فقير قادر بخش”بيدل“سائينءِ جو دور ادب ۽ شاعريءِ جي اوج عروج جو دور هو. انهيءِ زماني جي عوام سان گڏ خواص ۽ رعيت سان گڏ حاڪم به اديب ۽ شاعر هئا خيرپور جي ميرن لاءِ مشهور آهي ته انهن کان منشي صحيح وٺڻ ويندا هئا ته مير چوندا هئا سڻاءِ ڪٿ گهتان (ڪٿي صحيح ڪريان)پر جڏهن حيدرآبادي ميرن جي علم ادب ۽ دانائي کي ڏسجي ٿو ته انهيءِ ڪهاوت جو وزن گهٽجي هڪ ٻي ڱوڻي جو پاسو بارو ٿي پوي ٿو”ميرن آئي پارسي وسري وڃي“ پارسي جا ماهر به ميرن جي مجلس ۾ پارسي ڳالهائڻ کان لهرائيندا هئا. بيدل سائينءِ جو هڪ همعصر وطن تي سرفروش ۽ جان نثار ڪندڙ مير شهداد خان حيدري ٽالپور جيڪو حيدرآباد جو حاڪم هو. سنڌتي مڪمل قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگريزن ميرن ۽ انهن جي خاندان کي (سواءِ خيرپور جي مير علي مراد خان جيجنهن عزيزن ۽ ڀائرن جو پاسو ڇڏي انگريزن جو پاسو کنيو هو) باقي سڀني کي قيد ڪري پهريون بمبئي ۽ پوءِ سورت ڪلڪته ۽ هزاري باغ وغيره مختلف هنڌن تي نظر بند رکيو جن مان گهڻا بهادر مير نظر بندي ۽ قيد دوران فوت ٿي ويا (لب تاريخ سنڌ) مير شهداد خان به نظر بندي دوران ڪلڪته ۾ بقول ڊاڪٽر نديم خليل 1274ه ۾ فوت ٿيو ۽ ان جي جنازي کي حيدرآباد ۾ آڻي دفنايو ميرن جي قبرستان ۾ پنهنجي والد ماجد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. مير شهداد خان کي پنهنجي ڀائرن ۽ سوٽن کان جدا سورت ۾ بند رکيو ويو انهيءِ تي الزام هو ته هن انگريزن ڪمانڊر ماريا آهن ۽ انگريزن جي ڇانوڻي کي ساڙايو آهي. ان تي ڪيس هليو ثابتي تي ان کي به خاندان جي ٻين ماڻهن سان گڏ ڪلڪته ۾ نظر بند ڪيو ويو. انگريزن جا ٽڪر کائيندڙ ۽ خاص حوارب خداد خان پراڻي سکر واري لب تاريخ سنڌ ۾ انهن سرفروش ۽ جوڌن ميرن جا نالا ڏنا آهن جيڪي ان ملڪ کان دوردراز علائقن ۾ نظر بندي ۽ قيد ۾ فوت ٿيا پر انهن کي وصيت مطابق سنڌ ۾ آڻي دفنايو ويو (1) ميرنصير خان سن 1261ه ڪلڪته ۾ (2) مير صوبدار خان سن 1262ه ڪلڪته ۾ (3) مير شهداد 124ه ڪلڪته ۾ (4) خيرپور جي ميرن مان مير رستم خان 1262ه پونه ۾ (5) مير نصير خان خيرپوري سن 1281ه پونه ۾ برصغير جي دور دراز شهر ڪلڪته ۾ قيدي ۽ پرديسي حالت ۾ به مير شهداد خان پارسي ادب جو هڪ شاهڪار ديوان فراهم ڪيو آهي. اهو ديوان مير محمد حسين علي ٽالپر جي حڪم تي نور محمد ”انور“ بنعبدالقادر سيوهاڻي 1281ه ۾ دارالسلطنت ڪلڪته ۾ لکي پورو ڪيو اهڙو نوٽ نور محمد انور ديوان جي آخر ۾ درج ڪيو آهي ۽ ساڳي ئي سال محمد حسن شيرازي جنهن جو تخلص بيد هو خوش خطيءِ ۾ نقل ڪيو. اهو پويون نسخو انجنيئر مير حيدر علي خان ٽالپور جي ذريعي زاهدن جي يونيورسٽي دانشگاه سيستان و بلوچستان تائين پهتو ۽ ڊاڪٽر مريم خليل جي مقدمه تصحيح ۽ حاشيه سان قليل عرصي يعني چار سال بعد 1377ه دانشگاه سيستان و بلوچستان زاهدن (ايران) مان ڇاپيو ويو. 1377ه انهيءِ يونيورسٽي سنڌ جي شاعرن جا ٽي ڪتاب به ڇاپيا.(1) ديوان جعفري مير نصير خان ٽالپر (2) مثنوي سيف الملوڪ و بديع الجمال از مير صوبدار خان (3)مير صوبدار خان جي مثنوي شيرين خسرو.“ اهي چار ئي ڪتاب تهران ۾ لڳندڙ يڪ ماه ميله ۾ ويندڙ قاري احسان الله ڪوئٽه واري منهنجي لاءِ آندا. تاريخ معصومي فارسي ۽ فتح نامه سنده (چچ نامو) پارسي ايران مان تازو ڇپيل منهنجي لاءِ وٺي آيو. دنياءِ عربي ۽ پارسي لغت جو اٿارٽي عبدالرشيد ٺٽوي جي پارسي کان پارسي لغت فرهنگ رشيدي به ايران ۾ ڇپي آهي اها به اهو دوست منهنجي لاءِ وٺي آيو فبزاه الله خيرا. ديوان حيدري 450 صفحن تي محيط آهي ابتداءِ ۾ عشيقيه غزل 567ه آهن ان پوءِ هڪ قصيده نعت نبوي ۽ ڪيئي قصيدا امامن سڳورن جي منقبت ۾ آهن مير نصير خان ٽالپر جي وفات تي مرثيو آهي مير صوبدار خان ٽالپر حشمت مدار جي وفات تي مرثيو آهي پنهنجي اولاد جي وفات تي طويل مرثيا آهن. ان ۾ خاقان جي هڪ غزل جو مخمس آهي. ان ۾ 197رباعيون آهن پهرين رباعي آهي. صد شکر خدائي که آفريده است مرا دربندگي خويش گريده است مرا کس بنده زشتش راخريدار نه شد اوباهمه معصيت خريده است مراالله تعاليٰ جو شڪر آهي جو مونکي پيدا ڪيو اٿس ۽ پنهنجي بندگي ۾ مونکي قبول ڪيو اٿس ڪوجهي ٻانهي جو ڪوئي خريدار نه ٿيو ۽ سڀني گناهن هوندي انهيءِ مونکي خريد ڪيو آهي. آخر ۾ هڪ عربي قطعه ڏنل آهي. ڪنا کزوج الحمامته في الڪعبته : متمتعين بصحت و شباب بخل الزمان بيبا فرق بينا : ان الزمان يفرق الاحباب ( اسان ڪبوتر جي جوڙي وانگر هئاسين جيڪو ڪعبه شريف ۾ صحت ۽ جواني ۾ هوندو آهي اهي زمانواسانجي باري ۾ بخيل ٿيو اسان ۾ جدائي وڌائين بيشڪ زمانو دوستن جي وچ ۾ جدائي وجهندو آهي.)