تمام تعريفون انهيء ذات جون جنهن هن خوبصورت ڪائنات کي پنهنجي قدرت سان خوبصورت انداز ۾ تمام سهڻو تخليق ڪيو۔۽ انسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء بي شمار نعمتون پيدا ڪيون آهن۔جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي اهو اوترو گهٽ آ۔الله جي پيدا ڪيل انهن نعمتن مان موسم به هڪ وڏي نعمت آهي۔ موسم ڇا آهي، موسم الله جي اهانعمت آهي جيڪا اسان جي چوڌاري هر وقت هر حال هر دور ۾ رهي ٿي، جيڪا اسان جي زندگي جو هڪ اهم ۽ خاص حصو آهي، جنهن جو اثر انسان جي رنگ مذاج ۽ صحت تي پڻ ٿئي ٿو۔ موسم جي تبديلي سان ئي دنيا جو وهنوار ۽ نظام هلي پيو ۽ ان جي مڪمل حڪمت ته رب جي ذات ئي ڄاڻي ٿي جنهن کان دنيا جو ڪو به علم لڪل نه آهي۔۔۔۔۔۔۔ موسم هر علائقي جي حسان سان الڳ الڳ اثر رکي ٿي، دنيا ۾ سال جون چار موسمون ڳڻيون وڃن ٿيون جنهن ۾ سيارو، اونهارو، سرء ۽ بهار شامل آهي۔موسم بهارـــــــــهڪ رُت، جيڪا سياري کان پوءِ اچي ٿيموسمن۾ سڀ کان پسنديده موسم، موسم بهار آهي، موسم بهار اچڻ سان ماڻهن جي چهرنتي پڻ موسم بهار نظر اچڻ لڳي ٿي۔ موسم بهار جو اثر نه صرف ماڻهن تي پر ٻوٽنتي وڻن تي جانورن، ۽ پکين تي پڻ ٿئي ٿو۔ اونهاروـــــــــ گرميءَ جي مُند، آرهڙ. شمسي سال جي حساب سان اپريل جو اڌ، مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جو اڌ، اونهاري جا مهينا ليکيا ويندا آهن. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ اسان جو ٻين موسمن کان وڌيڪ ٽائيماونهاري جي موسم ۾ گذري ٿو۔ اونهارو سال جي مڙني موسمن کان وڏي موسم آهي، ۽هن موسم ۾ گرمي تمام گهڻي ٿئي ٿي، ۽ سال جو وڏي مان وڏو ڏينهن به هن موسم ۾ 21 جونجو ٿئي ٿو۔۔۔۔سرءُــــــــ هن موسم ۾ تمام وڻن جا پن ڇڻي ويندا آهن ۽ وري نوان پن ڦٽندا آهن، ۽ ڄڻ ته وڻ پنهنجو ويس تبديل ڪندا ۔۔۔ سياروــــــــ سيارو اسان جي ملڪ جي هڪ بهترين موسم آهي، هن موسم ۾ گرم ڪپڙا استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ خشڪ ميوو پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو تفصيل پڻ هيٺ ڏنو ويو آهي۔ اڄلڪهه اسان جي ملڪ ۾ سياري جي موسم جي شروعات آهي۔ مگر خبر نه آهي ته سيارو پنهنجو جوڀن ڏيکاري نه ٿو۔ سياري جي مسوم جي حساب سان ڪجهه روز جي روٽين ۾ پڻ فرق اچڻ شروع ٿيندو آهي، ۽ اسان جي هار سينگار ۾ پڻ فرق ايندو آهي۔ جنهن لاء ڪجهه تدابير هت ڏجن ٿيون۔ برسات، وسڪاري، ۽ مينهن جي موسم. وسڪاري کي سنڌ ۾ گهڻو ڪري ’-برسات-‘ يا ’مينهن‘ چوندا آهن. -برسات- فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وسڪارو“، خود -برسات- لفظ جو مفهوم به ساڳيو آهي. -ٻاڦ- يا بخارَ، ٿڌ لڳڻ سان ڦڙن جي صورت وٺندا آهن ۽ گهڻيءَ ٿڌ لڳڻ سان ڦڙن جي صورت وٺندا آهن ۽ گهڻيءَ ٿڌ ۾ ڦڙا ڳرا ٿي هيٺ زمين تي ڪرڻ شروع ٿيندا آهن. ڦڙن جي وسڻ يا وسڪاري کي -برسات- چئبو آهي. ’-برسات-‘ گهڻو ڪري شهري ماڻهو چوندا آهن، باقي ٻهراڙيءَ جا رهاڪو ”مِينهن“ يا ’وسڪارو‘ چوندا آهن. -ٻاڦ- جا ڪڪر گهڻيءَ ٿڌ سبب پاڻيءَ جي ڦڙن ۾ تبديل ٿيندا آهن ۽ جيئن ته اهي هوا کان ڳرا ٿيندا آهن، تنهن ڪري وسي پوندا آهن. -برسات- جي -تاريخ- ڪروڙين سالن تائين ڦهليل آهي. قدرت جا قانون نرالا آهن. ڪٿي -بارش- بي انداز پوي، ته ڪٿي مينهن جي بوند لاءِ ماڻهو پيا سڪن. پوک جي لاءِ ته -برسات- جي اهميت کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. دنيا جا ڪيترا علائقا -برسات- سبب زرعي لحاظ کان خوش قسمت سمجهيا وڃن ٿا ۽ ڪي اهڙا به آهن، جيڪي رڳو انهيءَ ڪري غيرآباد آهن، جو اهي -برسات- کان محروم آهن. سنڌ به -برسات- جي لحاظ کان قدري اهم علائقو سمجهيو وڃي ٿو. -برسات- جو مدار هوا جي رخ (هوا جي وهڪري)، هوا جي تپش ۽ پاڻيٺ يا گهِمَ واري هوا تي آهي. سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾، چؤماسي جي مند ۾، هوا ڏکڻ اولهه کان لڳندي، پر -برسات- اوڀر- ڏکڻ کان ايندي. چؤماسي ۾ ئي سنڌ ۾ بعضي سَر اُتر کان مينهن جهڪ ۽ طوفان سان ايندو آهي. ساڳيءَ مند ۾ بعضي سر اولهه يا ڏکڻ اولهه کان به مينهن ايندو آهي. انهيءَ مينهن جي لاءِ چوندا ته ”ڏکڻ وسي نه، پر جي وسي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري“ . سنڌ ۾ اتفاق سان پنجين ستين سال زور واريون برساتون پونديون آهن ۽ ملڪ کي -ٻوڙي- ڇڏينديون آهن. جيئن ته: سال 1929ع واري چؤماسي جي برساتن سڄيءَ سنڌ ۾ اهڙي تباهي آڻي ڇڏي هئي، جيڪا ماڻهن کان اڃا تائين وسري نه آهي. انهيءَ ۾ لاڳيتو 14- 15 ڏينهن -برسات- پوڻ جي ڪري سڀڪجهه تباهه ٿي ويو هو. ماڻهو مرڻ لڳا، جانور مري ويا، فصل ٻڏي ويا، ماڻهن مٿانهن علائقن ۾ وڃي جان بچائي هئي. انهيءَ -برسات- جي تباهيءَ بابت ڪن سگهڙن تاريخي -بيت- به چيا هئا. سال 1955ع واريءَ -برسات- به سڄيءَ سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي، جنهن ۾ درياءُ، ڍنڍون ڍورا سڀ پاڻيءَ سان -تار- ٿي ويا هئا. درياءُ جي بندن ڀڄڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو هو، جن ۾ هالا، ڪراچي، ڪوٽڙي، ميرپور، ماتلي، ۽ ڪيترا شهر شامل هئا. درياءُ ۾ گهاري پوڻ سبب چؤپايو مال ۽ جهنگلي جانور مرڻ لڳا، وڻج واپار سڀ -بند- ٿي ويو. سال 1999ع واري -برسات-، جيڪا ڄڻ ته قدرتي آفت، طوفان جي صورت ۾ نازل ٿي هئي. هيءُ طوفان 24 ڪلاڪ هليو، جيڪو سامونڊي حصن تي اثرانداز ٿيو. حيدرآباد، -ٺٽي- ۽ -ٿر- جا علائقا هن طوفان کان متاثر ٿيا. ڇهن ستن مهينن گذرڻ بعد به طوفان وارن علائقن مان مئل ماڻهن جا لاش هٿ اچي رهيا هئا. -برسات- اونهاري جي مند ۾ ايندي آهي، -برسات- مان پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا به خوش ٿين ٿا. برساتي پاڻي تمام فائديمند ٿئي ٿو، جنهن سان موسمي گرمي ختم ٿيو وڃي ۽ بيماريءَ جو پڻ خاتمو اچيو وڃي. غيرآباد زمينون آباديءَ لائق بڻجيو وڃن ۽ بيٺل فصلن کي اَوسر ۽ واڌ مليو وڃي. -برسات- خشڪ ۽ وارياسن علائقن لاءِ ته سچ پچ قدرت جي رحمت ثابت ٿي ٿئي، جهڙوڪ -ٿر- ۽ ڪوهستان جو علائقو. ليڪن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ۽ لڳاتار -برسات- زحمت ۽ آفت به بڻجيو وڃي، جنهن سان وڻ ٽڻ، فصل ۽ پوکون تباهه ٿيو وڃن. سالياني -برسات- جُدا جدا هنڌن تي گهٽ وڌ ٿيندي آهي. خشڪ وارياسن هنڌن تي سالياني ٻه -انچ- ته پهاڙي علائقن ۽ سامونڊي ڪنارن تي سالياني پنجن انچن تائين وسندي آهي. -برسات- فطرت جي حُسن ۽ جمال جي نمائنده آهي، -برسات- زمين تي نباتات کان وٺي جمادات تائين نشونما ۽ تعمير ۾ حصو وٺي ٿي. قديم زماني کان وٺي اڄ تائين دنيا -برسات- جي محتاج نظر اچي ٿي. درياءَ، چشما، ڍنڍون، ٻنيون ۽ آباديون سڀ -برسات- جون محتاج آهن سياري ۾ پنهنجي جسم جي حفاظت ڪريو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حڪيم ممتاز علي ملاحچمڙي انساني جسم جو سڀ کان اهم ۽ ظاهري عضوو آهي، وزن جي اعتبار کانهيءَ چمڙي سورهون حصو جسم جو آهي. جسم ان جو هڪ اهم ۽ ضروري ڪم هي آهي ته جسم کي ٻاهرين اثرن يعني سخت اُس، گرمي، سخت سيءَ يا مختلف قسم جي جراثيمنکان محفوظ رکندي آهي. گرمي جي موسم ۾ زياده پگهر انساني جسم جي درجا حرارتکي معتدل رکندو آهي، جڏهن ته سردي جي موسم ۾ موجود رت جون ناليون سڪڙجيوينديون آهن، جنهن جي ڪري پگهر اچڻ بند ٿي ويندو آهي. انسان جي چمڙي ۾موجود چرٻي جسم کي سياري جي مضر اثرن کان محفوظ رکي ٿي اتي اسان کي مخصوص موسمن ۾ مختلف قسم جون بيماريون به لڳي سگهن ٿيون. هاڻي سياري جي شروعات آهي ان ڪري ان موسم ۾ چمڙيءَ جون بيماريون نه صرف گهڻيون ٿينديون آهن، بلڪه انهن جي شدت ۽ تڪليف ۾ به اضافوٿيندو آهي. سياري جي موسم ۾ ڪجهه چمڙي جون بيماريون پنهنجي حساب سان گهڻي شدت اختيار ڪري وينديون آهن، انهن بيمارين جي لاءِ معلومات ضروري آهي ته جيئن اسين پاڻکي انهن بيمارين کان بچائي سگهون ۽ چمڙي کي صحتمند رکڻ ۽ تازو خوبصورت رکي سگهون، ڇاڪاڻ جو انسان جي خوبصورتي ۽ حسن ۽ بيهڪ جو دارومدار صاف ۽ سٺي چمڙي تي آهي، جنهن لاءِ سڀ کان ضروري چمڙي جي صفائي ۽ پاڪائي آهي، چمڙي جي سطح ۽ مسامن (سوراخ) کي کليل رکڻ لاءِ ٿوري به غفلت ٿي ته چمڙي رنگ تي جلدفرق پوندو، ان ڪري 24 ڪلاڪن ۾ هڪ دفعو موسم سيارو هجي ته گرم پاڻي سان گرمي۾ ٿڌي پاڻي سان وهنجڻ تمام ضروري آهي، ڪنهن به کاڌي پيتي ۾ بد پرهيزي ٿيپوي ته ان جو منفي اثر چمڙي ۽ چمڙي جي داڻن ڦروڙين ۽ نشانن جي صورت لازمي نڪري ٿو، ڪن ماڻهن کي خارش پڻ ٿيندي آهي، جيڪا لڳندڙ بيماري آهي ان ڪري گهر۾ ڪنهن هڪ به ماڻهو کي چمڙي جي ڪا پيچيده بيماري خارش ڏڍ چنبل وغيره هجيته لازم آهي ته صابڻ ٽوال ۽ ٿانون وغيره جو احتياط ضرور ڪجي. چنبل: چنبل چمڙي جي بيماري جو هڪ خاص قسم آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن،رٻڙ، پلاسٽڪ، ڌاتون، خصوصن مختلف قسم جا ڪپڙا ۽ ٿانون ڌوئڻ وارا پائوڊرميپ اپ وارن کي رنگڻ وارا ڪيميڪل، عطر، مختلف قسم جا جوتا، دستا نه سيمينٽوغيره هزارين اهڙيون شيون آهن، جنهن مان چنبل جي بيماري ٿي سگهي ٿي. طبي زبان ۾ هن مرض کي چنبل جو نالو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اردو ۾ اپرسصدفه ۽ انگريزي ۾ سورائيس چئبو آهي، ان ڪري هڪ انگريزي اصطلاح ۾ ايڪزيما به چئبو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه تمام گهڻو نالو ورتو ويندو آهي، هي مورثي سبب ڪريبه هي بيماري ٿيندي آهي، ان بيماري جون اهم نشانيون خارش ۽ خشڪي متاثر جڳه هجي رنگت جو گهرو ٿيڻ، چمڙي جو سخت ٿيڻ، سياري جي موسم ۾ موسم خشڪ جي سبب چمڙي زياده خشڪ ۽ کهرو ٿي ويندي آهي، جيئن چمڙي خشڪ ٿيندي، چنبل جي مرض جي حملي ڪرڻ جا امڪانات وڌي ويندا آهن ۽ خارش ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، جڏهن هي مرض ٻارن تي ٿيندو آهي ته نه صرف اهي بلڪ والدين به سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ ٻارن جي ننڊ خراب ٿيندي آهي ۽ اهي سڄي رات کنندا رهندا آهن،جيڪڏهن مناسب علاج نه ڪيو ويو ته حالت مرض وڌي سگهي ٿو. احتياطي تدبيرون چمڙي کي نرم ۽ خوبصورت رکڻ ضروري آهي، ويسلين ڏينهن ۾ 2 دفعا لڳائڻ گهرجي،ويسلين کان سواءِ ڄانڀي جو تيل گليسيرين ۽ عرق گلاب کي هم وزن ملائي لڳائي سگهجي ٿو، نيم گرم پاڻي سان وهنجڻ به مفيد آهي، وهنجڻ کان پوءِ فورن پسيل چمڙي ۽ جسم تي تيل جو استعمال به بهتر آهي. چنبل جي مريض کي هميشه سوٽي ڪپڙا پائڻ گهرجن. چنبل جي مريض ۾ ڪڏهن به اهڙو صابڻ استعمال نه ڪجي جو چمڙيکي وڌيڪ خشڪ ڪري ۽ اهڙي صابڻ جيڪي اينٽي بيڪٽريا هجن جيڪي جراثيمن کي ختمڪن ٿا قطعي طور استعمال نه ڪرڻ گهرجن، ڇو ته ان جي استعمال سان مزيد مرض ۾اضافو ٿيڻ جو ڪافي امڪان ٿئي ٿو. اسان وٽ اڪثر چمڙي جي بيمارين ۾ جراثيم ختم ڪرڻ وارا صابڻ گهڻا استعمال ڪيا ويندا آهن، هنن جو استعمال صرف چمڙي جي ڊاڪٽر يا حڪيم جي مستند مشوري سان ڪرڻ گهرجي، اهي صابڻ جن ۾ سڻڀ، چڪنائي آهي اهي بهتر آهن ڪمري ۾ هيٽرلڳل نه هجي ۽ هن مرض کي ذهن تي سوار هرگز نه ڪجي ۽ کنڻ نه گهرجي ان سانچنبل جي مرض ۾ اضافو ٿئي ٿو.کڙين جو ڦاٽڻ: هيءَ به وڏو عام مسئلو آهي، سياري ۾ پيرن جي چمڙي انتهائي کهوري ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري کڙين ۾ زخم ٿي پوندا آهن ۽ هلڻڦرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي ۽ سخت تڪليف ٿيندي آهي، حفاظتي طريقا، جوتا نرم پائجن ۽ اونچي کڙي وارو استعمال نه ڪرڻ گهرجي. ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 دفعاپيرن کي نيم گرم پاڻي ۾ 5 منٽ تائين پسائجي، پسيل چمڙي تي ليڪوڊ پيرافين ۽وائٽ پٽ جيلي برابر وزن ۾ ملائي لڳائجي جيستائين کڙيون صحيح نه ٿين ڪپهه جوٻوڙو متاثر جڳهه تي رکي ڪري جوراب استعمال ڪرڻ گهرجن. هن نسخي جي استعمال سان انشاءَ الله مرض کان شفا ملندي. هوالشافي، رسوت 3 گرام، چاڪسو 3 گرام،نرکچور 3 گرام، ڪٿهو اڇو 3 گرام، سڀني شين کي ڏڏر ڪري صبح جو هڪ گلاس پاڻي ۾چوس ڏئي بعد ۾ ڇاڻي ٺاري نيراني پئجي، حب رسوت هڪ گولي صبح شام ماني بعدکائجي، شربت عشبه خاص 2 چمچا صبح، شام يا شربت مصفي خون ٻنهي مان جيڪو شربت ملي سگهي استعمال ڪجي سياري جي موسم ۾ ميڪ اپ ڪهڙو ڪجي۔۔۔۔۔۔ردا سومروموسم جي حساب سان ميڪ اپ ڪرڻ توهان جيچمڙيءَ جي لاءِ ضروري آهي، ڪجهه خاص موسمن ۾ توهان جي چمڙي متاثر ٿي سگهيٿي. سياري جي موسم به ڪجهه اهڙي آهي، جنهن ۾ ٿڌي هوا لڳي ٿي.چپن جي حفاظتسياري جي موسم ۾ سخت ٿڌ ۾ گهڻو ڪري چپ وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، چپن کي سياريجي مند ۾ نقصان کان بچڻ لاءِ موئسچرائيزر جو استعمال وڌيڪ ڪريو. ڏينهن جوتوهان لپ گلوس به استعمال ڪري سگهو ٿا، جڏهن ته چپ اسٽڪ چپن کي ڦاٽڻ کانبچائي سگهي ٿي. واٽر بيسڊ لپ گلوس هن موسم ۾ سٺي چونڊ ثابت ٿئي ٿي.