سُوهڻي سنڌ جا پيارا سنڌي واسيو اسلام عليڪم

'تعارف' فورم ۾ امان قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2010۔

  1. امان قريشي

    امان قريشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 مارچ 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    سنڌ سلامت جا پيارا دوستو اسلام عليڪم
    هونءَ ته منهنجو نالو امان الله قريشي آهي پر سڄي سنگت امان ڪري سڏيندي آهي۔
    ضلعي دادو سان تعلق رکان ٿو۔ پر هِن وقت ملازمت ڪراچي ۾ هجڻ ڪري ڪراچي ۾ ئي رهائش آهي
    ادا سائين فارغ وقت ۾ سنڌي ادب، اسلامي ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهندو آهيان۔
    دوستو مصروفيتن هجڻ ڪري آچر واري ڏينهن ٽائيم ملندو آهي انٽرنيٽ جو ڦيرو ڀريندو آهيان۔
    منهنجو هر دل عزيز دوست، ڀاءُ محترم سائين عبدالستارچنا مون کي هڪ هفتو اڳ هن سنڌي فورم جي باري ۾ معلومات ڏني ۽ تاڪيد ڪيو هو ته سنڌ سلامت جو ڦيرو پائي ڏسو دوستو ادا عبدالستارچنا منهنجو تمام پرين پيارو ۽ مخلص دوست آهي سائين جن جو چوڻ ڪئين ٿو موٽائي سگهجي؟؟
    بحرحال محترم دوستو ڳالهه ڪبي حق ۽ سچ جي جڏهن مان سنڌ سلامت فورم کي ڏٺو پهرين ته يقين نه پئي آيو ته اسان جي مٺڙي سنڌي ٻولي ۾ اهڙا به ڪي سنڌي ان لائن فورم موجود آهن۔ ادا سائين مونکي تمام گهڻي ڳالهه وڻي منهنجي خوشي جي انتها نه رهي سنڌ سلامت تمام بهترين ۽ معلوماتي فورم آهي۔ مان اُنهن سڀني دوستن کي دلي طور مبارڪون ٿو ڏيان جن جي محنت ۽ ڪاوشن سان هي فورم پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي۔ انشاالله زندگي رهي ته ساٿ نڀائبو۔ الله سائين مٺڙي سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم کي شال سدا آباد رکي۔ وڏي مهرباني

    جئي سنڌو ديش
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سُوهڻي سنڌ جا پيارا سنڌي واسيو اسلام عليڪم

    محترم امان الله قريشي صاحب،
    وعليڪم السلام
    ڀلي ڪري آيا، جي آيا ۔۔۔ سنڌ جون اوطاقون ته هونءَ ئي سهڻيون هونديون آهن، سنڌي سٻاجهڙا آهن ئي اوطاقي مڙس ۽ مهمان نواز ۔۔۔ هي اڱڻ سنڌ دوستن لئه ٺاهيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سگهارو ڪري سگهجي ۽ جديد علمن سان سرشار ڪري سگهجي ۔۔۔

    اوهانکي هي اڱڻ سٺو ۽ معلوماتي لڳو ۽ اوهانکي پسند آيو، اوهانجي راءِ باعث فخر آهي، پر تنهن هوندي به جيڪي هيٺ مٿاهيون آهن اميد ته اوهان جهڙن دوستن جي ساٿ ۾ انهن جي اصلاح ٿيندي رهندي جو اصلاح هڪ مسلسل عمل آهي ۔۔۔

    دوست چنا صاحب، انتهائي دلبر ماڻهون آهي ۽ سندس ساٿ پڻ اسان لئه باعث فخر آهي ۔۔۔ مٿان وري دوست چنا صاحب جو ٿورا جو هو اوهانجهڙن دوستن کي اسانجي ساٿ ۾ وٺي آيو آهي۔۔۔

    اميد ته اسين سنڌ دوست گڏجي هن اڱڻ کي سهڻو ۽ مهمانواز ٺاهيندا رهنداسون ۔۔۔ دوست گڏ ٿين ميلا لڳن، ڪچهريون ٿين، سورن جي پڇاڙ ٿئي ته دلن جا غبار لهن ۔۔۔

    اوهانکي هڪ دفعو وري ڀليڪار ۔۔۔ هن اڱڻ تي اوهانجو هميشه انتظار رهندو

    سدائين جيئي سنڌ ديش

    سنڌ جي خاڪ منجهه مڪي پاڪ
    نثار ابڙو
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سُوهڻي سنڌ جا پيارا سنڌي واسيو اسلام عليڪم

    ادا امان الله قريشي۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي سنگت ۾ ڀليڪار۔۔۔
    دوست بيشڪ هي فورم اسان کي اوهان جهڙن کوڙ سارن محبتي سنڌي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو۔۔۔ ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ، ادب، تهذيب، شخصيت ۽ ماڳن جي باري ۾ هن فورم تي اسان ۽ توهان جهڙا دوست هڪ ٻئي سان معلومات جو تبادلو ۽ بحث مباحثو ڪندا رهون ٿا۔۔۔ هن فورم جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي دنيا ۾ عام ڪرڻ، ڊجيٽل دنيا سان ان جي واڌاري لاءِ عملي طور قدم کڻجن پيا ۔۔۔ انشاءَ الله سوچن کان وڌيڪ هي فورم سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو۔۔۔
     
  4. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: سُوهڻي سنڌ جا پيارا سنڌي واسيو اسلام عليڪم


    مُحب مُنهنجا سُــپرِين آڻـيئي اَللهُ
    تو کي سَــاريو ســاھُ اُڪَـنڊِيو آھُـون ڪَــري. شاھ


    وعليڪم السلام
    محترم سائين امان الله قريشي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ تي لک لک واڌايون ۽ پُرجوش ڀليڪار ادا سائين اوهان سنڌ سلامت فورم لاءِ نيڪ خيالن جو اژظهار ڪيو اوهانجا لک لائق۔ سائين مان اوهان جو اُن لاءِ به ٿورائتو آهيان جو اوهان مون ناچيز و خاڪسار جي عرض کي مان ڏيندي پنهنجي مصروفيتن هوندي به نه صرف هن فورم جو ڦيرو پاتو بلڪه ميمبر پڻ ٿيا۔ ادا امان هن فورم تي سکڻ ۽ سيکارڻ ۽ هڪ ٻئي جي اصلاح جو عمل جاري رهندو آهي۔ اميد ته اوهان به ان عمل ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندا۔ اوهانجا لک لائق
    اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۽ حاضر آهن اوهانجي خدمت ۾ ڪجهه گلن جا تحفه اميد ته قبول پوندا۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. امان قريشي

    امان قريشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 مارچ 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    جواب: سُوهڻي سنڌ جا پيارا سنڌي واسيو اسلام عليