پاڪستان ۾ دهشتگردي جو بنياد ان جا ڪارڻ ۽ تدارڪ

'مختلف موضوع' فورم ۾ مظهر شاه طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2013۔

  1. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    پاڪستان ۾ دهشتگردي جو بنياد ان جا ڪارڻ ۽ تدارڪ
    دنيا جي ڪتابن ۾ دهشت گردي جي ڪا به هڪ تعريف ڪونه ملي سگهي آهي . ان جو سبب اهو آهي ته هر ليکڪ هر مصنف جو پنهنجو پنهنجو خيال پنهنجو پنهنجو تجربو آهي ان ڪري دنيا جي ڪتابن دهشتگردي جون مختلف تعريفون ملن ٿيون ڪا به تعريف مڪمل۽ آخري ڪونه آهي پر هر قسم جي پسمنظر ۽ معاشري جي حالتن کي نظر انداز ڪجي ته دهشتگردي جي لغوي تشريع ڪجهه هن ريت ٿيندي .انفرادي يا اجتماعي طور تي پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڪنهن معاشري ،سوسائيٽي يا علائقي جي ماڻهن ۾ خوف حراس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي مالي يا جاني نقصان ڪرڻ ،چاهي هن نقصان ۾ ڏوهي يا بيڏوهي جي سڃاڻپ ڪونه ٿيندي آهي ته اهڙي عمل کي دهشتگردي ڪوٺيو ويندو آهي ..
    2ڪنهن قوم ڪنهن گروه ڪنهن نسل کي غير قانوني غير آئيني طريقي سان ڌهمڪي ڏيڻ انهن تي ظلم ڪرڻ، جيئن اهي پنهنجا جائز طريقي جي حقن تان هٿ کڻي وڃن اها به دهشتگردي ۾ شامل آهي.
    سڀ کان پهرين اهو ڄاڻڻ لازمي آهي ته دهشتگردي جو نالو شروع ڪٿان ٿيو ۽ ان جو بنياد ڪنهن وڌو.
    دهشت گردي يا دهشت گرد جو لفط پهريون ڀيرو مارچ 1773کان جولاءِ1774تائين فرانس حڪومت جي برپا ٿيل عهد دهشت جي لاءِ مثبت معنيٰ ۾ استعمال ڪيا ويا .حڪومت مخالف جي اظهار لاءِ دهشتگردي جو لفظّ 1866 ۾ آرلينڊ ۽1883۾روس جي حوالي سان تحريري شڪل ۾ آيا .1930کان 1940جي ڏهاڪي ۾ زير زمين ڪم ڪندِڙن يهودين کي دهشتگرد چيو ويندو هو ۽ ان کان پوءِ اهو لفظ ايتري قدر گهڻائي سان استعمال ٿيڻ لڳو هر عام خاص زبان ۾ مشهور ٿي ويو شايد ان لاءِ ته دنيا ۾ هر طرف دهشت گردي جا واقعا گهڻا ٿيڻ لڳا .
    هاڻي اسين جيڪڏهن پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگرديءَ جو جائزو وٺون ته، پاڪستان ،جنهن جو بنياد 1947۾ رکيو ويو .پاڪستان ۾ دهشت گردي جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا هئا .دهشت گردي جو مرڪز پاڪستان افغانستان يا سعودي عرب آهي .اهو سوال اهميت جوڳو آهي.
