تقدير ۽ تدبير محترم جناب رسول بخش پليجي جي نظر ۾ ( هڪ بحث مباحثو ) http://www.youtube.com/watch?v=OKzKjjo-g0I&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=Mu6oH6iR9xM&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=JPx0_MY6tiM&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=6pHNThX8Qeg&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=SRncgcWQJ8Q&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=SgNGkfI3ATA&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=3wv6-YHxe10&feature=related
جواب: تقدير ۽ تدبير محترم محترم جناب رسول بخش پليجي جي نظر ۾ ( هڪ بحث مباحثو ) تقدير ۽ تدبير جي متعلق انسان جو مباحثو صدين کان هلندو پيو اچي۔۔۔۔ برحال تقدير پنهنجي هٿن سان ٺهي ٿي يعني تدبير کان سواءِ تقدير ڪجهه ڪم نه ٿي ڏئي۔۔۔
جواب: تقدير ۽ تدبير محترم محترم جناب رسول بخش پليجي جي نظر ۾ ( هڪ بحث مباحثو ) مطلب ته تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جـــــــو۔ دنيا جو هر انسان دوست فلسفو ۽ مذهب، عمل جي اهميت تي بحث ڪري ٿو ۔۔۔ دين اسلام ۾ پڻ عمل جي اهميت کي انتهائي اعلا مقام ڏئي ٿو ۔۔۔ عمل ٿيندو ته ميوو ملندو ۔۔۔ قرآن شريف جي هيءَ ننڍڙي معني سان ڀريل هڪ آيت پڻ عمل جي حمايت سان ٽمٽار آهي؛ مطلب ته جن ماڻهن چڱا عمل ڪيا اهي ئي ان گهاٽي ۽ نقصان مان نڪرندا، نه ته ان ڪيل نقصان ۾ ئي ڦاٿل رهندا ۔۔۔ چڱا عمل ڪهڙا آهن دين جي روشنيءَ ۾؟ 1۔ عبادت 2۔ سماجي عمل عبادتي عمل ڪرڻ سان انسان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو، سندس ذهن چڱائيءَ طرف مائل ٿئي ٿو ۽ رب العالمين جي رضا حاصل ٿئي ٿي ۔۔۔ سچائيءَ ۽ انصاف سان سماجي عمل ڪرڻ سان، انسان خوشحال ٿئي ٿو، عزت وارو ٿئي ٿو، مال متاع حاصل ڪري ٿو، امن ۽ سڪون حاصل ڪري ٿو، پنهنجي آل ۽ اولاد جي پرورش ڪري ٿو، قومي ۽ سماجي ڀلائيءَ جا عمل ڪري ٿو ۔۔۔ پنهنجي ماحول کي سهڻو ۽ رهڻ جي قابل ٺاهي ٿو ۔۔۔ اهي ئي عمل صالح آهن جن جي اسانکي مٿي ڏنل آيت ۾ تلقين ٿيل آهي ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: تقدير ۽ تدبير محترم محترم جناب رسول بخش پليجي جي نظر ۾ ( هڪ بحث مباحثو ) حقيقت ته هي آهي ته محنت کانسواء به ڪجهه ناهي، قرآن ۾ رب ڪائنات جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي فرمائي ٿو جنهن جو مفهوم هي آهي ته جيڪو جيتري محنت ڪندو، ان کي اوترو ملندو ان ۾ نه رنگ جو ذڪر نه نسل جو نه قوم جو۔ ادا واقعي نصيب سان ته ڪا ڳالهه لڳي ئي ڪانه ۔ اهيو ته قرآن ۾ به آهي ته الله جنهن کي چاهي بي حساب رزق ڏئي، پر ادا ان جو راض به رب پاڪ ٿو ڄاڻي، ( بندا تون نه ٿو ڄاڻين مان ٿو ڄاڻان )۔ هڪ مثال ڏيندا آهن ته ڪو شخص هڪ هنڌ ويٺو هو ۽ ڏٺائين پئي ته ڪا شيء ڏانهنس پئي اچي۔ ۽ ويجهو اچي واپس وڃڻ لڳي، ته انهي شخص ان کان اچڻ ۽ واپس وڃڻ جو پڇيو۔ ته ان شيء جواب ڏنس ته مان تنهنجو نصيب هئس۔ ۽ تو ڏانهن اچي رهيو هئس ، مگر تنهنجا افعال ڏسي واپس پيو وڃان۔ سو ادا حضور سائين جي حديث مبارڪ آهي ته ( اٺ کي ۡڪنهن شيء سان ٻڌي ۽ پوء توڪل ڪريو، ادا اسلام ۽ + عقل پڻ اهيو چوي ٿو ته ڪوشش پوري ڪريو ۽ پوء نتيجو الله تي ڇڏي ڏيو۔ اگر هاري زمين تي هر به نه هلائي ٻج به نه ڇٽي . پاڻي به نه ڏئي. ۽ پوء چوي ته اناج پاڻهي پيدا ٿيندو، سو مٺا ائين ناهي. گهٽ مان گھٽ اهيو سڀ ڪجهه ڪري ۽ پوء الله تي ڀروسو ڪري. ادا حضرت علي سائين کان ڪنهن شخص سوال ڪيو ته سائين انسان جبري آ يا قدري آ. جبري مطلب ته هن مٿان جبر حڪم، ڪيو ٿو وڃي ۽ هي پاڻ بيوس ۽ لاچار آهي. ۽ قدري مطلب پنهنجي قدرت پنهنجي مرضي هلائڻ وارو آهي.حضرت علي سائين انهي شخص کي چيو ته تون پنهنجي هڪ ٽنگ مٿي ڪر ته ان شخص پنهنجي ٽنگ مٿي ڪئي. ۽ پوء وري حضرت علي سائين هن کي چيو ته ٻئي ٽنگ به مٿي ڪر ، ته انهي شخص چيو ته ٻئي ٽنگ مٿي مان نه ٿو ڪري سگهان.۽ پوء حضرت علي سائين ان کي چيو ته اهڙي ريت انسان ڪن شين ۾ جبري آهي ته ڪن ۾ قدري. ۽ تون ان شيء جو ذميوار آهين جو تنهنجي وس ۾ آهي. سو ادا جيڪي اسان جي وس ۾ آهي اهو ڪرڻ گهرجي باقي توڪل انهي رب ڪائنات تي هميشه رکڻ گهرجي. اگر توهان گاڏي ۾ آهيو ۽ بريڪ به نه لڳايو ۽ دل ۾ چوندا رهو ته منهنجو الله تي ڀروسو آهي گاڏي پاڻهي بيهي رهندي سو ادا عقل ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي۔ گهٽ مان گهٽ بريڪ هڻو ۽ پوء چئو ته الله مدد ڪندو ڇو ته صرف وصيلي ته به ڀروسو ناهي ڪرڻو ڇاڪاڻ ته حقيقي طاقت ته اهائي ذات آهي جنهن جي هٿ ۾ اسان سڀني جي جان آهي۔۽ دائمي طاقت ته اها آهي باقي سڀ طاقتون عارضي ۽ محدود آهن۔، منهنجي حساب سان اهيو بهتر آهي ادا حاصل عرض اهيو ته تقدير به آهي، ۽ تدبير به آهي ، تقدير جي ڪري تدبير کي نه ڇڏبو، ۽ تقدير کي ڇڏي پورو ڀروسو تدبير تي به ناهي ڇڏڻو۔ مان دل جي هڪ ڳالهه اهيا به چوندس ته مٿي وڊيو م جيڪو بحث مباحثُ ڪيو ويو آهي جن مهمانن ۽ عالمن اديبن جي وچ ۾ انهن مهمانن ) عالمن اديبن ) ۾ ڪو به مذهبي عالم اسڪالر نه ويهاريو ويو آهي، جڏهن ته تقدير جو معاملو ئي مذهب سان آهي، تقدير تي ڳالهائڻ لاء هڪ مذهبي عالم، اسڪالر پڻ ويهاريو وڃي هان ته بهتر هو۔ ڇو جو اهو عالم اسڪالر تقدير جي باري ۾ مذهبي نقته نظر پيش ڪري هان جڏهن ته مان به توهم پرستي وهم پرستي کي پسند ناهيان ڪندو ۽ هرو ڀرو خيالن خوابن ۾ رهڻ مون کي به پسند ناهي۔ ۔ باقي الحمدالله مان به مسلمان آهيان الله رسول قرآن تقدير، تدبير تي پورو پوري ڀروسو آهي۔ پر مان ايترو ضرور چوندس ته تقدير ضرور آهي مگر ان کي مٽائي سگهجي ٿو، حضور جن جي حديث مبارڪ جو مفهوم آهي ته تقدير کي دعا مٽائي سگهي ٿي۔ ۽ اها دعا به منهنجي نظر ۾ تدبير آ۔ علامه ڊاڪٽر اقبال صاحب پڻ اهيا تلقين ڪري ٿو خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪه هر تقدير سي پهلي خدا بندي سي خود پوڇي بتا تيري رضا ڪيا هي، بقول شاه صاحب هي ٿو وڃي هوت، پر آء به اڳڀري ٿيان متان چوي بلوچ، ڪميڻيء کان ڪين ٿيو۔ لڙه لاڙئو ٿيو ، هلي ڪر همت سج سامهون منهن ۾ ، ڪهه ۾ ڪج م ڪٿ سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سج ڳالهه مڙين ستئين سنجهيئي، منهن ويڙهي مئن جيئن اوجاڳو اکين کي، ڄاتئي نه ڏيئي هٿان تو پيئي ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين
جواب: تقدير ۽ تدبير محترم محترم جناب رسول بخش پليجي جي نظر ۾ ( هڪ بحث مباحثو ) سائين نثار ابڙو صاحب ۽ ادا ممتاز توهان ٻنهن علمي دليلن سان گهڻيون ئي ڳالهيون دوستن تي ڪليئر ڪري ڇڏيون آهن۔ الله پاڪ اوهان جي علم ۾ اضافو ڪري۔۔۔
جواب: تقدير ۽ تدبير محترم محترم جناب رسول بخش پليجي جي نظر ۾ ( هڪ بحث مباحثو ) ادا مست صاحب توهان جي وڏي مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــهـــــــــــــــــــــــــــــــــربانــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــِي