سنڌ جي مشهور عالم ۽ شاعر حضرت مولانا عبدالقادر پهنور ڦلجي واري حالات ۽ خيالات

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

    سنڌ جي مشهور عالم ۽ شاعر حضرت مولانا عبدالقادر پهنور ڦلجي واري حالات ۽ خيالات
    پاڪستان ۾ مذهبي ڏڻن جي موقعي تي اڻ وڻندڙ واقعن جو ٿيڻ هاڻي معمول بڻجي ويو آهي. انهيءَ ات ڀو کان سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول سان گڏ 11 تي به عام موڪل جو اعلان ڪيو.
    موڪل واري موقعي تي چنيهاڻي لڳ ڪنڊيارو ۾ محترم محمدعثمان عباسي سان ملڻ لاءِ پهتس تي اتي اڳي ئي حضرت مولانا محمدپريل مڱريو صاحب به موجود هئا.
    محمدعثمان عباسي هڪ ڳوٺ ۾ رهندي ۽ وسائلن جي اڻاٺ هوندي جيڪي علمي ادبي خدمتون ڪري رهيو آهي، اهي تحسين لائق آهن ۽ سائين محمدپريل ۽ مونکي به انجي سڪ چنيهاڻي ڇڪي وٺي آئي.
    رات جو چنيهاڻي ۾ رهي صبح جو مشهور عالم دين ۽ علمي ادبي شخصيت حضرت مولانا محمدادريس سان ملاقات لاءِ ڪنڊيارو آياسين ته اتي حضرت مولانا عبدالقادر پهنور پڻ موجود هئا.
    مولانا صاحب آڳاٽي زماني جا عالم ۽ مشهور شاعر آهن ۽ انهن جون ديني ۽ علمي خدمتون سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون. مون موقعي کي غنيمت سمجهندي انهن جا حالات ۽ خيالات قلمبند ڪيم جيڪي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو........ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ
    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: حضرت اوهان پنهنجو نسب ۽ پيدائش متعلق ٻڌايو!
    مولانا عبدالقادر: مولانا عبدالقادر بن عمرالدين بن يامين بن گل محمد بن سيٺر ذات پهنور.
    منهنجي ولادت 18 اپريل 1918ع تي ڳوٺ غلام پهنور لڳ ڦلجي اسٽيشن تعلقه ۽ ضلع دادو ۾ ٿي. (1)
    پهنور اصل ۾ هڪ عرب قبيلو آهي، جيڪي حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم جي چاچي حارث جي نسل مان آهي.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: سائين اوهان پنهنجو خانداني پسمنظر ٻڌائيو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: منهنجو والد امي هو، پر عالمن ۽ بزرگن جو تعقلدار هو ۽ صوم وصلوات جو پابند هو.
    والد سڳورو تهجد گذار هو ۽ اڪثر تهجد جي وقت غيبي آواز ذريعي کيس سڏ ٿيندو هو ته عمرالدين! اٿي تهجد نماز پڙهه.
    پوءِ پاڻ اٿي تهجد نماز پڙهندا هئا.
    مولوي محمد سلطان منهنجي والد جو پڦاٽ ۽ منهنجو استاد هو، جنهن وٽ آءٌ هڪ عيمي (ع) قرآن جي پڻ پڙهي هئي. اهو حضرت مولانا محمدصديق سيتائي جو شاگرد هو.
    سنڌ جي مشهور ومعروف شخصيت مولانا فتح محمد سيوهاڻي پڻ مولانا سيتائي جو شاگرد هو.
    ٻيو، مولوي عبدالڪريم پهنور (منهنجو سوٽ) پڻ اسانجي خاندان ۾ وڏي پائي جو عالم ٿي گذريو آهي. جيڪو مولانا اميدعلي جيڪب آبادي وٽ پڙهي فارغ ٿيو هو ۽ سندس دستاربندي حضرت سيد تاج محمود امروٽي پنهنجي هٿن مبارڪن سان ڪرائي هئي.
    منهنجو سڳو چاچو مولاداد به ديني علوم جو پڙهيل هو، جنهن کي ملا مولاداد ڪري سڏيندا هئا.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: مولانا! اوهان پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌائيو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: مونکي والد سڳوري مولوي سلطان وٽ ڇڏيو جنهن وٽ عيمي (ع) پڙهيم، ان کان پوءِ ڳوٺ ليسڙو پهنور (هاڻي ڦلجي شهر جو حصو ٿي ويو آهي) ۾ مولوي حاجي ابوبڪر پهنور وٽ قرآن مجيد پڙهي پورو ڪيم.
    پوءِ فارسي ۽ ارشاد الصرف پنهنجي سوٽ مولوي عبدالڪريم وٽ پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيم ۽ عربي جا ابتدائي ڪتاب مولوي ابوبڪر پهنور وٽ ڪنز ۽ ڪافيه تائين پڙهيم.
    بعد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ ٺيڙهي آيس، جتي مولانا حبيب الله ميمڻ، مولانا قطب الدين انڍڙ، مولوي محمود احمد لائلپوري (فيصل آبادي) ۽ استاد الڪل مولانا محمد لغاري وٽ پڙهيم.
    ٺيڙهي ۾ پڙهڻ دوران منهنجو وڏو ڀاءُ محمد نوح "ناقص" (2) بيمار ٿي
    پيو. جنهن ڪري ٺيڙهي کي ڇڏي آيس.
    گهڻا ناغا ٿي پيا، پوءِ ڀاءُ محمد نوح جي مشوري سان مولانا محمدسليمان دادوي وٽ جيوڻ شاه واري مسجد ۾ اچي پڙهيس. ان مسجد ۾ پوءِ مدرسه دارالسلام قائم ٿيو جيڪو هاڻي جامعه دارالفيوض محمديه جي نالي سان مشهور آهي. هن وقت انهيءَ مدرسي جو مهتمم مولانا منظوراحمد سومرو آهي.
    مولانا محمدسليمان وٽ شرح جامي، نورالانوار، نفحة العرب ۽ ديوان متنبي پڙهيم ۽ وڏن شاگردن سان سلم العلوم ۾ وڃي ويهندو هوس.
    پوءِ ورندي سال 1355هجري ۾ ٻيهر ٺيڙهي آيس اتي سال 1358هه ۾ درس نظامي جا ڪتاب پڙهي فارغ ٿيس. ٺيڙهي ۾ ساڳيا استاد هئا، جنهن جو ذڪر مٿي گذري آيو آهي.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: تعليم جي حصول واري دور ۾ جيڪي اوهان جا ساٿي هئا انهن متعلق ٻڌائڻ فرمايو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: مولانا عبدالهادي ميمڻ ٺيڙهي وارو، مولانا عبدالرحيم شيخ ۽ مولانا عبدالرحمان شيخ (اهي ٻئي جناب محمدعمر شيخ سکر واري جا ڀاڻيجا هئا)هم سبقي هئا.
    ان کان علاوه مولانا غلام قادر ميمڻ، مولانا غلام محمد پهنور، مولانا محمدحسن پهنور، قاري عزيز احمد، مولوي خليل احمد ميمڻ ٺيڙهي وارو، ڊاڪٽر محب الله ميمڻ، مولانا عبدالواحد شيخ ٿريچاڻي وارو، مولانا عبدالوهاب مڪراني، حافظ علي محمد مهر، مولوي خوش محمد نو مسلم ۽ ٻيا ڪافي عالم شامل آهن.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: مولانا! اوهان جيڪا درس ۽ تدريس واري خدمت ڪئي آهي ان متعلق ٻڌئيو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: سال 1940ع ۾ خان بهادر محمدپريل ڪلهوڙو بالي شاه واري کي آخري عمر ۾ پڙهڻ جو شوق ٿيو، ۽ هن جي خواهش هئي ته منهنجو موت علوم جي سکيا حاصل ڪندي ٿئي، ان کي هڪ مهينو پڙهايم. ۽ اها منهنجي پڙهائڻ جي شروعات هئي.
    پوءِ انهيءَ سال ئي مولانا اميدعلي چني صاحب وٽ مدرسه محمديه فيملي لائن جيڪب آباد پڙهائڻ ويم، اتي ڪجهه مهينا پڙهايم.