چمڙيءَ جي سار سنڀالسياري ۾ چمڙيءَ جي حفاظت کان ڪڏهن به غافل نه رهو، ڇو ته جيستائين توهانجي چمڙي تازي ۽ صحت مند ناهي ته ان تي ميڪ اپ به سٺو نه لڳندو. ان لاءِڪلينزنگ لازمي اهي ۽ موئسچرائيزر جو استعمال سڄو سال جاري رکو. ان سانتوهان جي چمڙي خشڪيءَ کان محفوظ رهندي.درست شيڊزسياري جي مند ۾ ميڪ اپ جو درست شيڊ چونڊيو، ان لاءِ اهو بهتر آهي تهتوهان نيوٽرل شيڊز استعمال ڪريو. مثال طور هلڪو برائون، گري، گلابي ۽ پرپل. آهي شيڊز استعمال ڪرڻ وقت اهو خيال رکو ته انهن جو آءِ شيڊ ۽ لپ اسٽڪ تياثر ته نه ٿو پوي.فائونڊيشنسياري جي موسم ۾ هلڪو فائونڊيشن صحيح آهي، ان سان خشڪي به نه ٿيندي سياري جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ خشڪ ميوابادام: هڪ ميويدار وڻ ۽ -ان- جو ڦَرُ. هيءُ وڻ آلوبخاري يا آڙوءَ جي قسم جو آهي. هيءُ وڻ خوبصورت ۽ آرائشي ٿيندو آهي. -بادام- مٺا به ٿين ته ڪڙا به ٿين. مٺي -بادام- جو ٻُور پيازي يا گلابي ۽ ڪڙي -بادام- جي ٻور جو رنگ اڇو ٿئي ٿو. ٻنهي وڻن جي بادامن مان روغن نڪرندو آهي. ڪڙي -بادام- جي روغن مان هڪ قسم جو -تيزاب- ۽ زهر ٺهندو آهي. مٺي -بادام- مان حاصل ٿيندڙ -تيل- دماغ لاءِ فائديمند آهي. -ان- -تيل- مان ٻيا به انيڪ فائدا حاصل ڪيا وڃن ٿا. مٺاين ۾ بادامن جا گورا استعمال ٿيندا آهن. -بادام- ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، جن مان ڪاغذي -بادام- بهترين قسم جا آهن. انهن بادامن جي کل نرم ٿيندي آهي، تنهنڪري هٿ سان ئي ڀڄي پوندا آهن. ڪوئيٽا -بلوچستان- ۾ بادامن جو فصل ڪثرت سان لهندو آهي. -بادام- کي ’مغز جو -بادشاهه-‘ چيو ويندو آهي. -ان- ۾ اعليٰ درجي جي غذائيت وڏي مقدار ۾ هوندي آهي. -ان- ۾ اُهي سمورا جزا ٿين ٿا، جن جي انساني بدن کي ضرورت هوندي آهي. هي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج به آهي. ڪَڙو -بادام- ڪڏهن به خوراڪ طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڇوته -ان- ۾ هڪ خطرناڪ زهر پروسڪ ائسڊ ٿئي ٿو. ڪَڙن بادامن جو واپار ڪيو ويندو آهي، جن مان -بادام- روغن ۽ خوشبودار ڪاسميٽڪس تيار ڪيون وينديون آهن. -بادام- جو اصل وطن مراڪش آهي. -ان- جو وڻ قديم زماني کان پوکيو ويندو آهي. روم وارا -ان- کي ”گريٽ نٽ“ چوندا آهن. -بائبل- جي دور ۾ هي شام ۽ فلسطين ۾ اپايو ويندو هو. هاڻي هي اڪثر ملڪن ۾ پوکيو ويندو آهي. -ان- ۾ وڌيڪ پيداوار وارا -بادام- مراڪش، -اٽلي-، فرانس، پرتگال، ڪئليفورنيا ۽ -آسٽريليا- ۾ ٿيندا آهن. هي ڏکڻ آفريڪا ۽ -ايشيا- جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوکيو ويندو آهي. ننڍي کنڊ ۾ هي ڪشمير، اترين علائقن، هماچل پرديش ۽ -تبت- جي علائقن تائين محدود آهي. ٻجن ۽ مغزن ۾ -بادام- هڪ بهترين غذا آهي. -بادام- کائڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته -ان- جي ڳڙين کي ڪجهه دير پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکڻ کان پوءِ سٺيءَ طرح پيهي، سنهو ڪري، پيسٽ ٺاهي وڃي. -ان- پيسٽ کي -بادام- جو مکڻ چيو ويندو آهي. هي آسانيءَ سان هضم ۽ بدن ۾ جذب ٿي ويندو آهي. سبزي خور ماڻهو -ان- کي ڊيري جي مکڻ تي ترجيح ڏيندا آهن، هيءُ مکڻ اُنهن پوڙهن ماڻهن لاءِ خاص اهميت رکندو آهي، جيڪي ڏند نه هجڻ سبب گوشت کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ناهن ڪري سگهندا. -بادام- جو مکڻ کائڻ سان اهي نه صرف اعليٰ معيار جي پروٽين حاصل ڪري وٺندا آهن، پر ٻيون اعليٰ خوراڪون به انهن کي ملي وينديون آهن. هڪ سؤ گرام -بادام- جي مغز ۾ 5.2 سيڪڙو رطوبت، 20.8 سيڪڙو پروٽين، 58.9 سيڪڙو سڻڀ، 2.9 سيڪڙو معدني جزا، 1.7 سيڪڙو ريشا ۽ 10.5 سيڪڙو ڪاربوهائيڊريٽس موجود هوندا آهن، -ان- جي معدني ۽ حياتي جزن ۾ 230 ملي گرام ڪئلشيم، 490 ملي گرام فاسفورس، 4.5 ملي گرام آئرن، 4.4 ملي گرام ناياسين ۽ ڪجهه مقدار ۾ وٽئمن بي ڪمپليڪس شامل هوندو آهي. هڪ گرام جي غذائي صلاحيت 665 ڪيلريز آهي. بادام جي سڀ کان بهتر غذائي صورت -بادام- جو کير آهي، جيڪو وڏي آسانيءَ سان -بادام- جي ڳڙيءَ کي پيهي ڪري ٺاهيو ويندو آهي. پيهڻ کان پهرين -بادام- کي ڀڄائي -ان- جي گهري رنگ جو ٻاهريون تهه لاٿو ويندو آهي. پيهڻ وقت -ان- ۾ اُٻريل -ٿڌو- پاڻي شامل ڪيو ويندو آهي. -ٿوري- کنڊ ملائڻ سان اهو خوش ذائقه ۽ غذائيت بخش مشروب بڻجي ويندو آهي. 250 گرام مغز بادامن مان هڪ ڪلو گرام کير ٺاهي سگهجي ٿو. -بادام- جي کير مان عام کير وانگر ڏهي به ٺاهي سگهجي ٿي. بادامين جو کير وٽئمنز سان مالا مال هوندو آهي، -ان- ۾ عام حيواني کير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوبيون هونديون آهن. هي ڳئون جي کير کان به وڌيڪ هضم ٿيندڙ آهي ۽ انهن ننڍڙن ٻارن لاءِ فائديمند آهي. جن کي ڳئون جو کير پسند ناهي هوندو. -بادام- جي سڻڀ ۾ وڌيڪ روغن ناهي هوندو، -ان- لاءِ هن کي هڪ مفيد سڻڀ قرار ڏنو ويندو آهي. هڪ سئو گرام مغز -بادام- ۾ 11 گرام لائينوليڪ ائسڊ هوندو آهي. اهو -تيزاب- ڪولسٽرول جي سطح گهٽ ڪرڻ ۾ ڏاڍو مؤثر آهي. شفا ۽ طبي استعمال: بادامن جي طبي خوبين جو دارومدار بنيادي طور تي ڪاپر آئرن، فاسفورس ۽ وٽئمن بي جي طبي ڪردار تي هوندو آهي. -ان- سان دماغ، هڏين، حواس، دل ۽ جيري جي ڪارڪردگي بهتر ٿي ويندي آهي، -بادام- دماغي قوت برقرار رکڻ، حواسن کي مضبوط بنائڻ ۽ ڊگهي عمر جا امڪان وڌائڻ لاءِ زبردست خوراڪ آهي. آير ويدڪ ۽ يوناني دوائن ۾ ٺهندڙ سموريون معجونون -ان- کان سواءِ ناهن ٺاهيون وينديون. کير جي ڪريم ۽ گلاب جي پنکڙين سان -بادام- جي پيسٽ روزانو چهري تي لڳائڻ هڪ زبردست بيوٽي ايڊ آهي، هيءَ چهري کي صاف نرم ۽ پرڪشش بڻائيندي آهي. -ان- جو باقاعدي استعمال وقت کان اڳي پيدا ٿيندڙ گُهنجن/ جَهرين کي روڪيندو آهي ۽ چهري جي خشڪي ختم ڪري -ان- کي تازو توانو رکندو آهي. اينميا: طبيبن جي چوڻ موجب -بادام- ۾ نامياتي شڪل ۾ ڪاپر موجود هوندو آهي. -ان- جو مقدار، هڪ سؤ گرام ۾ 15 . 10 ملي گرام آهي، ڪاپر، ٽامون، آئرن، وٽئمنز سان گڏ ملي ڪري رت جي اڇن جُزن جي جوڙجڪ واري ڪيميائي عمل جي ترتيب ڏيندو آهي. هي رت جي کوٽ جي بيمارين لاءِ بهتر غذا آهي.طلب ۾ هي ڪمائتو ميوو آهي. اُکڙوٽ/ اخروٽ: هڪ قسم جو وڻ جيڪو جابلو ايراضيءَ ۾ سمنڊ جيسطح کان گهٽ ۾ گهٽ چار پنج هزار فوٽن جي اُوچائيءَ تي ٿيندو آهي. هن جو ڦرسُڪل ميوي ۾ شمار ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ مري، پاراچنار، سوات ۽ آزاد ڪشمير ۾جام ٿيندو آهي. هن جو مغز کائبو آهي، ۽ مٺاين ۾ استعمال ٿيندو آهي. مارچ ۾ٻُور ڪري ٿو. جولاءِ جي آخر ۾ ميوو پچندو اٿس. ڪن حڪيمن جو خيال آهي ته هنجو اندريون مغز، دل ۽ دماغ کي قوت ڏيندڙ، بدن کي-ٿلهو- ڪندڙ ۽ معدي جا ڪينئان ماريندڙ آهي. هن جو-تيل- سنڌن جي سور ۽ عضون جي سوڄ ٽارڻ لاءِ مفيد آهي. اکڙوٽ وڻ مان عمارتي ڪاٺملندو آهي، جنهن مان تمام سٺو ۽ مضبوط فرنيچر ٺهندو آهي. اکڙوٽ جو وڻ 65فوٽ کن اوچو ٿيندو آهي. هن وڻ جي ڇوڏي کي سنڌ ۾ ”مساڳ“ چوندا آهن، جيڪو ڏندصاف ڪرڻ ۾ ڪم ايندو آهي. اکڙوٽ جو-تيل- جابلو ماڻهو رڌ پچاءُ ۾ به ڪم آڻيندا آهن. اکڙوٽ جا ٻه قسم آهن: ڪاغذي اکڙوٽ ۽ ڪاٺي اکڙوٽ. بوهي مڱ/ -بوهي- چڻا (Ground Nut/ Arachais hypogaea ):51 سيڪڙو -تيل- ملي ٿو. -بوهي مڱ- اسان جي صوبي جو هڪ اهم فصل آهي. هيءُ فصل مکيءَ ڍنڍ وارين ايراضين ۾ پوکيو وڃي ٿو، ڇو جو اتان جي زمين وارياسي آهي. وارياسي زمين جنهن ۾ وونئڻ وغيره نه ٿا ٿين، اتي هيءُ فصل ڏاڍو ڪامياب آهي. هيءُ فصل سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي وارياسن علائقن ۾ تمام سٺو ٿيندو آهي. هن فصل تي خرچ ۽ محنت گهٽ ۽ بچت وڌيڪ ٿئي ٿي. وارياسي زمين تي چار سُڪيءَ جا هر ڏيئي، ڀتر ڀڃي زمين کي سڌو ڪجي ته جيئن زمين ۾ ڦريون چڱيءَ طرح تيار ٿي وڃن. ريج کان پوءِ به هر ڪڍي ٻاٽيون گهمائي، پوکڻ گهرجي. هن فصل جي پوک جو موزون وقت ڏکڻ سنڌ ۾ سيءَ جو مهينو آهي ۽ -اتر- سنڌ ۾ جون جو مهينو آهي. پوکي، ناڙيءَ رستي، 46 سينٽي ميٽرن کان 60 سينٽي ميٽرن تي ڪجي. جي-17 سڌي جنس ۽ جي-15 پکڙڻ واري جنس هن فصل جون مکيه جنسون آهن. عام طرح -بوهي- مڱن جي ڦرين کي ”کاڄا“ يا ”مڱ ڦلي“ به چوندا آهن. -اتر- سنڌ ۾ وري مڱ ڦرين کي ”مُڱيرا“ چوندا آهن. پستا (Pistachio ):-پستا- هڪ قسم جو ميوو آهي، پستن جو اصل وطن شام ۽ فلسطين آهي، پر اَڄڪلهه -آمريڪا- ۽ يورپ جي ملڪن ۽ -ايشيا- جي ڪن ملڪن ۾ -پستا- پوکيا ويندا آهن. پستن جو وڻ 30 فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. گهڻو ڪري سسلي (-اٽلي-)، -اسپين-، ڏکڻ فرانس، -ترڪي-، شام. فلسطين، -ايران-، -افغانستان- ۽ -آمريڪا- ۾ ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ گهڻو ڪري ڪوئيٽا ۽ قلات واري سرد علائقي ۽ -پشاور- ۾ پستن جي پوک ٿئي ٿي. عام طرح سان نر پستن جو -ٻج- پوکبو آهي، جيڪو پوءِ مادي ٻوٽن ۾ پيوند ڪبو آهي، پستن جو وڻ عام طرح پنجن ڇهن سالن کان پوءِ فصل ڏئي ٿو، مگر صحيح فصل ڏهن ٻارهن سالن کان پوءِ ڏيندو آهي. هي ميوو سائي رنگ جو هڪ -ٻج- آهي، جنهن تي آسماني ۽ ڳاڙهسرا ليڪا ٿين ٿا. -ان- جا داڻا چپٿرا ۽ گول هوندا آهن. حڪيمن موجب -پستا- طبي لحاظ کان جگر، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ آهن. رت کي وڌائين ٿا. خفقان ۽ کنگهه کي فائدو ڪن ٿا. وات کي خوشبودار ڪن ٿا. ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪن ٿا ۽ ذهن کي وڌائين ٿا. پنهنجي شهر جو موسم ( گرمي درجو ) معلوم ڪريو نوٽ سونهاري سنڌ جي هيٺ ڏنل جنهن به شهر جو گرمي جو درجو معلوم ڪرڻو هجي ته ان تي ڪلڪ ڪريو شهرن جا نالاڀٽ شاه۔۔۔ عادلپور ۔۔۔۔ بدين۔۔۔۔باگڙجي۔ ٻانڌي ۔۔ڀان۔ڀريا۔۔۔بوزدار۔۔۔بلڙي۔۔۔چڪ۔۔چمبڙ۔۔۔ڇوڙ۔۔۔۔چوهڙ جمالي۔۔۔۔دادو۔۔۔دڙو۔۔۔دريا خان مري۔۔۔۔دولتپور۔۔۔دوڙ۔۔۔۔ڍورونارو۔۔۔ڊگڙي۔۔۔۔ڏيپلو۔۔۔۔ڏوڪري۔۔۔۔ڳريلو۔۔ڳڙهي خيرو۔۔۔۔ڳڙهي خيرو۔۔۔۔۔ڳڙهي ياسين۔۔۔۔گهارو۔۔۔۔غوثپور۔۔۔۔گهوٽڪي۔۔۔۔هنگورجا۔۔۔۔حيدرآباد۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيڪب آباد۔۔۔۔ڄام شهاب۔۔۔۔جتوئي۔۔۔۔جهول۔۔۔۔جوهي۔۔۔۔ڪڍڻ۔۔۔۔قمبر۔۔۔ڪنڌ ڪوٽ۔۔۔ڪنڊياري۔۔۔۔۔ڪنڊياروڪراچي۔۔۔۔ڪرونڊي۔۔۔ڪيريو۔۔۔۔ڪشمور۔۔۔۔ڪيٽيبندر۔۔۔۔خيرپور ميرس۔۔۔خيرپور ناٿن شاه۔۔۔۔خانپور۔۔۔۔۔۔کپرو۔۔۔۔ڪوٽڙي۔۔۔۔ڪوٽڏيجي۔۔۔۔ڪنري۔۔۔۔لڪي۔۔۔۔لاڙڪاڻو۔۔۔۔مديجي۔۔۔۔مٽياري۔۔۔۔ماتلي۔۔۔ميهڙ۔۔۔۔۔۔۔ميرو خان۔۔۔ميرپور بٺورو۔۔۔۔۔ميرپور خاص۔۔۔۔۔ميرپورماٿيلو۔۔۔۔ميرپور ساڪرو۔۔۔ميرواه گورڇاڻي۔۔۔مٺي۔۔مورو۔۔۔۔نبيصر۔۔۔۔نئوڪوٽ۔۔۔۔نصيرآباد۔۔۔نئونديرو۔۔۔۔نوشهروفيروز۔۔۔۔نوابشاه۔۔۔۔نيو باڊه۔۔۔۔نوري آباد۔۔۔۔پٽ ا يڊن۔۔۔۔۔۔۔پنوعاقل۔۔۔ڦلجي۔۔۔۔پير جو ڳوٺ۔۔۔۔پٿورو۔۔۔۔راڌڻ۔۔۔۔راجو خاناڻي۔۔۔۔راڻيپور۔۔۔۔رتيديرو۔۔۔۔روهڙي۔۔۔۔رستم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڪرنڊ۔۔۔سڪرنڊ۔۔۔۔سامارو۔۔۔۔۔سانگهڙ۔۔۔۔سن۔۔۔۔۔سرهڙي۔۔۔سيوهڻ۔۔۔۔سيٺارجا۔۔۔۔شهداد ڪوٽ۔۔۔شهدادپور۔شاهپور چاڪر۔۔۔۔شڪارپور۔۔۔۔سنجهرو۔۔۔۔سيتا روڊ۔۔۔۔سوڀوديرو۔۔۔۔سجاول۔۔۔۔سکر۔۔۔۔تلهار۔۔۔ٽنڊو آدم۔۔ٽنڊو الهيار۔۔۔ٽنڊو باگو۔۔۔۔ٽنڊو غلام علي۔۔۔۔ٽنڊو ڄام۔۔۔ٽنڊو مٺا خان۔۔۔۔ٽنڊو محمد خان۔۔۔۔تنگواڻي۔۔۔۔ٺارو شاه۔۔۔۔ ٺٽه۔۔۔ٺل۔۔۔۔اوٻاڙو۔۔۔عمر ڪوٽ۔۔۔واره ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سال جون موسمون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔نظم تابش بخاريآيو نومبر ڊسمبر جنوري،آئي سياري جي آ مند وري،هن موسم ۾ ٿا سيءَ پون،ٿا ٻار ٻڍا سڀئي تڙڪن،هاڻ سوئيٽر ڪوٽ نوان وٺبا،ڪن مفلر ساڻ ٻئي ڍڪبا،هاڻي سج جو تڙڪو ڀي وڻندو،۽ صبح جو ٻاهر ٿي پڙهبو،هاڻي ساڳ ڦريون ڀي جام آهن،۽ سايون ڀاڄيون عام آهن،آ ڏينهن ننڍو ۽ رات وڏي،آ رب جي هي سوغات وڏي،اڌ فيبروري اپريل تائين،آبهار اپريل تائين،هن مند جو ٿو انتظار رهي،شل سال سڄو ئي بهار رهي،هي موسم سڀ لئه آ پياري،ٿي گلڙن ۾ ٿئي گلزاري،ٿا گل ڦل موتيا سڀ ٽڙن،ڪيئن پوپٽ ۽ ٿا ڀؤنر ڦرن.هر پورهيت هاري خوش ٿئي،ٿو ان اپائي نان ڏئيڏس مئي ۽ جون جولاءِ آگسٽ،ٿو گرمي ۾ ته ستائي آگسٽ،اچي نيٺ ويو اونهارو آ،۽ گرمين جو وريو وارو آ،وري سنهڙا ڪپڙا پيا وٺڻا،پهراڻ ڀريل ڀي پيا سبڻا،ڪو ڏينهن تتي ۾ ڪين رُلي،ٿو سانجهي کان پوچين ملي،هن موسم ۾ ٿا مينهن وسن،ٿر ڪاڇي جا ٿا پٽ پُسن،۽ ڍنڍون ڍورا ٿا ڀرجن،پو فصل ڀلا ٿا يار پچن،ٿي هر هنڌ ڏس هٻڪار ٿئي،ٿي گهٽي گهٽي گلزار ٿئي،ڏس سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر،هي سَرءُ جي آ موسم دلبر،ٿي ڏينهن جو ٿوري گرمي ٿئي،۽ رات جو وڻندڙ سردي پئي.هي گيت ته تابش ٺاهيو آهه،ڪجهه ٻارن کي سمجهايو آ.
ادي ممتاز جي محنت کي سلام نهايت ئي بهترين موضع خوبصورت نموني ونڊ ڪيو اٿن لاجواب مهرباني خاص ڪري شهرن جي موسم جو احول معلوم ڪرڻ
ادا عرس پريو صاحب شهرن حوالي سان عرض ڪندو هلان ته ڀاء اڃان ڪجهه شهر رهيل آهن جنهن تي پڻ ڪم ڪرڻو آهي۔ انشاءالله اهو به ٿئي ويندو۔