اسان ٻروچن جا وڏڙا اڳي ئي شڪايت ڪري ويا ته ڄمندي ئي سرائڪي سکون۔ اسڪول پُهچون ته سنڌي۔ وري اڳتي هل ته اردو به اڻ ٽر۔ مئٽرڪ کان اڳتي پڙهڻو آهي ته وري انگريزي لازمي۔ ۽ نيٺ ملڪ الموت سان نبري اڳتي پُهچ ته عربي۔
انهي حالت ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ مس مس لکڻ سکيوسين ته ونڊوز ۾ سنڌي ايڊ ڪرائي دنگ ڪر ته ڪڏهن انگريزي اکر A جي ڪِي سان الف لکجي ته ڪڏهن H سان۔ اڳي ته ڌُڪا هڻي ڪم ٽِپي ويندو هو پر هتي پر ڏيهه ۾ جتي ڪٿي ونڊوز 8 پئي هلي۔ جنهن ۾ ڄمندي ڄام سنڌي ايڊ ٿيل آهي۔ پر اکرن جي ترتيب الڳ اٿس۔ فارسي ايڊ ڪيم ته به ساڳي ڪار۔ موبائيل ۾ به ساڳي ڳالهه۔ سليمان وساڻ ته هِري ويو آهي پر هو سرائڪي ڳالهائيندڙ ناهي سو کيس اهو خفو ڪندي ڪو هرج ناهي۔ اسان اڳي ئي ڏُکايل سو اهو نه ٿو سهجي،
آهي ڪو ذيشان رشيد جهڙو جادوگر سائين جيڪو موبائل ۽ ونڊوز اٺ ۾ اکرن جي ترتيب اُها آڻڻ جو ڏَس ڏي جيڪا سنڌ سلامت تي به آهي ۽ ايم بي سنڌي جي به آهي۔ هيٺ ڌنل آهن تصويرون ته ڇا آهي ۽ ڇا کپي؟ موبائل ائنڊرائڊ جيلي بين آهي۔ جنهن ۾ سنڌي جا اکر ڌ، ي ڏ به نه پيا ظاهر ٿين ڪي بورڊ ۾۔
فاروق سومرو

هي آهي

هي کپي
سنڌ سلامت به ڪُجهه هينئن ٿي ڏِسجي