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن يا شاگردن کان سٺي موٽ ملندي آهي؟“
    محمود مغل چيو ته؛ ”سٺي موٽ ملڻ تي خوشي ٿيندي اٿم. پر مان ان تي يقين ناهيان رکندو ته ڪنهن جي مدد ڪئي اٿم ته ٻيو به منهنجي مدد ڪري.“ مون کانئس پڇيو ته؛ ”تمام سٺي چوڻي آهي ته قلم ۾ طاقت آهي. ته ڇا اوهان پنهنجي قلم جي ذريعي معاشري ۾ ڪا بهتري آندي هجي يا ان سلسلي ۾ ڪا ڪوشش ڪئي هجي؟“
    محمود مغل جواب ڏنو ته؛ ”ها، مون ڪوشش ڪئي پر مون کي ڪا موٽ نه ملي. پوءِ مون مايوس ٿي لکڻ گهٽائي ڇڏيو.“
    هڪ سوال جي جواب ۾ هن وراڻيو ته؛ ”منهنجي نظرن ۾ سڀ شاگرد برابر آهن. منهنجي پڙهائڻ جو انداز اهڙو آهي جو پهرئين ڏينهن، پنهنجي شاگردن کي ڪجهه هدايتون ڪندو آهيان ۽ ها منهنجي ڪلاس ۾ سڀ برابر آهن. نڪو ڇوڪرو آهي ۽ نه ڪا ڇوڪري. سڀ دوستن وانگر آهن ۽ گڏجي سڏجي پڙهندا آهن. ڪو به زباني مسئلو ناهي هوندو. ڪلاس ۾ سنڌي، اردو، پشتو سڀئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. منهنجي نظر ۾ سڀئي خوبصورت ٻوليون آهن ۽ جڏهن به مان شاگردن کان مڊٽرم وٺندو آهيان ته کين سندن پيپر ڏيندو آهيان ته اهي پاڻ پنهنجي پيپرن تي ڪلڪ ڪري غلطيون سڌارين.“ صحافت بابت سوال ته؛ ”سٺو صحافي ٿيڻ لاءِ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟“
    جواب ۾ چيائين ته؛ ”سٺي صحافي ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته کيس ڪرنٽ افيئرز ۽ تازن واقعن ۽ ماضيءَ جي حوالي سان به مڪمل ڄاڻ هجي.“ شاگردن لاءِ پيغام ڏيندي محمود مغل چيو ته؛ ”ايترو چوڻ چاهيندس ته اوهان پنهنجو ڪم پاڻ ڪيو ۽ وقت تي ڪيو. وقت جي پابندي ڪريو.“
    ها ڪنهن به ماڻهوءَ جي سڃاڻپ، سندس دوستن سان ٿيندي آهي. محمود مغل جي ويجهي دوست پروفيسر ليکڪ ڪمپيئر جو چوڻ آهي ته؛ ”محمود مغل تمام دوستاڻي طبيعت جو مالڪ آهي. هر ڪنهن سان مرڪي ملندو آهي ۽ هر ڪنهن جي عزت ڪندو آهي. ڪڏهن به ڪنهن کي محمود مغل جي ضرورت پوندي آهي ته موجود هوندو آهي. ايماندار انسان آهي، پنهنجي زندگي، ايمانداريءَ سان گذاري اٿس. سندس لکڻيون حقيقت تي مبني هونديون آهن.“
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ماشاء الله ادا ممتاز علي وگهيو صاحب اوهان ادبيات ، شخصيات ۽ لطيفيات تي سٺو عبور رکيو ويٺا آهيو گڏوگڏ املھ مواد پڻ پاڻ وٽ ذخيرو ڪري رکيو اٿو جو جڏهن به ڪي موضوع ۾ تحرير لکو ٿا ته ان تي مواد جا انبار لڳائي ٿا ڇڏيو جو پو ڪنهن به قسم جي تشنگي باقي نٿي رهي ۔ اوهان جي اها ڳالھ اوهان جي نالي مصداق بڻائي ٿي ڇڏي ! جاري رکجو والسلام۔۔۔۔۔۔
    ادا سليمان لک قرب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محمود مغل جڏهن پي ٽي وي تي ميزباني ڪندو هو ته مان ان جو پروگرم شوق سان ڏسندو هيس۔۔۔۔۔۔۔۔ خواب نگر تمام بهترين لکندو هيو،۔۔۔۔۔۔ اديٰ ممتاز جو تصويرن ڀريل مضمون تمام بهترين هر دفعي وانگر​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين محمود مغل کي سندس جنم ڏڻ ۽ عمر عزيز جي هڪ نئين سال ۽ نئين بهار ڏانهن وک وڌائڻ تي دعا پيا ڪيون ته پاڻ سدا مرڪندا رهن.

    [​IMG]
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    محمود مغل سان پهرين ملاقات​

    هونئن ته محمود مغل منهنجي پسنديده ليکڪن مان آهي. پر ياد اٿم ساڻس پهرين ملاقات جيڪا سائين ابراهيم جويو صاحب جي سئو ساله جنم ڏينهن تي ٿيندڙ پروگرام ۾ ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾. پروگرام کانپوء مان ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هوس ته سندس آواز ٻڌي ان طرف نظر ڊوڙايم . ٻئي پل سندس محبتن ڀريو ڀاڪر هيو ۽ مونکي نالو وٺي سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ڪم جي تعريف ڪيائين. سندس گرمجوشي سان جهڪيل هٿ ۽ ڀاڪر اڃان به محسوس پيو ڪيان.
    ٻيهر ساڻس ملاقات حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي جتي مونکي ينگ رائيٽرز پاران اوارڊ ملڻو هو. اسٽيج تي ٻين سان گڏ ڊاڪٽر محمود به موجود هيو ۽ منهنجي خواهش هئي ته اوارڊ سندس هٿان ملي ۽ اهوئي ٿيو. اوارڊ ڏيندي پاڻ به خوش هيو.
    ملاقاتون ۽ ڪچهريون فون تي روبرو هاڻ به ٿينديون رهن ٿيون.
    سندس جنم ڏڻ تي سندس سندس صحتيابي ۽ دراز عمر لاءِ دعاگو آهيان.


    [​IMG]
    ينگ رائيٽرس فورم پاران سوشل ميڊيا ۽ سنڌ سلامت تي ٻولي ۽ ثقافت جي بهتري لاء ڪم ڪرڻ تي سنڌ راڻي اوارڊ 2014 ڏنو ويو. 9 جنوري 2015ع تي ممتاز مرزا آديٽوريم حيدر آباد ۾ نامياري ليکڪ ۽ ڊراما نگار محمود مغل هٿان اوارڊ وصول ڪندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو