ڇا هي اهي ساڳيا مسلمان آهن؟!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2013۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڪنهن فارين ڪنٽري ۾ وڃي ڪمائڻ ۽ سٺي نوڪري حاصل ڪرڻ يا مستقبل سوارڻ لا وڃڻ جو مسئلو ڪو نه آهي، يا ڪنهن پُر فضا علائقي ۾ وڃي گرمين يا سردين جون موڪلون گذارڻ جي ڳالھ به نه آهي، يا ڪنهن خوبصورت حسينه لا گهر ٻار وطن ڇڏڻ جي به ڳالھ نه آهي، جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالھ هجي ته به مسئلو سمجھ ۾ اچي سگهي ٿو۔
    پر هي دلين ۾ ڀڙڪندڙ خواهش، هي نئين دنيا کان ٿرڊ ورلڊ طرف هجرت ڪندڙ چهرا، بي ايم ڊبليو ۽ رولس رائيس جهڙين لگزري ڪارين تي سجيل جسم جيڪي اڄ سخت ترين پهاڙن تي پيرين اگهاڙا گهمي رهيا آهن، هي ريپ آرٽسٽ، هي فنڪار، هي اداڪار، هي مغربي تهذيب ۾ رڱيل چهرا، ميوزڪ ڪلبن ۾ رقص ڪندڙ جسم، پنهنجي ملڪن ۾ سليبريٽيز ۽ عُقابن ۽ اعلا نسل جي گهوڙن سان شڪار ڪندڙ عرب شهزادا به جيڪڏهن انهن خطن طرف هجرت ڪري اچن جتي موت رقص ڪري رهيو آهي، جنهن طرف وڃڻ کان اڳ ئي انسان ڪفن تيار ڪري ڇڏي ته هاڻي واپسي ناممڪن آهي، ته پو هي ڇا آهي؟!!!
    ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ ڪو مسلمان ٻار پيدا ٿيڻ ڪو حيران ڪن نه آهي، جيترو ڪفر ۽ فسق ۾ ٻڏل ڪنهن انسان جو اڄ جي دور ۾ ايمان جي راھ جو راهي ٿيڻ، اها ئي ته نشاني آهي!! اهو ئي ته اهو ايمان آهي جيڪو ايمان کي اڃان به پختو ۽ مضبوط ڪندو آهي، اهي ئي ته عقل کي حيران ڪندڙ واقعا آهن!! انهن کي ئي ته ڪرامتون چئبو آهي!!!
    سورت الاحزاب
    22. ۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون ته ھي اُھو انجام آھي جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو، ۽ اِنھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪارو وڌايو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو