• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناطق عددن جي مونجه

جميل احمد

سينيئر رڪن
ناطق عددن جي مونجھ
رياضي ستين ڪلاس لاءِ
شايع ڪندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ،ڄام شورو سنڌ
ڇپجڻ جو سال ۽ مهينو feburary 2013
ڇاپو پهريون
صفحو نمبر 43
نشاندهي نمبر1
ڪتاب ۾ لکيل
سڀني ناطق عددن کي هيٺين ٻن قسمن ۾ لکبو آهي.
(i) کٽندڙ ڏهائي اڻپور (ii) تڪراري ڏهائي اڻپور
مسئلو نمبر 1
ڇا مٿي لکيل ڪتاب واري ڳاله بلڪل صحيح آهي؟ ڇا سڀني ناطق عددن کي انهن ئي ٻن قسمن ۾ لکبوآهي؟ يقينن ائين نه آهي.جيتوڻيڪ اهي ڏهائي اڻپور جا ٻئي قسم ناطق عدد ئي آهن،پر ان کانسواءِ ٻيا به ناطق عدد آهن،جيئن سڄا عدد،ٻڙي،عام اڻپور.تنهنڪري ڪتاب ۾ لکيل ٻئي بيان هڪٻئي سان مطابقت نه ٿا رکن.
تجويز نمبر 1
ڪتاب ۾ اها ڳاله هن طرح لکڻ گھرجي.
سڀني ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي هيٺين ٻن قسمن ۾ لکبو آهي.
(i) کٽندڙ ڏهائي اڻپور (ii) تڪراري ڏهائي اڻپور

 
Back
Top