    جهاد جي نالي تي جنگ جي ابتدا تحريڪ جهاد جنهن کي تحريڪ محمديا به سڏيندا آهن ان جو باني سيد احمد جڏهن حج ڪرڻ سعودي عرب ويو ته اتي اهو وهابي تحريڪ کان متاسر ٿيو ۽ ان سرحد ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پاڻ به وهابي طريقت جو حامي هو، جيڪو ڪنهن به ريت رسم کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو پنهنجي علائقي ۾ ڪافي اثر هئس جڏهن حج تان موٽيو ته ان به جهاد ڪرڻ جي تياري ڪئي جيڪو ڪنهن غير مسلم لاءِ نه پر صرف سکن لاءِ هئو. ڪن ليکڪن جي مطابق ته دهشت گردي جي چڻگ برطانيه جي دور ۾ ٻاري وئي شيعه سني جي اختلاف کي ڪنهن سازش تحت سامهون آندو ويو ان چڻگ کي تيل جي دولت باه ۾ بدلائي ڇڏيو جڏهن عرب ۽ ايران ۾ تيل لڌو ويو ته انهن ٻنهي پنهنجي پنهنجي فرڪي تي دل کولي خرچ ڪيو سازشين به پنهنجو سازشون جاري رکيون ۽ ان باه ۾ ڪاٺيون وجهندا ويا ايران ۽ عراق جي جنگ ان جو واضع مثال آهي عراق جي تباهي ڏسي عربن جنگ لاءِ ٻين جي زمين ۽ ٻين جي افرادي قووت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو .ان لا۽ ٻه بدنصيب غريب ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان جو انتخاب ڪيو ويو ان جو سبب اهو هئو ته پاڪستان افغانستان جو سرحدون ايران شيعه ملڪ سان ملن ٿيون.عرب پنهنجي فرقي جي تبليغ لاءِ پنهنجي خزاني جو منهن ٻنهي ملڪن طرف کولي ڇڏيو، انهن جو مقصد ٻين جي زمين تي پنهنجي فوج تيار ڪرڻ هو ۽ان ۾ ملن۽ جرنلن سٺو ڪردارادا ڪيو. روس جي شڪست کان پوءِ آمريڪا افغانستان کي ملن جي آسري تي ڇڏي ڏنو، مگر پاڪستاني جرنلن مفت تيل ڌرم دينارن لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ باه لڳائي ڇڏي عربي اٺن کي پنهنجي خيمي ۾ منڍي وجهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي .پاڪستان ۾ ان کان پوءِ اها تحريڪ جيئن جو تيئن زور وٺڻ لڳي ان ۾ مخصوص فرڪي سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو هئا اهي نه سني هئا نه شيعه هئا نه مدني هئا اهي ديو بند سڏرائجن ٿا جن .انهن جو حدف شيعت هئي جيئن ته مٿي بيان ڪيو ته اهو خاص سعودي جامااڻهو هئا اهي قبر پرستي ڪين مڃيندا هئا پاڪ مٺي محمد کي انسان بشر چوندا آهن ان انهن جي نظر ۾ خدا کان سوا ڪو به ٻيو وسيلو هن دنيا ۾ نه جيڪو بندي کي ڏئي ٿو. .اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اسان هتي ان دهشت گردن جو ٿورو تعارف ڪرايو انهن جي فرڪي ۾ قبرپرستي به ڪون هئي انهن جو منشور ڏنڊي تي اسلام ڦهلائڻ هئو جنهن جي بنياد تي انهن عام انسانن کي به پنهنجو نشانو بنائڻ شروع ڪيو . پاڪستان ۾ جيڪوگروه ضيا جوڙيو هو اهو اڄ ٽي ٽي پي جي نالي سان مشهور آهي اڳتي هلي ان ۾ مختلف گروهن جنم ورتو اڄ انهن جا 37 گروه آهن . ڪجهه گروه شيعت جا سخت مخالف آهن ڪجهه گروه ذاتي اختلافن جي بنياد تي وڙهي رهيا آهن ڪجهه وري امير رياستن جي چوڻ ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن ڪجه عيسائن جا سخت مخالف آهن ڪجه هندستان جا سخت مخالف آهن .جيئن اسان دهشتگردي جي تعريف ۾ بيان ڪري آيا آهيو ته دهشت گردي اها آهي جيڪا ڪنهن گروه کي پنهنجي جائز حقن تان زوري روڪي پنهنجا قائدا قانون ان تي مڙهي ۽ اهو عمل قانوني ۽ آئيني لحاظ سان غلط هجي. هي جيڪي به گروه آهن انهن جو عمل ان وصف تي پورو لهي ٿو .
    .پاڪستان جي آئين مطابق هر قوم هر فرقو هر مذهب آزاد آهي ان کي پنهنجي طريقي سان عبادت ڪرڻ جي اجازت آهي .ان آئين جي ڀڃڪڙي اهي طالبان جا مختلف گروه ڪري رهيا آهن. ڇو ته اهي ڪنهن ٻي رياست جا حامي آهن جيڪي زبردستي هن رياست جي آئين کي ٽوڙڻ گهرن ٿا ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن کي نقصان پڄائن ٿا. پاڪستان کي ٻوڙيندڙ دهشت گرد ڪارروايون ڪي اهڙا لقاءَ ناهن جيڪي رڳو اسان سان چنبڙيل آهن. بي گناهه ماڻهن، عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ سميت ويڙهاڪن جي غيرانساني عملن کي، دهشت گردي ٽوڙ جنگ جي حمايت ڪرڻ واري، پاڪستاني ناقص پاليسيءَ جو ردعمل قرار ڏيڻ جهالت جو عروج آهي. اهي ويڙهاڪ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن سو آهي رياست کي ڊاهي پٽ ڪري هڪ اهڙي غنڊه گرديءَ واري رياست ٺاهڻ، جيڪا کين ٻين ملڪن تي حملن جو پورو سازو سامان ڏئي. تحريڪ طالبان پاڪستان پنهنجي ايجنڊا کي ڪڏهن به راز نه رکيو آهي. اها هٿيارن جي استعمال ذريعي اهو ڪجهه لاڳو ڪرڻ گهري ٿي، جيڪو ووٽ جي طاقت ذريعي ڪڏهن به حاصل نه ٿو ڪري سگهجي.
    .اسان ڏسنداسين ته طالبان جو مقصد اهو سعودي جي طريقت کي اڳتي وڌائڻ انهن جي مقصد ۾ جنهن به رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ان کي تباه ڪري ڇڏيو آهي پريز مشرف جي زماني ۾ جڏهن لال مسجد تي حملو ڪيو ويو ته ان لال مسجد ۾ مخصوص فرقي جي تعليم ڏني ويندي هئي هٿيار بم ۽ جوانن کي وڙهڻ جي سکيا ڏني ويندي هئي ان جو چٽو ثبوت آپيريشن ۾ مليو ان سان گڏو گڏ سعودي جي طريقت جي سکيا ڏني ويندي هئي ماڻهن ۾ جهاد جو جنون وڌائڻ جي تبلغ ڪندا هئا ..جڏهن پرويز مشرف انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو مشرف جي وڙهڻ جو هڪڙو اهو سبب منهنجي نظر ۾ آهي ته هڪ ا هو ڊڪٽيٽر هو ٻيو ان جي تعلق شيعت سان هيو ان ڪري هن انهن تي حملو ڪيو جڏهن ان تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو ته ان لال مسجد جي ليڊرن کي پڪ هئي ته اسان تي ڪڏهن به حملو نه ٿيندو ڇو ته اهي معاشي طرح مظبوط هئا ۽ انهن پنهنجي فرقي جي تمام گهڻي تبليغ ڪئي عام ماڻهن ۽ جنون رکندڙ نوجوان کي اهڙو ته تيار ڪيو هئو جو هو هر وقت مرڻ لاءِ تيار هوندا هئا ته اهي طاقت به رکندا هئا پر انهن اهو فيصلو ڪيو ته متا جيڪڏهن حملو ٿئي به ته پوءِ اسان ڇاڪنداسين ڪهڙو اسان جو رد عمل هوندو انهن پنهنجا ڪجهه جوان ٻاهر ڪڍي ڇڏيا جن ۾ بم ٺاهڻ وارا هٿيار ٺاهڻ وارا خد ڪش هملا ڪرڻ وارا هئا .