    جيڪب آباد ۾ بيمار ٿي پيس ۽ ڳوٺ واپس آيس. پوءِ والد صاحب ٻيهر جيڪب آباد وڃڻ جي اجازت نه ڏني.
    سال 1942ع ۾ پراڻي جتوئين ۾ آيس. اتي رئيس ڌڻي بخش خان جتوئي وٽ رهيس جيڪو اڳوڻي وزيراعظم مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئي جو ڏاڏو (ڏاڏي جو ڀاءُ) هو.
    پراڻي جتوئين ۾ جتوئي خاندان جا گهڻا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مون وٽ قرآني تعليم پڙهيا، جنهن ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان مرحوم جي زوجه محترمه به شامل آهي.
    ان سال منهنجو وڏو ۽ مربي ڀاءُ محمد نوح "ناقصفوت ٿي ويو، جنهن ڪري پراڻا جتوئي کي ڇڏي واپس ڳوٺ آيس.
    پگهار ٿوري هجڻ ڪري پراڻا جتوئين ۾ جتوئي صاحبن جي مڇي واري ٺيڪي جو ڪجهه وقت منشي پڻ رهيس.
    پوءِ تفسير جي دور پڙهڻ جو شوق ٿيو پر ڀاڙو ڪرائو ڪونه هو. نيٺ اها سعادت رئيس ڌڻي بخش خان جتوئي کي حاصل ٿي. هن ڀاڙي ڪرائي جا ويهه روپيه ڏنا ۽ وڌيڪ خرچ پکي ڏيڻ جو وعدو ڪيو. آءٌ 1944ع ۾ دوري تفسير پڙهڻ لاءِ حضرت لاهوري رحه وٽ لاهور آيس.
    لاهور ۾ ئي هيس ته اسانجي ڳوٺ کي ٻوڏ ٻوڙي ڇڏيو. پوءِ جڏهن انگريز سرڪاري ٻوڏ ستايلن لاءِ ٻه ٻه سو روپيه امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ته مونکي تار ڪري لاهور کان ڳوٺ گهرايو ويو.
    انگريزن پاران جيڪي گهر جي مرمت لاءِ ٻه سو روپيه مليا هئا انهن مان گهروارن پنجاهه روپيه مونکي ڏنا.
    ان دوران جڏهن رئيس ڌڻي بخش خان سان مليس ته مرحوم وعدي مطابق لاهور جي ڀاڙي ڪرائي ۽ خرچ پکي جا چاليهه روپيه ڏنا.
    لاهور جي تفسيري دوري بعد وري رئيس ڌڻي بخش خان جتوئي وٽ آيس. اتي ٻارن کي قرآني تعليم ڏيندو هوس ۽ گڏ گڏ منشي گيري به ڪندو هوس ۽ امامت ۽ خطابت جون ذميواريون به نڀائيندو هوس.
    رئيس وارن ڪنڊيارو ۾ ڪاٺ مڏي کولي هئي، جتي مونکي منشي ڪري موڪليو هيائون.
    مون جڏهن ڪنڊيارو آيس ته اتي حضرت لاهوري رحه جي ٻن مريدن جناب عبدالحميد ميمڻ (جيڪو مدرسه عربيه انوارالعلوم ڪنڊيارو جي موجوده جنرل سيڪريٽري حاجي حبيب الله جو والد ماجد هو) ۽ جناب محمد هاشم ميمڻ (جيڪو مولانا عبداللطيف مرحوم جو والد محترم هو) سان ملاقات ٿي.
    انهن کي ٻڌايم ته آءٌ تازو حضرت لاهوري رحه وٽ قرآن مجيد جو تفسير پڙهي آيو آهيان ۽ خواهش آهي ته هتي قرآن مجيد جو درس ڏيان.
    پوءِ جڏهن ڪجهه وقت تفسير جو درس ڏنم ته انهن صاحبن آڇ ڪئي ته اوهان منشي گيري ڇڏي مستقل طرح پڙهايو.
    پوءِ رئيس ڌڻي بخش خان جتوئي کان اجازت وٺي ڪنڊيارو جي مدرسي انوارالعلوم ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم شروع ڪيم.
    هن مدرسي ۾ هڪ سال رهيس، جتي مولانا عبداللطيف ميمڻ، عمرالدين سومرو، محمدهاشم بن مولانا عبدالخالق، محبوب خان عرف سکيو خان چنو مون وٽ پڙهيا.
    1946ع ۾ مدرسه دارالسلام (موجوده درالفيوض) ۾ مولانا محمدسليمان ميمڻ جي مدرسه ۾ پڙهائن ويس، جتي مولانا نثاراحمد پنڙ به پڙهائيندا هئا. اتي مولانا غلام مرتضيٰ ملڪاڻي، مولوي غلام مصطفيٰ دادوي، مولوي سهراب چارڻ دادوي، مسٽر عبدالخالق منگي، محمدسليمان ميمڻ، مسٽر ثناءُ الله ميمڻ مون وٽ پڙهيا.
    سال 1947ع ۾ ڌرپالي لڳ ڪنڊيارو ۾ مسٽر واصل شيخ جي چوڻ تي آيس ۽ رمضان المبارڪ جون تراويحون پڙهايم.
    چونڪه ان وقت حافظن ۽ عالمن جي کوٽ هوندي هئي ۽ ڳوٺ وارن جو حافظ حضرت قاري محمد ميهڙ واري وٽ قرئت پڙهڻ ويو هو، انڪري مون (حافظ نه هجڻ ڪري) پوئيون سورتون تراويحن ۾ پڙهائيندو هوس.
    ان سال 27 رمضان المبارڪ بمطابق 14 آگسٽ تي پاڪستان آزاد ملڪ جي حيثيت سان وجود ۾ آيو.
    مون عيد نماز به اتي پڙهائي.
    پوءِ 1947ع ۾ درس تدريس جي سلسلي کي خيرباد چئي پنهنجي ڳوٺ ۾ پرچوڻ جو دڪان کوليم. دڪانداري واري سلسلو 1950ع تائين رهيو.
    ان کان بعد 1951ع ۾ حضرت سائين حبيب الله رحه جي حڪم تي ٺيڙهي آيس، حضرت سائين فرمايو ته ڪجهه استاد وچ سال ۾ ڇڏي ويا آهن، اوهان هتي استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪريو.
    مون کيسن عرض ڪيو ته حضرت! آءٌ جهنگ جو (عام) مولوي آهيان، آءٌ هتي ڪيئن پڙهائي سگهندس. پر سائين حبيب الله رحه جي اصرار تي ٺيڙهي مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيم.
    اتي 1951ع کان 1953ع تائين رهيس. جتي مولوي حبيب الله شيخ ڪراچي وارو، مفتي دائم الدين انڍڙ پنوعاقل وارو، مولوي محمدسليمان طاهر انڍڙ، مولانا فضل الله ميمڻ، مولانا عبدالله ميمڻ، اميراحمد بن قاري عزيزاحمد، مولوي عبدالحڪيم لکمير نواب شاه وارو، دوست محمد لکمير۽ ميرمحمد لکمير نواب شاه وارا مون وٽ پڙهيا.
    1953ع کان 1981ع تائين سرڪاري اسڪولن ۾ عربي استاد (عربي ٽيچر) جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيم. نوڪري سانگي جتي به رهيس اتي درس قرآن جو سلسلو جاري رکيم. انهيءَ دوران مونکي اشڪال ٿيو ته قرآن مجيد ۾ حڪم آهي: ﴿الزانی لاینکح الا زانیۃ او مشرکۃ﴾ زاني مرد نه شادي ڪري مگر زاني يا مشرڪياڻي عورت سان.
    مون گهڻائي تفسير ڏٺا پر تشفي نه ٿي.
    پوءِ جڏهن مون حضرت شاه عبدالقادر دهلوي رحه جي ترجمي کي پڙهيم ته تشفي ٿي. مون ان تي رسالو لکيو آهي "شاه عبدالقادر رحه جي ترجمي جي انفراديت ۽ افاديت" اهو ڪتاب زير طبع آهي.
    1981ع کان هن وقت تائين پيري ۽ بيماري ڪري گهر ۾ رهان ٿو.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: حضرت! اوهان درس وتدريس ۽ ٻين ديني خدمتن سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو جيڪو ڪم ڪيو آهي، ان بابت ٻڌائيو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: منهنجا ٻه مضمون توحيد رسالي ۾ ڇپيا هئا. هڪ مضمون جو عنوان هو "فوٽو جي شرعي حيثيت" ۽ ٻئي مضمون جو عنوان هو "ڪن مسلمانن جا مشرڪانه عقيدا".
    مون هڪ رسالو "سيف الله المسلول علي راس عدو الحق الجهول" به لکيو هو، پر اهو ڪتاب مون وٽان گم ٿي ويو آهي ۽ انجو نقل به ٿيل ڪونهي.
    ۽ شاه عبدالقادر دهلوي رحه جي ترجمي بابت منهنجو لکيل ڪتاب زير طباعت آهي، جيئن گذري آيو.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: حضرت! اوهان جو شمار سنڌ جي پختن انقلابي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، اوهان پنهنجي شاعري واري رجحان ۽ شاعري بابت ٻڌايو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: شاعريءَ جو شوق مونکي جواني کان هو پر پڙهڻ ۽ پڙهائن واري مصروفيت ڪري شاعري ڏانهن توجه نه ڏئي سگهيس.1944ع دوران دادو ۾ بزم مشاعرو ٿيندو هو، جنهن ۾ پڻ آءٌ شرڪت ڪندو هو.
    مون جڏهن لاهور ۾ تفسير جو دورو پڙهندو هوس ته ان وقت بزم مشاعرو طرفان طرحي مشاعرو ٿيو هو.
    طرح هئي:
    اٿ غلاميءَ کي ڪري ڇڏ تار تار.
    مون ان تي شعر لکيو هو:
    عقل جي ميزان ۾ تون تور مدني ۽ جناح،

    "انما يخشيٰ" ٿيو شاهد ڪنهن جو ڌيان ڌار،
    واقف علم نبيءَ جو آزاد آ آزاد آ،
    واقف اسرار دين آهي سلف جو يادگار،
    ليگ جو قائد ٿيو برٽش سندو خالص غلام،
    سلطنت برطانيه کي سو گهري ٿو پائيدار.
    منهنجي ان شعر تي مخالفن جا منهن ڪارا ٿي ويا ۽ شعر طباعت ۾ نه آيو.
    مون فوجي آمر جنرل ضياءَ ظالم جي موت تي هڪ شعر چيو هو:
    تنهنجو ضياءَ! ٿيو منهن ڪارو آ
    توتي لعنت جو وسڪارو آ.
    خدا توکي سزا ڏني ڀاري آ
    سڙي شڪل ويئي تنهنجي ساري آ
    ملي توکي سزا ڪفر واري آ
    تنهنجو لاش سڙي ويو سارو آ.
    ڪري شڪر ٿو "عبد" الله سندو
    جنهن دفع ڪيو مردود گندو
    مردود کان تنگ هيو هرڪو بندو
    مردود جو موت نظارو آ.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: مولانا! پاڪستان ٺهڻ وقت جيڪا اٿل پٿل ٿي ان بابت ٻڌايو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پوري هندستان ۾ مسلمانن ۽ هندن ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو. پوءِ جتي مسلمان اقليت ۾ هئا، اهي مسلمانن جي اڪثريتي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا ۽ هندو به اقليتي علائقن کان اڪثريتي علائقن کان لڏي ويا.
    ۽ ڏسندي ڏسندي هندستان ٻن ملڪن ۾ تقسيم ٿي ويو.
    تقسيم وقت مولانا ابوالڪلام آزاد، جناح صاحب کي چيو هو ته جيڪي توهان ملڪ حاصل ڪري رهيا آهيو، ان جي هڪ ڄنگهه مشرق ۾ ٻئي مغرب ۾ آهي. اهو ملڪ 25 سال به نه هلي سگهندو.
    خدا جي قدرت ائين ئي ٿيو ۽ مشرقي پاڪستان 23 سالن ۾ جدا ٿي ويو.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: حضرت! اوهان کي جن بزرگن جي زيارت نصيب ٿي ان بابت ٻڌائيو!
    مولانا عبدالقادر پهنور: قاري محمدطيب رحه سان لاهور سال 1944ع ۾ ملاقات ٿي ۽ حضرت سيد حسين احمد مدني رحه سان به لاهور ۾ ئي ملاقات ٿي هئي. اسان حضرت مدني رحه جو لاهور اسٽيشن تي استقبال ڪيو هو ۽ عصر جي نماز به انهن جي امامت ۾ ادا ڪئي هئي.
    حضرت سيد عطاءُ الله شاهه بخاري رحه جون ته ڪيتريون ئي تقريرون ٻڌيون هيون، حضرت سائين حماد الله هاليجوي رحه، حضرت سائين عبدالڪريم قريشي رحه، مولانا سيد سليمان ندوي رحه، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حبيب الرحمان جالنڌري وغيره جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو آهي.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: مولانا! اوهان جي سياسي وابستگي ڪهڙي پارٽي سان رهي آهي؟
    مولانا عبدالقادر پهنور: منهنجي سياسي وابستگي ۽ عقيدت جمعية علماءَ هند سان هئي. چونڪه اهو اسانجي پڙهڻ وارو دور هو، انڪري اسان سياسي سرگرمين ۾ حصو گهٽ ورتو. باقي ان وقت جيڪي وڏا وڏا پروگرام ٿيندا هئا، انهن ۾ شرڪت ڪندا هئاسين.
    جڏهن سال 1940ع ۾ جمعية علماءَ هند وارن جو لاڙڪاڻي ۾ پروگرام ٿيو ته ان ۾ شرڪت لاءِ اوڏانهن ڪهي وياسين.
    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: حضرت! اوهان جو تصوف ۾ ڪنهن سان تعلق رهيو آهي؟
    مولانا عبدالقادر پهنور: حضرت سائين حماد الله رحه جو ٺيڙهي وارن سان گهاٽو تعلق هو ۽ حضرت جن جو ٺيڙهي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو.
    مون ٺيڙهي ۾ پڙهڻ دوران حضرت سائين هاليجوي رحه سان بيعت ڪئي هئي.
    توڙي جو دوري تفسير پڙهڻ دوران حضرت لاهوري رحه اسان شاگردن کي پنهنجي ذڪر ۾ شامل ڪندا هئا پر مون انهن سان بيعت ڪونه ڪئي هئي.
    حضرت هاليجوي رحه جي وفات بعد ڪنهن ٻئي الله واري سان بيعت ڪونه ڪيم، باقي حضرت سائين عبدالڪريم قريشي ۽ حضرت مولانا محمداجمل لاهور واري سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: حضرت اوهان پنهنجي اولاد بابت ٻڌايو!

    مولانا عبدالقادر پهنور: مون هڪ شادي ڪئي، جنهن مان چار پٽ (1) عبدالحميد جيڪو ايڇ ايس ٽي (2) حاجي عبدالرشيد رٽائرڊ ريلوي گارڊ (3) عبدالوحيد اسٽيٽ بينڪ ۾ ملازم (4) عمرالدين پرائمري استاد آهن. ۽ چار نياڻيون آهن.
    پٽ ۽ نياڻيون شادي شده ۽ پٽن پوٽن وارا آهن.

    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ: سنڌ واسين لاءِ اوهان جو ڪهڙو پيغام آهي؟
    مولانا عبدالقادر پهنور: منهنجو سنڌ واسين لاءِ پيغام آهي ته اهي پنهنجي اولاد کي ديني علوم جي سکيا ڏين.
    مسلمانن جي انهيءَ ۾ ڪاميابي آهي.
    مون عربي ٽيچري ڪري ۽ پنهنجي اولاد کي دنياداري واري تعليم ڏياري پنهنجو ۽ انهن جو نقصان ڪيو آهي.
    حوالا ۽ سمجهاڻيون:
    (1) مولانا جي شناختي ڪارڊ ۾ پيدائش واري تاريخ پنج ڇهه سال بعد جي لکيل آهي ۽ سندس پيدائش جي صحيح تاريخ مٿين آهي.
    (2) جيڪو وڏي پائي جو شاعر هو ۽ سندس تذڪرو، ڪيترن ئي تذڪره نويسن ڪيو آهي ۽ انجي شاعري پڻ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جو مجموعو "نعت حبيب" جي نالي سان ڇپيل آهي.




     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو