نثارابڙو
نائب منتظم

سڀني سنڌ سڄڻن/دوستن کي سنڌي ثقافتي عيد جون واڌايون قبول پون ... ان اميد سان ته سنڌي ايڪتا ۽ ٻڌي جي بي بها ڏينهن جي اهميت کي سمجهندي سنڌ جي مالڪيءَ جا سڀ جتن ڪندا
هن ثقافتي عيد جو مقصد هجڻ گهرجي؛
* سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو
* سنڌي ثقافت ۽ سونهن جو واڌارو
* سنڌ جي معاشري ۾ اخلاقي قدرن جو واڌارو
* سنڌ جي اقتصادي خوشحالي
* سنڌ جي تعليم ۽ تحقيق ۾ واڌارو
جيڪي سنڌ دوست هن ڏهاڙي کي مٿين مقصدن لاءِ استعمال ڪندا اهي ئي سنڌ جا مالڪ سڏرائيندا، ۽ اهي ئي اصل منزل طرف رهنمائي ڪرڻ جا حقدار چورائيندا ...
اچو ته هن ڏهاڙي کي سنڌ سان وچن جو ڏهاڙو سمجهي سنڌ جي خوشحالي/آزادي ۽ سلامتيءَ جي ڏهاڙي ۾ تبديل ڪريون ....
سنڌ سلامت ساٿ سلامت