جعيئن حملو ٿيو ان کان ٿوري عرصي بعد پاڪستان ۾ افرا تفري ڦهلجي وئي ايترا بم ڌماڪا ٿيا جنهن جي ڪاا نتها نه هئي انهن جي خار ۽ ڪاوڻ ۾ هزارين ماڻهون مارجي ويا مشرف جي دور ۾ طالبان تمام گهڻا مظبوط هئا انهن جي مائنڊ سيٽ جنگ هئي جنهن جي بنياد تي اهي سڄي پاڪستان تي پنهنجي حڪومت ڪن ها، پر مشرف انهن جي انهيءَ مقصد ۾ رڪاوٽ وڌي جنهن جو نتيجو عام عوام جو قتل ۾ ڏنو ويو انهن پنهنجي مقصد ۾ سڀ رڪواٽون ختم ڪرڻ ٿي گهريون رڪاوٽ ڪهڙي به هجي سياسي ليڊر هجي سياست هجي يان ڪو گروه يان ڪا قوم يان ڪا تحريڪ هجي لال مسجد تي حملو انهن جي مقصد ۾ وڏي رڪاوٽ هئي جنهن جي ڪري انهن 2007ع ۾ 1553دهشت گرد حملا ڪيا جنهن ۾ قتل ٽارگٽ ڪلنگ بم بلاسٽ اچي وڃن ٿا ان کان پوءِ پاڪستان ۾ بم بلاسٽ ٽارگٽ ڪلنگ جا هزارين واقعا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ عام ۽ خاص ماڻهون مري رهيا آهن . پاڪستان ۾ دهشت گردي جي شروعات ان جو پسمنظر مٿي بيان ڪري آيا آهيون
    .هاڻي اسان هلندڙ وقت ۾ ان جو جئازو وٺو ته هاڻي نواز شريف جي حڪومت ۾ ڇا ٿي رهيو جيئن فساد ٻه فرقن جو شروعات سان ڪرايو ويو هر انسان جو تعلق ڪنهن قوم ،نسل ڌرم،فرڪي سان هوندو آهي .موجوده دور ۾ دهشت گردي جيئن جو تيئن زور وٺندي ٿي وڃي شيعت جي قتل غارت کان وڌي ڪر اهي عام انسانن تائين اچي وئي نواز شريف جو تعلق سعودي لابي سان آهي اهو عرب ملڪ سان تمام گهڻو گهرو آهي ان جي هڪ ڌيءَ عرب ملڪ ۾ ڏنل آهي.دهشتگردن سان مذاڪرات جي ماملي تي جيڪڏهن اسان نظر وجهون ته ڀل ڪيتريون به ڳاليون ٿين پر اهو هر گز ناهي ٿيڻو ان جو حل مذاڪرات نه آهي .ڇو ته اها هڪل مائنڊ سيٽ جنگ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مائڊ سيٽ ٿيڻو پوندو دهشت گرد سان وڙهڻ لاءِ انهن جهڙو ٿيڻو پوندو پوءِ جيڪوبه کٽي جيڪو هارائي . انهن جو پسمنظر ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي اسان به مٿي بيان ڪري چڪا آهيون جيسيتائين ان جي بنياد کي ختم نه ڪيو ويندو اوسيتائين اها جنگ جاري رهندي ۽ ه وقت اها جنگ انتها تي پهتل آهي .پر ان جو حل ڪنهن نه ڪنهن جڳه ٿي ظاهر آهي ان جو حل اهو آهي ته جيڪي پاڪستاني رياست جا جوان ٻنهي فرڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهون اهو نٿا ڄاڻين ته اسان هي ڇاڪري رهيا آهيون اسان ڇو ڇالاءِ وڙهي رهايا آهيون اوسي تائين اها جنگ هلندي رهندي .جڏهن انهن ماڻهن ۾ بيداري اچي وئي ته اها دهشت گردي پاڻهي ختم ٿي ويندي ان جا ڪجهه مثال هن ملڪ جي نوجوانن جي ڳالهين شوشل ميڊئا تي موجود آهن .جيڪي افغاني پٺاڻن جا جوان اهو ڄاڻي ورتو آهي ته اسان جيڪو ڪري رهيا آهيو سراسر غلط آهي.ان جو هڪ واضع مثال آهي جنهن سوات جي ماڻهون سان منهنجي ملاقات ٿيل آهي .اهو پاڪستان ڪمپني( او جي ڊي سي ايل ) هڪ گاڏي جو ڊرائيور آهي .جنهن اهو ٻڌايو مان سوات جو آهيان اسان جي وڏن جو چيل آهي ته جيڪو به طالبان سان ڳالهائيندو ان کي گولي هئني ويندي .ڇو ته اهي سراسر غلت آهن .مونکي طالبان آفر ڏني ته اسان جي گروه ۾ ڪم ڪر ڇو ته مهنجو بندوق جو نشانو سٺو هوندو هئو .ان ڪري منهنجي والدين مونکي ڪراچي اماڻي ڇڏيو.ان واقع بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪجهه ماڻهون آهن جيڪي سمجهن ٿا ته اهو هن رياست لاءِ نقصان ڪار آهي . اسان پنهنجي رياست جي بدران ڪنهن ٻي رياست جي هيٺيا ڪم ڪري رهيا آهيو جيڪو سراسر غلط آهي ۽ اهي نوجوان پنهنجي ايندڙن نسلن جي ڪن ۾ اها ڳاله وجهي ريا آهن ته هي غلط آهي پر اهو سڀ ايترو جلدي ختم ناهي ٿيڻو انهي لا۽ اڃان هڪ صدي شايد لڳي وڃي اسان جي نوجوان پاڪستان جي نوجوان نسل انٽرنيٽ دنيا جون خبرون پڙهڻ لڳو بيدار ٿي رهيو آهي غلط کي غلط چوڻ جي قووت ان ۾ اچي رهي آهي پر ان لاءِ اڃا ڪجه وقت کپندو آهست آهست شايد پاڪستان ۾ سڌارو اچي ويندو ٻيو هڪ مسئلو آهي جيڪو پاڪستاني رياست جي نوجوانن کي منهجائي ٿو اهو آهي ته پاڪستان جي ڪورس ۾ ميٽرڪ تائين هنن جا سڀ هيروز جهادي آهن .اهو پڙهڻ کان پوءِ جڏهن اهو نوجوان ان طالبان جي ڪنهن فرد هٿ چڙهي ٿو وڃي ته اهو انهن مان مطمئن ٿي ٿو وڃي ته ها اهو ئي اسلام آهي اهو ٺيڪ آهي .اهو مرض پوليو جي بيماري وانگر آهي جنهن جي لاءِ پنجن سالن تائين ويڪسيشن ڪئي ويندي آهي ته جڏهن اهي پوليو جا جراسيم ڪم ڪرڻ شرو ڪن ته انهن لاءِ اها ويڪسيشن رد عمل ڪري ان کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي اهڙي نموني اسان جي نوجوان کي اصل تاريخ جي ڄاڻ هجڻ گهرجي اهو فرض انهن جي والدين جو آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کي صحيح تاريخ جي آگهئي ڏين جيئن ڪو به ماڻهون غلط ڳاله ڪري انهن کي گمراه ڪري اسلام جي نالي تي انهن کان خون ن ڪرائڻ جو چوي ته ان محل اهو انسان ان کي جواب ڏئي سگهي ته نه هي جيڪو آهي غلط آهي اسان جي تاريخ هيئن نه پر هيئن آهي تون غلط چئي رهيو آهين .
    .اها دهشتگردي ته ظاهر ظهور هئي هاڻي اسان لڪيل دهشتگردي تي نظر وجهنداسين ته ؛
    ننڍي پيماني تي ب پاڪستان ۾ دهشتگردي مجود آهي سياسي پارٽين جي اندر پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاھ قتل ڪرائڻ ڪنهن هڪ قوم جي پارٽي پنهنجي قوم کي طاقتور ثابت ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ انتشار ڦهلائڻ ماڻهن ۾ خوف حراس پيدا ڪرڻ هڪ .ان جو مثال پاڪستان ۾ طالبانن مذهبي دهشتگرن کان پوءِ نا معلوم افراد جو نالو مشهور آهي جنهن جو نالو وٺڻ معنيٰ ٻوري ۾ پاڻ کي پاڻ وجهڻ آهي. جو تعلق مخصوص هڪ گروه سان آهي جيڪي هم زبان آهن اهي سياست ۾ رهي ڪري معاشي طرح امير آهن ان ڪري هو پنهنجو زور ڏيکارڻ لاءِ هٿيارن جو استعمال ڪري رهيا آهن .ڪراچي ۾ اهي سڀن کان وڌيڪ موجود آهن اهي پنهنجي طاقت جي زور تي ڪمزور ماڻهون تي ڏاڍ ڪن ٿا ان کان ڀتو وصول ڪن ٿا.اها به هڪ قسم جي دهشتگردي آهي پر ننڍي ليول تي ڪنهن مخصوص شهر ۾ آهي .پر اهي پنهنجي طاقت جي زور تي اڳتي وڌي رهيا آهن هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين اهي پنهنجي طاقت جي ذريعي پيسي جي ذريعي ماڻهن کي پنهنجو ڪري رهيا آهن انهن نا معلوم افراد جي پارٽي ۾ اچڻ جو رستو آهي پر وڃڻ جو ڪونهي جنهن به ڪارڪن پارٽي ڇڏي اهو ماريو ويندو انهن جي خلاف ڪير سڄي شهر ۾ ڪو ڳالهائي ڪون سگهندو اهو عمل به دهشت گردي ۾شمار ٿئي ٿو جو ان شهر جو عوام ان مخصوص گروه کان اهڙو ته ڊڄي ٿو جو انهي جي خامين کي خاميو انهن جي دهشتگردي کي دهشتگردي چئي نه ٿو سگهي .