سر مارٽيمر ويلر ۽ قلندر

'مختلف موضوع' فورم ۾ آدرش ڪليري طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2013۔

  1. آدرش ڪليري

    آدرش ڪليري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ايمپلائي
    ماڳ:
    سائيٽ ايريا ڪلاچي ، سنڌ
    سر مارٽيمر ويلر (قديم آثارن جو جڳ – مشهور ماهر) هوٽل جي انتظار گاهه ۾ داخل ٿيو. ٿڪل ٿي ڏٺو. چيائين، ”معاف ڪجو. مان اصل هينئر موهن جي دڙي کان حيدرآباد پهتو آهيان.“​
    انتظار گاهه ۾ صحافي، پريس فوٽو گرافر، ريڊيو پاڪستان جانمائيندا، شاگرد ۽ سرڪاري ڪامورا موجود هئا. هڪڙي صحافيءَ سرمارٽيمر ويلر کان پڇيو،”موهن جي دڙي کي ڪڏهن کان ڪلر ڪوري رهيوآهي ؟“​
    سر مارٽيمر ويلر ٺهه پهه وراڻيو، ”اهو سوال سياسي نوعيت جو آهي. مان جواب نه ڏيندس.“​
    موهن جو دڙو سنڌ جي علامت آهي.“ يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگرد سر مارٽيمر کان پڇيو ، ” موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ اوهان ڪهڙا اُپاءَ وٺي رهيا آهيو.“​
    اهو سوال پنهنجي حڪومت کان پڇو،“ سر مارٽيمر سرڪاري ڪامورن ڏانهن ڏسندي وراڻيو.​
    هڪ بندرو ، ٺوڙهو ۽ نهايت بيڊولو شخص، شاگرد ، صحافين ۽ پريس فوٽو گرافرن کي تڪيندو، اڳتي هليو آيو. هن ڀڳل ٽٽل ۽ انگريزن جي ارواح کي عذاب ڏيندڙ انگريزيءَ ۾ سر مارٽيمر سان پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيو ، ” مان فلمن جو مشهور ۽ سڀ کان شاهوڪار پروڊيوسر آهيان.“​
    مون کي افسوس آهي، مسٽر پروڊيوسر،“ سر مارٽيمر وراڻيو، ”اسان حڪومت کي تاڪيد ڪئي آهي ته ڪنهن کي به موهن جي دڙي ۾ فلم جي شوٽنگ ڪرڻ نه ڏين.“​
    اسان کي موهن جي دڙي سان ڪابه دلچسپي نه آهي.“بيڊولي ٺوڙهي ساڳي لهجي ۾ چيو، ” مون کي پنهنجا پيسا حرام ڪرڻا ناهن جو کنڊرن جي فلم ٺاهيان.“​
    ته پوءِ ؟“ سر مارٽيمر ويلر حيرت مان پڇيو.​
    ڪجهه سال اڳ مصر ۾ فرعون جي قديم عبادت گاهن کي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ بنيادن سميت اصلوڪي هنڌان کڻي محفوظ جاءِ تي پهچاپو ويو هو.“ بيڊولي پروڊيو سر چيو، ”اسان کي به بس اهڙو هڪ ڪم ڪرائڻو آهي.“​
    سر مارٽيمر عجب مان پڇيو ، ”تون ڇا کڻائيندين.“​
    هر سال سڀيئي فلم اسٽار ۽ هيرامنڊيءَ جا هيرا ڪشالاڪڍي قلندر شهباز جي ميلي تي سيوهڻ ايندا آهن، اسان جو وقت برباد ڪندا آهن.“ ٺوڙهي ۽ بندري پروڊيو سر چيو، ”اسان فيصلو ڪيو آهي، ته ائين قلندر لعل شهباز جي سموري درگاهه بنيادن سميت پٽائي لاهور کڻي وڃون. ان سلسلي ۾ تون اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندين؟“​
    امر جليل
    ڪتاب ـ جڏهن مان نہ هوندس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امر جليل پنهنجي ڪالمن ۽ جملن ۾ ڪڙو سچ چئي ويندو آهي۔۔۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مونکي سندس جملا دير سان سمجهه ۾ ايندا آهن۔

    بهترين شيئرنگ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. آدرش ڪليري

    آدرش ڪليري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ايمپلائي
    ماڳ:
    سائيٽ ايريا ڪلاچي ، سنڌ
    پسند ڪرڻ لا مهرباني وساڻ صاحب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    حقيقت تي مبني آهي امر جو هي فقرو۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو