سنڌ ۾ ڪيترائي علمي ديني درسگاه آهن جن مان سنڌ جا ڪيترائي عالم ، فاضل پيدا ٿيا، جن پنهنجي علم سان انسانيت جو درس ڏنو ۽ علم جي واڌاري لاءِ انهن ڪيتريون ئي درسگاهون تعمير ڪرايون، جتان هزارين شاگرد دين اسلام جو۽ انسانيت جو درس حاصل ڪيو.اهڙن ئي درسگاهن ۾ گهوٽڪي جي تايخي درسگاه جامع مسجد به هڪ آهي. جيڪا گهوٽڪي ضلعي جي شهرگهوٽڪي ۾ آهي. جنهن کي هڪ بزرگ هستي حضرت غوث موسيٰ شاه تعمير ڪرائو جيڪا 17 صدي عيسوي ۾ مڪمل طور جڙي راس ٿي ، هن مسجد ۾ ڏهن هزارن کان وڌ يڪ ماڻهن جي گنجائش آهي مسجد ۾ 84 ٿنڀا آهن جن ۾ هڪ حضوري ٿنڀوبه مشهور آهي هن مسجد کي پنج قبا آهن. 17 صدي عيسوي دوران هن مبارڪ مسجد جي اڏاوت شروع ٿي هن ۾ هزارين طالبن ء حآفظن مسجد جي تعمير ۾ حصو ورتو ماٿيلو کان مسجد تائين هزارين حافظ بيهندا هئا، مسجد جي سر الف لام ميم پڙهي پٺي کان پهرين طالب کي ملندي جڏهن ته قرآن شريف جي آخري سورت پڙهبي هئي ته اها سر آخري طالب کي ملندي هئي ءِ سر مستري ديوار ۾ هڻڻدو هيو. يعني مسجد هر سر تي قرآن شريف جو ختم نڪتل آهي. انهي وقت جي هي درسگاه بغداد ، عربستان ۾تمام گهڻي مشهور آهي. هن درسگاه ۾ عربستان کان وٺي برما ۽ ٻين مسلم۽ غير مسلم ملڪن جا طالب علم ديني علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندا هئا، جن لاءِ هڪ سو کان وڌيڪ عالم ، فاضل ءَ حافظ رکيل هئا، جيڪي 1300 سو کان وڌيڪ طالبن کي حفظ ڪرائيندا هئا، جن ۾ تقريبن500 نابين (انڌا) حافظ حفظ ڪندا هئا، انهن عالمن ءَ طالبن جو خرچ لنگر مان ڪيو ويندو هيو، هي سڄي سنڌ مان پهرين تاريخي مسجد آهي جيڪا ڏهين صدي کان اڳ ٺهي، در دروازن، روشندانن لاءِ سمورو ڪاٺ (فرنيچر) ڪشمير کان گهرايو ويو، ماهر ڪاريگرن مسجد لاءِ در دريون وڏي خوبصورتي سان ٺاهيون، جيڪي اڄ تائين ڪنهن مسجد ۾ اهڙو فرنيچر تي ڪاشيگري جو شايد ڪم نه ٿيل آهي، هن مسجد شريف ۾ سنڌ جو لاکيڻو لطيف حضرت شاه عبدالطيف ڀٽآئي رح جڏهن 16 يا 18 ورهين جا هئا ته مسجد ۾ آيا روايت آهي ته شآه سائين سان گڏ هڪ ڪتو به هيو ءَ گوٿري ۾ ڏندو ڪوندو ءَ تنبورو پڻ هيو، اچي مسجد ۾ ويٺا جڏهن اتان جي مولوين اهو لڪاءُ ڏ ٺو ءَ انهن کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ءَ گادي نشين ڏانهن دانهن کڻي آيا ءَ چيائون سائين هڪ هڪ بي ادب مسجد ۾ آيو آهي سندس ڪتو گڏ آهي ءَ ڪتي سميت مسجد ۾ اندر ويٺو آهي منع ڪرن تي به نٿو مڙي وقت جي گادي نشين حصرت غوث موسي شاه پنهنجي مريدين کي ءَ مولوين کي ٻڌايو ته هو ڪو عام ماڻهو نه آهي هي هڪ وڏي هستي حضرت شاه عبدالطيف ڀٽآئي رح آهي. توهين هن کي ڪجه به نه چئو، هن سان پاڻ هلي ملون ٿا، روايت آهي ته حضرت غوث موسي شاه ءَ سندس فرزند حضرت دوست محمد شاه شاه صاحب شاه سان اچي مليا ءَ ساڻس ڪچهري ڪياوئن . غوث موسي شاه مولوين کي ٻڌايو ته ڪتو سندس نفس آهي ڇا توهان نفس ٻاهر ڇڏي آيا آهيو؟ ءِ ڀنگ نه پر بهشت جي طوبي نالي وڻ جا پن آهن، جن مان کستوري جي خوشبو پئي اچي چيو وڃي ٿو ته پوءِ ڀٽآئي صاحب جامع مسجد ۾ پيش امام ٿي نماز پڙهائي، جن پويان سوين طالب ، عالم ءَ مولوي بيٺا هئا ، شاه سائين نماز ۾ چئن طرفن ڏانهن سجدو ڪيو جڏهن شاه سائين نماز پوري ڪئي ته هن جي پٺيان صرف هڪڙو جماعتي حضرت غوث موسي شاه بيٺو هو وري مولوين غوث موسي شاه کي اعتراض ورايو تڏهن حضرت غوث موسي شاه انهن مولوين کي ٻڌايو شاه صاحب جنهن طرف منهن ڪري سجدو ڪري رهيا هئا ان طرف مونکي ڪعبت الله نظر اچي رهيو هو توهان بدنصيب آهيو جو هن پيش امام جي پويان نماز نه پڙهي، هن تاريخي مسجد جي سار سنڀال نه لهڻ سبب صدين کان هن تاريخ تائين ڏينهون ڏينهن خسته خال ٿيندي پئي وڃي مسجد جي اندرين حصي جا چاپڙ جڳه جڳه تان ٽٽي پيا آهن مسجد جا گنبذ ڪمزور ٿي چڪا آهن ، ءَ در دريون ڀڳل حالت ۾ آهن مسجد جي اڳين واري حصي جا به چاپڙ لهڻ شروع ٿي ويا آهن مسجد ۾ پڙهندڙ طالبن ءَ حافظن جوڙايل رهائشي ڪمرا بلڪل خرم ٿي چڪا آهن هن وقت رهائشي واري جڳه جا ڪي به نشان موجود نه آهن ءَ اها جڳه مسجد جي اڳيان ءِ پاسي کان خالي پيل آهي. مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ چار دروازا آهن اتر ءَ ڏکڻ طرف هڪ ءَ اوڀر طرف ٻه دروازا آهن مسجد جي اندر صحن ءَ اڱڻ ۾ پنجاه هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. صدين کان وٺي اڄ تائين هزارين ماڻهو جمعي جي نماز پڙهن جي لاءِ ايندا آهن . جڏهن ته مسجد جا چارئي دروازا استعمال هيٺ آهن، مسجد جو اندريون حصو ءَ ٻاهريون حصو مسجد جو ٻاهر پيل ميدان سيمنٽ رمضان شريف جي آخري جمعي (جمعت الوداع) جي موقعي تي 60 هزار ماڻهن نماز ادا ڪئي آهي. جڏهن ته مسجد جي ڀرسان ٺهيل روڊ تي به نمازين جون قطارون لڳي وينديون آهن هر جمعي مبارڪ تي صبح سان ئي ٻڌرا ءَ پوڙها مسجد ۾ اچڻ شروع ٿي ويندا آهن . ءَ نماز کان اڳ سگهڙن جي ڪچهري پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ ڳجهارتون بيت، قول ءَ بزرگن بابت حال احوال ٿيندا آهن ءَ نماز کان پوءِ مسجد ۾ شآام دير تائين سگهڙ مولود پڻ چوندا آهن . مسجد جي ڀرسان هڪ وڏو قبرستان پڻ آهي . جنهن ۾ عالمن پيرن اوليائن بزرگن جو مزارون ءَ مقبرا آهن . انهن مقبرن ۽ انهن جي ديوارن تي اڪريل ڌار ڌار قسمن جي گلن ۽ ڊزائينو کانسواءِ قرآن شريف جون آيتون به اڪريل آهن . گهوٽڪي جامع مسجد لاءِ اها ڏند ڪٿا مشهور آهي ته سنڌ مسجد جڙي رهي هئي ته هڪ قد آور ديو ايندو هو ۽ مسجد کي شهيد ڪري هليو ويندو هو ديو اهو عمل ڇه ڀيرا ڪيو، آخر هتان جي بزرگ هستي حضرت غوث موسي شاه ۽ سندس خليفا هن ديو جي تاڙ ۾ تلوارن سان لڪي ويهي رهيا رات جي پوئين پهر ديو پهتو مسجد جي ديوارين کي شهيد ڪرڻ شروع ڪيو مٿس حضرت غوث موس شآه ۽ سندس ساٿي خليفا جيڪي سوين تعداد ۾ تلوارن سان گڏ موجود هئا ڪرڪي پيا جنهن ڪري ديو رتو رت ٿي پيو ۽ ان جي هڪڙي آڱر ڪپجي پئي ديو هليو ويو وري ڪڏهن به واپس نه آيو ۽ سندس ڪٽيل آڱر کي مسجد جي ڀر واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪا اڄ به موجود آهي جامع مسجد جي پيش امام ۽ گادي نشين سيد مبارڪ علي شاه ٻڌايو ته هڪ ڀيري هن مسجد ۾ خواجه خضر به اچي چڪو آهي . روايت آهي ته هڪ ڀيرو هڪ عورت جنهن جو تعلق چاچڙ قبيلي سان هو حضرت غوث موس شاه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته مان هڪ غريب ، يتيم ۽ بيواه عورت آهيان منهنجا ست پٽ آهن اسان جو گذر سفر دريا جي ڀرسان ڪجه زمين تي آهي جنهن کي دريا پائي رهيو آهي ۽ سندن لاءِ ڪا دعا گهر و ته جيئن ان مصيبت کان الله پاڪ بچائي حضرت غوث موس شاه هڪ سفيد ڏاڙهي واري بزرگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو جنهن جي پيرن جي کوڙين مان پاڻي وهي رهيو هو ته انهي نوراني بزرگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو اوڏانهن وڃ ۽ ان کي حال احوال ٻڌائي جڏهن اها عورت ان بزرگ وٽ وئي ۽ سمورو حال احوال ٻڌايائين ته مونکي سائين غوث موس شاه اوهان ڏانهن موڪليو آهي منهنجي مصيبت الله پاڪ کان معاف ڪرايو. ان بزرگ عورت کي چيو ته مائي وڃ دريا تنهنجي زمين کان ڪيترائي ميل پري هليو ويو آهي هاڻي تون وڃي سگهين ٿي . جڏهن اها عورت اتي پهتي ته واقعي ۾ دريا پنهنجو رخ بدلائي چڪو هو پوءِ اها عورت مٺائي کڻي حضرت غوث موس شاه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ پڇيائين ته اهو بزرگ ڪٿي آهي ؟ مان ان لاءِ مٺائي آندي آهي حضرت غوث موس شاه چيو اهو بزرگ خواجه خضر هو جيڪو هتان هليو ويو آهي گادي نشين مطابق اها روايت ڪتابن ۾ ملي ٿي . موجوده جامع مسجد جو بنياد ان وقت پيو جڌهن سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ حڪومت سن 1147 هجري ۾ جڙي راس ٿي . هن مسجد ۾ حضرت سائين شاه عبدالطيف ڀٽائي رح حضرت محمد هاشم ٺٽوي ، مخدوم عبدالرحمان کهڙائي ، مخدوم محمد اسماعيل پريالي ۽ خواجه محڪم دين کانسواءِ ٻيا ڪيترائي بزرگ هتي اچي چڪا آهن. حضرت سيد موس شاه ۽ حضرت شاه عبدالطيدف ڀٽائي رح جن جي پاڻ ۾ انتهائي محبت ۽ روحاني ڳانڊپو هوندو هو حضرت سيد موس شاه جن روهڙي ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي وار مبارڪ جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ هر سال ايندا هئا. سندس شاه صاحب سان پڻ ملاقات ٿيندي هئي . حضرت غوث موس شاه کي سندس 2 پٽ هئا حضرت سيد محمد صالح شاه ۽ حضرت سيد دوست محمد شاه هئا.گهوٽڪي شهر جو بنياد سنڌ جي راجا ابن سيلاج برهمڻ جي هڪ ايلچي (فوجي جنرل) هيٿ سام سال 637 ع ۾ رکيو. ترتيب ۽ تدوين عبدالحئي چاچڙ نوٽ: هي مضمون عبدالحئي چاچڙ جو لکيل آهي انشاءَالله تعاليٰ هن جو ٻيو حصو به عنقريب اچي ويندو
ماشاالله۔۔۔وڏي محنت سان هي مضمون لکيو ويو آهي۔۔جزاڪ الله۔۔ الله پاڪ توهان کي اجر ڏئي۔ آمين۔ اگر ممڪن هجي ته هن تاريخي مسجد جون تصويرون به ونڊ ڪنداته مهرباني ٿيندي۔
تمام سٺو ليک جنهن ۾ تاريخي ڳالهيون بيان ٿيل آهن۔ ڪجهه صورتخطي جون به غلطيون آهن۔ تنهنڪري پوسٽ ڪرڻ کانپوء به ترميم ڪري سگهو ٿا۔
ادا عبدالحي پٽ ڊاڪٽر عبدالقادر عرف جمال ناصر چاچڙ پٽ مفتي فقيه السنڌ مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب ماشا الله گهوٽڪي ۾ اڃا رهي پئه امتحان ۾ اڃا ڪافي دير آهي
سائين منهنجا هي مضمون ته اڄ ۾ لکيل هو پر هاڻي هڪ ٻيو مضمون بعنوان”پير موسيى شاه ۽ سندس جوڙايل تاريخي مسجد جامع مسجد گهوٽڪي“ لکي رهيو آهيان ۽ مفتي صاحب جي سوانح حيات تي به ڪتاب لکي رهيو آهيان ان جو ڪم به تيزي سان هلي رهيو آهي