مير محمد معصوم شاه بکري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالحئي چاچڙ
    مير محمد معصوم شاه بکري رحه
    سکر بکر ۽ روهڙي کي تاريخي زماني کان وڏي اهميت حاصل آهي هي شهر علم سان روشن رهيا آهن سکر جيڪو اڄ به علم سان روشن آهي .هتي تاريخي مسجديون، عيدگاهون ،درسگاهون ،آرامگاهون، امام بارگاهون،قبر ستان ۽ وڏا وڏا مقبرا موجود آهن .
    مير معصوم شاه بکري جي مختصر سوانح حيات پيش ڪجي ٿي .
    وڏن جو احوال:
    مير معصوم شاه بکري جا وڏا اصل ترمذ جا رهاڪو هئا.جتان لڏي اچي قنڌار جي قريب هڪ ڳوٺ ”اشڪلچه “ ۾ اچي رهيا جيڪو قنڌار جي اولهه ۾ ڏهن ڪوهن تي آهي.گوي ‏ اشڪلچه ۾ مير صفائي جو پڙ ڏاڏو اچي ويٺو هو. جتي مشهور اولياءَ سيد حسين بن زنجيريا بن رضا جي درگاه جو متولي هو. تقريبن 927ھ مطابق 1021ع ڌاري سلطان محمود خان جي خاص دعوت تي بکر ۾ آيو.
    سيد مير صفائي( والد بزرگ) :
    مير سيد صفائي ولد سيد مرتضيٰ جي ولادت گويا اشڪلچه ۾ ٿي ۽ اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ڪڏهن ٿي. تربيت ۽ تعليم به هن علائقي مان حاصل ڪيائين. مير صاحب ”شهر جي اڪابرن ۽ عظيم الشان ساداتن مان هيو.“
    تحفته الڪرام وارو صاحب لکي ٿو ته ”هو علم ۽ عمل جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جي فاضلن جو سردار هو شاه قطب جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سلطان محمود خان وٽان بکر جي شيخ الاسلاميءَ جو عهدو مليس.“
    ذخيرة الخوانين وارو لکي ٿو ته ” سلطان محمود حاڪم بکر ،مير جي اچڻ کي غنيمت ڄاڻي وڏي عزت ۽ مرتبي سان کيس اتهن رهايو.“
    مير سيد صفائي ذوالقعد مهيني سنه 991ھ مطابق نومبر 1581ع ۾ وفات ڪئي سندس مزار سکر ۾ ”مير معصوم شاه مناري “ جي احاطي ۾ آهي.
    سيد صفائي سيوهڻ مان کابڙوٽي ساداتن منجهان شادي ڪيائين.شمس العلماءِ عمر بن دائودپوٽو تاريخ معصومي ۾ لکي ٿو ته ”سيد موصوف انهيءَ مير ڪلان جي نياڻي سان شادي ڪئي هوندي“
    اولاد:
    (1) مير ابوالقاسم (2) سيد محمد فاضل (3) مير معصوم شاه بکري
    امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري:
    حسب و نسب :
    ”مير معصوم شاه بکري بن سيد صفائي ، بن شيرمرتضيٰ، بن سيد علي، بن سيد امام الدين، بن سيد محمد بزرگ، بن سيد علي، بن سيد محمود، بن سيد شير قلندي، بن سيد عيدالدين، بن سيد شمس الدين، بن سيد علاعه الدين، بن سيد محمد، بن سيد بابا حسن ابدال، بن سيد حسين زنجيريا، بن سيد رضا، بن سيد محمد، بن سيد احمد، بن حضرت هارون، بن امام موسيٰ ڪاظم“
    مير معصوم شاه بکري پنهنجي والد بزرگ سيد صفائي جو ننڊو فرزند هو سندس ولادت 7 رمضان المبارڪ سومر ڏينهن 944ھ مطابق 7 فيبروري 1528ع ۾ ٿي.
    مير معصوم شاه بکري کي ”امين الملڪ“ جو لقب مغل بادشاه جهانگير سندس قومي ۽ علمي خدمتن عيوض کيس ڏيئي بکر جو جج مقرر ڪيو.
    تعليم
    مير معصوم ننڍپڻ کان ئي ذهين هو، جنهن ڪري ستن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگ وٽان ابتدائي تعليم جا مرحلا طئي ڪيا. مير معصوم شاه بکري پنهنجي تعليم ملا محمد ڪنگري واري ۽ قاضي ڏتي سيوهاڻي ۽ شيخ حميد درٻيلائي وٽان حاصل ڪيائين.
    مير معصوم شاه بکري هڪ ئي وقت ۾ گهڻن خوبين جو مالڪ هيو.جهڙوڪ عالم، حڪيم،شاعر،خطاط،۽ جڏهن سفر ڪندو هيو ته پاڻ سان گڏ قلم،مس گڏ کڻندو هيو بکر کان دهلي تائين ويندو هيو ته رستي ۾ مسجدن تي ۽ ٻين تاريخي عمارتن تي پنهنجي هٿ اکرن سان پنهنجا قطبا لکندو هيو مثال اڄ به انهيءَ جا قطبا دهلي جي جامع مسجد تي موجود آهن ۽ لاهور ۾ به ڪجهه عمارتن تي اسان کي انهيءَ جي خطاطي نظر ۾ اچي ٿي.
    شاعري ۽ تصانيفون:


