ائين ڀي ڪو وساريندو

ائين ڀي ڪو وساريندو نھ ھئي اھڙي خبر سائين
اسان جي التجا اڌ ۾ ڪري ھلندو سفر سائين..

اسان ڀي ڪي اياڻا ھون نھ سوچون ساٿ ڪنھنجو آ
زندگي وئي گذر ٿي سڀ نھ ئي آ ڪا خبر سائين

اھي ماڻھو تھ پيارا ھن سڪ ۾ جو ستائن ٿا
رکي ياري جو تڙپائن ڏسو محبت اثر سائين

اسان جي جوت جذبو ھي نھ ٿيو خاموش خيالن ۾
وڃي وڌندواڃا اڳتي مليا جي ڏک ڏمر سائين

محبت ھي سفر اھڙو وجدانن ۾ ويرانيون
پڪاري پيار جو آدم ملندو ناھ ثمر سائين

ھن ئي واٽ تي ھلندي کپي ويا ھوت ھنگلاجن
نھ ماٺيڻي محبت ٿي پڪاري پيار پچر سائين
 
Back
Top