• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان آهيان منظور علي منگي فرام مورو

منظور علي منگي

سينيئر رڪن
پيارا دوستو مان مورو شهر جو رهواسي منظور علي منگي آهيان منهنجو تعلق گورنمينٽ ملازمت سان آهي مان بيسڪلي هڪ استاد آهيان نيٽ تي هن فورم متعلق سائين مولوي رحيم بخش ڄاڻ ڏني ڏسي بيحد خوشي ٿي اميد ته مزيد هن فورم تي حاضري ڀربي رهبي ۽ اوهان سڄڻن کان معلومات حاصل ڪبي۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
 
موري سان تعلق رکندڙ دوست منظور علي منگي کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔

ساهتي پرڳڻي جي شهر موري اسان کي سهڻا شاعر، اديب، سياستدان ۽ استاد مهيا ڪيا آهن، جن مان سنڌ سلامت جو رهنما مولوي رحيم بخش پڻ آهي۔ سائين سان موري ۾ يا هتي ڪراچي ۾ اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي آهي۔

اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي سرگرم رهي پنهنجا ويچار ونڊيندا رهندا۔

welcome-jpg.2489
 
سائين جن کي هن عاجز طرفان پڻ ڀلي ڪار ، سندن جو هن اڱڻ تي اچڻ اسان جي لاء خوشي جو باعث آهي جو اسان جي هن اليڪٽراني اوطاق جي ميمبرن ۾ هڪ انگ جو اضافو ٿيو ۔ سائين منظور احمد منگي جن منهنجا پراڻا محسن آهن ڪافي عرصي کان سائين جن جو ڪمپيوٽر سان واسطو رهيو آهي ليڪن اڃا تائين سائين جن سنڌي لکڻ ۾ ڪجهه ڪيٻائين ٿا اميد ته سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ رهي سائين جن ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ جي بهتر پرڪٽس ڪري وٺندا۔
 
سائين اسان طرفان اوهان کي ڀليڪار
سائين رحيم صاحب اصل ۾ عشق پاڻهي اهي ڪم سيکاريندو آهي سو سائين جن ته استاد آهن اميد ته جلد سائين جن جي استادي مان فيضياب ٿيندا سين۔
وسلام
 
منظور منگي صاحب توهان به موري شهر جا، ۽ مان به موري شهر جو، ۽ وڏي ڳالهه ته توهان به منگي ۽ مان به منگي، تمام ڀلي ڳالهه آ۔ جو توهان هن سنڌي فورم تي اچي ويو
 
سڀني دوستن جي مهرباني جو مون کي ايترو مان ڏنائون خاص سائين محمد سليمان جن جي مهرباني جو پاڻ فراخدليء سان خوش آمديد چيائون مان سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان اميد ته آهستي آهستي لکڻ سکي وينداسين۔
 
Back
Top