ان جو حل اهو آهي ته رياست جي قانون کي قانون تي عمل ڪرڻو پوندو جيئن رياست جي آرمي پوليس رينجرس سي آڊي ايجنسي پنهنجو عمل پنهنجو ڪام ايمانداري سان ڪندي ته اها دهشتگردي ختم ٿي ويندي پر شرط اهو آهي ته رياست جو قانون ۽ قانون نافظ ڪرڻ وارا ايمانداري کان ڪم وٺن .جيئن ان (نا معلوم افرد) دهشتگري ڦهلائي تيئن ڪجهه ٻين گروهن به ان جي پوءِلڳي ڪئي پر اڃان به ننڍي پيماني تي .جنهن ۾ لياري گينگ ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا ننڍا گروه آهن .جيڪڏهن اسان هاڻي مجوده دور ۾ ڏسون ته ڪراچي شهر ۾ قانون انهن جي عمل خلاف ردي عمل ڏيکاريو ته سماج ۾ ڪيتري خوشي جي لهر ڊوڙي قتلو غارت گهٽ ٿيڻ لڳي عام عوام هاڻي انهن جي خلاف ڳالهائي ٿو ايتري حد تائين جو ماڻهن ۾ ڏيهن به ڏيهن شعور وڌندو ٿو وڃي ان گروه جا ڪجه فرد انهن جي خلاف ڳالاهئي سگهن ميڊئا ڪجهه حرڪت ۾ آئي ۽ غلط کي غلط

    چوڻ شرو ڪيو ته ڪراچي ۾ پنجهتر سيڪڙو امن ٿي ويو جنهن رياست جي ماڻهون تعليم جي طرف گهڻي مان گهڻو ڌيان ڏينداته ان رياست جاماڻهو دهشتگردي بي ايماني اڻبرابري کان پري ٿيندا ويندا .ان جو حاصل مقصد اهو آهي ته ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لا۽ ان جي رياست کي تعليم جي طرف ۽ انسانيت جي طرف ڌيان ڏيڻو پوندو ته پو اها رياست ترقي جي طرف رخ ڪندي. ٻيو حل اهو آهي ته هن رياست جي ماڻهن کي پنهنجي صوفر بزرگن جي تعليم ڏي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجي نئي ٽهي جي ٻارن کي انهن بابت ڄاڻ ڏيڻي پوندي صوفي بزرگن جي قول ڪلام سان ٻارن جي سوچ مان ڪٽرپڻو ختم ٿيندو اهي آزاد سوچ سان گڏ جيئندا دهشتگردي پيدا ٿيڻ جو سبب ئي پيدا نه ٿيندو جيترا به آزاد خيال ماڻهون هن رياست ۾ رهن ٿا جن به ماڻهن وٽ پاڪستان جي سنڌ جي صوفي بزرگن جي تعليم جو اثر آهي .اهي دهشتگردي ڪٽرپڻي فرقه پرستي جا سخت مخالف آهن چاهي اهي ماضي ۾ هجن يان حال ۾ ،هڪ پڙهيل لکيل آزاد سوچ رکندڙ انسان کي ئي اها ڄاڻ هوندي آهي ته رياست جي ڀلائي ڇا۾ آهي، تڏهن ته هن خطي جا بزرگ اها تعليم ڏئي ويا جنهن ۾ ڪٽرپڻو موجوده نه آهي.جنهن ۾ انسانيت جو سبق ڏنل آهي . انهن بزرگن ۾ اسان جو بابا بلي شاه ،غلام فريد ،باب رحمان شاه لطيف سچل سائين بيدل سائين رکيل شاه قاضي قادن شاه ڪريم ٻيا به ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا جن کي اها ڄاڻ هئي ته انسان ذات کي ڪهڙي راه ڏسجي .ته جيئن اهي گمراه نه ٿين هڪ ٻئي جو قتل عام نه ڪن .پر اها ڳاله به عام آهي ته جتي گل هوندا اتي ڪنڊا به موجوده هوندا آهن . پر اهو اسان جي وس ۾ آهي ته پنهنجي گلستان ۾ ڪيترو پاڻي ڪنڊن کي ۽ ڪيترو پاڻي گلن کي ٿا ڏيون



    مظهر شاه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو