اڄ نه صرف سنڌ پر پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر هڪ سنڌي پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي۔ بيشڪ هن ڏهاڙي جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي۔ دنيا آڏو سنڌ جي سڃاڻپ ڪرائڻ لا اهڙن ڏهاڙن ملهائڻ جي روايت کي هر سنڌي ماڻهو سارهائيندو پر جڏهن کان هي ڏهاڙو شروع ٿيو آهي ته اڪثر سنڌي ماڻهو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ّحد کان وڌيڪ خوشيون ملهائيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا۔افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته هن ڏينهن کي عيد وانگر ملهائڻ جي غلط روايت قائم ٿي رهي آهي۔ سنڌ جي ثقافت سان جڙيل هن ڏهاڙي کي صرف خوشين سان نه گڏيو وڃي۔ ثقافتي ڏهاڙي تي خوشيون ملهائڻ بظاهر هڪ عمده عمل نظر اچي ٿو۔ پنهنجي ثقافت تي عمل ڪرڻ ۾ خوشي ته ضرور ٿئي ٿي ليڪن ايئن ڪرڻ سان هن ڏينهن جي اهميت صرف هڪ ڏينهن تائين ئي محدود ٿي ويندي۔ بس اهو هڪ ڏينهن پنهنجي ثقافت کي ياد ڪبو ۽ ان کانپو خداحافظ۔ اسان کي گهرجي ته هي ڏينهن اهڙي ريت ملهايون جو سنڌي ماڻهو رڳو ان هڪ ڏينهن تي نه پر ان هڪ ڏينهن جي اثر هيٺ سڄو سال سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت کي محسوس ڪندا رهن۔ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جياپي لا اسان کي پنهنجي سوچ ۾ اها تبديلي ضرور ڪرڻ گهرجي۔ اسان کي ان حقيقت کي مڃڻ گهرجي ته اڄ اسان پنهنجي روشن تاريخ ، پنهنجي علم ادب جون محفلون ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ سگهڙن جون ڪچهريون وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وساري رهيا آهيون۔ زماني جي ترقي کي ڏسندي انهن کي اپنائيندي، ٻاهرين ملڪن جي جديد هوائن جي نشي ۾ اسان جا قدم مدهوشي ۾ ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن ڪري رهيا آهن۔ ٻاهرين ملڪن جي اڻ کٽ ماڻهن جي سنڌ تي لڏ پلاڻ سان به اسان جي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت کي تمام وڌيڪ خطرو پيش اچي رهيو آهي۔ اسان پنهنجي راهه، پنهنجي منزل کي بلڪل وڃائي ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺل منزل طرف وڌي رهيا آهيون جيڪا سڌي طرح اونڌاهي جي تري ۾ وڃي رهي آهي۔ پنهنجي انجام کان بيخبر، علم جي اهميت کي ڄاڻندي به ان کان بيزاري صرف ۽ صرف شوقيه راڳ رنگ، عشقيه شعر و شاعري ۽ ٻين نشن پتن ۾ گم رهي اسان جي قوم تباهي جي ڪناري تي پهچي رهي آهي۔ جنهن قوم جي ڳوٺن شهرن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد محدود هجي۔ جن جي اسڪولن جي تعليم نه هئڻ برابر هجي۔ جنهن قوم ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دانشور ، اديب، سائنسدان، پروفيسر ۽ ڊاڪٽر هجن اها قوم دنيا ۾ پنهنجو مقام ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگهي۔ اسان کي نه منزل جي خبر آهي ۽ نه انجام جي۔۔!! اڄ سنڌي ماڻهو پنهنجي ثقافت جي اهميت کان ته واقف آهن پر ان جي جياپي لا ڪهڙيون ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ان جي واڌاري لا ڪهڙا طريقا اپنائڻ گهرجن ان جي ڪنهن کي به فڪر نه آهي۔ جستجو، ديانتداري، روشن خيالي ۽ مسلسل محنت جي ضرورت کان واقف هوندي به اسان اهو سڀ پاڻ ڪرڻ لا تيار نه ٿيندا آهيون۔ اسان جا بنيادي مسئلا مثال طور تعليم جي گهٽتائي، غربت ۽ زندگي گذارڻ لا ٻيون بنيادي سهولتون اڄ به نه هئڻ برابر آهن۔ ڇا ڪڏهن ڪنهن سياسي يا قومي پارٽي سنڌي ماڻهن جي انهن حقن کي حاصل ڪرڻ لا ڪو عمل جوڳو منصوبو پيش ڪيو آهي۔۔۔؟ اسان ڪيستائين انهن جي اشارن تي هلنداسين ۽ انهن جي ڏيکاريل سنهري خوابن کي ڏسندا رهنداسين۔ اسان کي ثقافت ڏهاڙو ملهائيندي انهن حقيقتن کي به ڏسڻ گهرجي۔ آخر ڪيستائين سنڌي ماڻهو پنهنجيون اکيون بند ڪري خانداني سياستدانن جي نظرن سان سنڌ کي ڏسندا رهندا۔ آخر اهي اکيون ڪڏهن کلنديون۔۔!!؟؟ سڄو قصور انهن سياستدانن جو به نه آهي۔ اهي اسان جي معصوميت، بي خبري جو فائيدو وٺي اسان جي ذهنن کي تعليم کان محروم ڪري اهڙم خوابن جي جهلڪ ڏيکارين ٿا جيڪي ڪڏهن به حقيقت نٿا بڻجي سگهن۔ اسان کي پنهنجيون اهي ڪمزوريون ڪڍڻيون پونديون۔ اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته بکايل پيٽ، اٽي لٽي ۽ اجهي جي فڪرن کان آزادي تڏهن ملندي جڏهن اسان ان جي حل لا پاڻ ڪوششون وٺنداسين۔ افسوس سنڌي ماڻهن کي صرف حلوي کائڻ جو شوق آهي پر ان کي پچائڻ جي زحمت ڪرڻ لا ڪو به تيار نه آهي۔۔!! افسوس سنڌي ماڻهن ۾ شعور جي گهڻائي هوندي به اُهي پنهنجن انهن بنيادي حقن جي حاصلات لا درست سمت ۾ قدم کڻڻ لا تيار نه آهن۔ هن ايڪتا جي ڏهاڙي تي دنيا ۾ رهندڙ هر سنڌي ماڻهو کي اهو سوچڻ گهرجي ته اڄ تائين سنڌي ماڻهن کي اهي بنيادي حق حاصل ڇو نه ٿي سگهيا آهن۔۔؟ جيستائين پنهنجين غلطين جي نشاندهي نه ڪبي، انهن کي درست ڪرڻ لا قدم نه کڻبا۔اسان ڀلي اهڙا ڪئين ڏهاڙا ملهايون پر ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهندي ڇو جو صرف اهي ڏهاڙا ملهائي ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي۔ او شل آزادي اچي چوڏهين چنڊ جيان۔۔۔رهندي رات ڪارونجهر تي اڃا ڪيترو۔!!جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ جي ثقافت۔۔
ڳالهه ته سورنهن آنا سچ آهي پر ڪير مڃي سائين۔۔ هتي بس پنهنجي ماضي تي فخر ڪرڻ کان واندڪائي ملي ته حال ۽ مستقبل تي ڪير سوچي ۽ ڳالهائي۔۔ توهان جي سوچ اکين تي پر موئن جي دڙي جي ڳالهه ڪيو ها ته واه واه۔۔ هزارين سال پراڻي ثقافت ۽ سنڌ جا والي ۽ وارث اسان آهيون۔۔ تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ته خير آهي، اسان تي ڪهڙو فرق ٿو پوي۔۔ نشو پتو ۽ راڳ به بادشاهن جا شوق آهن سائين۔۔ پناهگيرن کي ڪهڙي خبر ته هوٽل تي ويهي شمن ميرالي جي ڪلام ٻڌندي چانهه ۽ سگريٽ پيئڻ جو ڪهڙو مزو آهي؟۔۔ ڪيو قادري قلندر مست۔۔ ڇڏيو سائين اسان کي خوش ٿيڻ ڏيو ۔۔ هروڀرو مزو ڪِرڪرو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آه يار۔۔
مان مڃان ٿو ته سنڌي علم ۽ ادب جي ميدان ۾، سائنس جي ميدان ۾ ڪافي پٺتي آهن ۔۔۔ هتي ڪيئي ڏک ۽ درد آهن، نا انصافيون آهن، پر پوء به جيڪڏهن ڪو هڪ ڏينهن خوشيون ملهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان جي مخالفت به نه ٿيڻ گهرجي۔ جيڪڏهن ڪو هن ڏينهن کي عيد جو ڏينهن سڏي ٿو کيس ڪا جهل پل ناهي، جيڪڏهن ڪو ان ڏڻ ۾ شامل نه ٿو ٿئي ته ان کي به ڪا جهل پل ناهي۔ هن ڏينهن تي مختلف ماڻهن جا مختلف خيال آهن، مختلف سوچون آهن ۔۔۔ ڪي ڪمائي لاء سوچين ٿا ته ڪي ايڪي ۽ اتحاد لاء ۔۔۔۔ هڪ ٻي به ڳالهه ته اهو چوڻ ته هن ڏينهن سبب ٻيا ڏينهن ثقافت کان رهجي ويندا ۔۔ ايئن به ناهي۔