• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سهراب فقير

عبدالحئي چاچڙ

سينيئر رڪن
سهراب فقير ولد حمل فقير جي ولادت 1937ع ۾ ضلع خيرپور ميرس جي ڳوٺ ٽالپر وڏا جي هڪ فنڪار گهراڻي ۾ ٿي سهراب فقير جا وڏا اصل سم شهر تعلقو کاڏار (جيڪو جيسلمير جي رياست راجستان جو حصو آهي)اتان لڏي اچي سانگهڙ ضلعي جي شهر کپري ۾ اچي ويٺا.کپري کان لڏي راڻيپور جي ٻاهران ڀيلارن جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا جتان وري بلجي پوءِ ٽالپر وڏا ٿيو.سهراب فقير جو خاندان مڱڻهارن ۾ سومرو پاڙي مان هو.سهراب فقير اڻ پڙهيل يعني پڙهيل ڪو نه هيو ۽ ڪٿي به تعليم حاصل نه ڪيائين.سهراب فقير جو والد صوفي فقير خوش خير محمد جو مريد هو.پنهنجي پٽ سهراب فقير کي ننڊي هوندي مرشد جي درگاه تي وٺي ويندو هو ۽ اتي اڪثر ڪري ڳائيندو هو.
سهراب فقير پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي صوفين جي درگاهن تي ٿيندڙ عرس جي موقعي تي ٿيندڙ محفلن ۾ ڪلام ڳائيندي گذاري پاڻ شاعرن جي سر تاج شاه عبداللطيف ڀٽائي،حضرت عبدالوهاب عرف سچل سرمست ،فقير قادر بخش ”بيدل“،در محمد فقير،علي محمد فقير،غمدل فقير،ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري ڳائي هئي.پاڻ پاڪستان کان ٻاهر جهڙوڪ جرمني،هالينڊ،برطانيه،آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ سرن جي ورکا ڪئي.سهراب فقير در محمد هيسبياڻي جو طالب هو سندس شاگردن جا نالا قابل ذڪر آهن شاگردن ۾
جمال الدين فقير،غلام علي مڱڻهار،اياز ملاح،بهار جويو،فقير امتياز علي،غلام حسين فقير،سيد باقر شاه شامل آهن.
سهراب فقير درگاه خوش خير محمد هيسبياڻي کان سواءِ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي،حضرت سچل سرمست،قلندر لعل شهباز جو پڻ طالب هو.
 
Back
Top