• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا هي ممڪن آهي؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ٻروچ
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
ادا مست۔۔اڄ جي دور ۾ سڀ ممڪن آهي۔
هي وڊيو ڏسي ڪجهه دير لا هر انسان حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته ڇا واقعي اهو ممڪن آهي۔۔!!؟
حقيقت ۾ هي به هڪ نظر جو دوکو آهي۔ ان کي سمجهڻ لا نيٽ تي سرچ ڪرڻ سان هي تفصيل ملي آهي۔
هن وڊيو ۾ ڊيو ڪريمن Dave Cremin نالي هڪ ميجيشن نيويارڪ جي ٽائيم اسڪوائر تي هڪ ناممڪن ۽ عجب ۾ وجهندڙ جادو جو ڪرتب ڏيکاري رهيو آهي۔ميجيشن جي اشاري سان تاش جا پتا پاڻ مرادو هڪ انسان جي شڪل ۾ ٺهي وڃن ٿا ۽ اهو انسان هلندي ڦرندي به نظر اچي ٿو۔۔۔!!! هي وڊيو اصل ۾ ڪارڊ ٽرڪ پروجيڪٽ جي ذريعي 3 ڊي اِفيڪٽ کي استعمال ڪندي 3ڊي اينيميٽيڊ ڪيميرا ۽ ڪمپيوٽر جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي۔ وڊيو کي غور سان ڏسڻ مان خبر پوي ٿي ته هي هڪ اهڙي وڊيو آهي جيڪا ڪنهن عام ماڻهو پنهنجي موبائيل تان ريڪارڊ ڪئي آهي پر حقيقت اها آهي ته اها وڊيو ٻن ڪينون 5 ڊيCanon 5D Mark II cameras جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي۔ ان بابت وڌيڪ سمجهاڻي لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
 
Back
Top