    مير معصوم شاه بکري پنهنجي دور جو وڏو اديب ۽ محقق هو ۽ پاڻ وڏو هڪ شاعر به هو سندس تخلص ”نامي“ هو .سندس تصنيفون هيٺ ڏجن ٿيون.
    (1) تاريخ معصومي (2) طبقات اڪبري (3) مفردات معصومي (4) ديوان نامي (5) مخزن الاسرار (6) مثنوي معدن الاذکار هي سڀ ڪتاب صناداد سنڌ تان ورتا ويا آهن.
    سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ”فتح نامه“ المعروف ”چچ نامو“ کان پوءِ ”تاريخ معصومي“ المعروف ”تاريخ سنڌ“ ۽ ٽيون ڪتاب ”تحفته الڪرام“ اهي ڪتاب بنيادي ماخذ آهن.



    مير معصوم شاه جا آثار قديم:
    مير معصوم شا بکري سکر ۽ روهڙي ۾ مير معصوم گهڻيون جايون ٺهرايون .مسجدون ۽ مذهبي جايون تعمير ڪرايائين سندس مشغلو هوندو هو.عمارتن تي جيڪو پٿر جو ڪم ٿيندو هو ان تي هو نقاشي پنهنجي نمونن سان ڪرائيندو هو سندس آگره جي قلعي جي دروازي،فتحپور سيڪريءَ جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي هن جا ڪتبا لڳل آهن. هتي ڪجهه مير معصوم شاه جا آثار قديم پيش ڪجن ٿا.
    عيدگاه روهڙي:
    هي عيدگاه روهڙي شهر جي اولهه طرف هڪ ٽڪري تي جڙيل آهي جيڪا سنه 1002ھ ۾ ٺهي جنهن کي ٽي وڏا گنبذ آهن وچئين گنبذ تي مير معصوم جو پنهنجو قطبو موجود آهي پراڻي زماني ۾ هن عيدگاه کي گهڻي اهميت حاصل هئي.پري پري کان ماڻهو اچي عيد نماز پڙهندا هئا.هن جي ايراضي ٻن ايڪڙن کن آهي ۽
    منزل گاه واريون عمارتون:
    مسجد منزل گاه سکر بندر واري ميدان جي ڏاکڻي پاسي ساڌ ٻيلي جي سامهون درياھ جي ڪناري جي نزديڪ سيد مير معصوم شاه جون جوڙايل ٻه ٻيون عمارتون آهن جن مان هڪ 1006ھ ۾ جيڪا ٺهي اها مسجد آهي ۽ ٻي 1007ھ ۾ ٺهي اها آرام گاه (هشت پهلو گنبذ) آهن.
    مير معصوم شاه جو منارو:
    مير معصوم شاه جي قديم آثارن مان معصوم شاه جو منارو هڪ آهي جيڪو سکر شهر جي وچ ۾ آهي .جنهن جو بنياد 1003ھ ۾ پيو مناري جي تعمير جو ڪم مير صاحب جي انتقال کانپوءِ سندس فرزند مير بزرگ 1027ھ ۾ پورو ڪرايو جيڪو سنه 1013ھ ۾ جڙي راس ٿيو.پيڙھ ۾ پٿر پيل اٿس ۽ مٿي سرون آهن.مناري جي تختي 84 فوٽ موڪري آهي ۽ اوچائي ۾ 84 ڏاڪا ٺهيل آهن.هي منارو قطب مينار(دهلي) غزني مينار(غزني) منارو جام (افغانستان)۽ مسجد عليءَ وارو منارو (اصفهان) وغيره جي اڏاوت جو هڪ يادگار نمونو آهي. ۽ سڀئي ڏسندڙ انهيءَ جي ساره ڪندا آهن. ۽ جنهن کي تقريبن چارصديون گذري ويون آهن.
    مشهور انگريز سياح پنهنجي ڪتاب رچرڊ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته
    ” جيڪڏهن ڪو شخص سکر جي جمال جهان آراکي ڏسڻ چاهي ته مير محمد معصوم جي مناري تي چڙهي ديدار ڪري سگهي ٿو.“
    وفات:
    مير معصوم شاه بکري 6 ذوالحج 1014ھ مطابق 4 اپريل 1606ع جمعي جي ڏينهن وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاه سکر ۾ معصوم شاه مناري وٽ پنهنجي والد بزرگ جي ڀرسان دفن ٿيل آهي. مير صاحب جي مزار نهايت پٿر ۽ خوبصورت اڪر سان سينگاريل آهي .
    مددي ڪتاب:
    * تاريخ معصومي 1938 وارو ڇاپو پونه مان
    * الوحيد سنڌ آزاد نمبر
    * امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري
    *صناداد سنڌ
    * سکر،بکر ۽ روهڙي تاريخي مطالعو



     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو