مڙس زال کي انگريزي سيکاريندو هو۔ هڪ ڏينهن منجهند جو زال مڙس کي ماني ڏيندي چيئو! هي وٺو توهان جي ڊنر۔ مڙس چيئس تون ته صفا ڄٽ جو ڄٽ رهيئن، هي ڊنر نه پر لنچ آهي۔ منهنجند واري ماني کي لنچ چيئو ويندو آهي۔ زال جواب ڏنس ، ڄٽ هوندي تون، هي رات جي بچيل ماني آهي، انهڪري اها ڊنر آهي ۽ لنچ نه آهي۔
ڳوٺن ۾ رات جي ماني گرم ڪري ڏيڻ اٺ به عام آهي۔ اسان وارو دوست ۽ مشحور ليکڪ حفيظ ڪنڀر چوندو آهي راتوڪي ماني صبح جو گرم ڪري کائڻ جي شان ۽ فضيلت الڳ ئي آهي۔ اڪثر پوڙهيون اها ماني چُلهه ۾ بچيل ٿوري اڱارن تي رکي گرم ڪنديون هُيون۔ ۽ پوءِ جڏهن انهي تي راک يا کار لڳي ويندي هئي ته پنهنجي لوئي سان اُگهي ڏينديون هيون ۽ ماڻهو کائي ويندا هئا۔