سنڌ سونھاري ڀاڳن واري

سنڌ سونھاري ڀاڳن واري​
تھذيب تمدن جنھن جي پياري​
ماڻھو جنھن جا محبت وارا​
توڙ پڄائن پنھنجي ياري​
سنڌ سونھاري ڀاڳن واري​
ڪشمور کان ويندي ڪراچي تائين​
وڻي ٿي ڌرتي سھڻي ساري​
سنڌ سونھاري ڀاڳن واري​
صدين کان ھي جيءَ جياري​
ٻڌي ايڪتا ايڪي واري​
سنڌ سونھاري ڀاڳن واري​
ڌرتي ھي آ ممتا جھڙي​
لڳي ٿي جيئن آ امڙ پياري​
سنڌ سونھاري ڀاڳن واري​
 
Back
Top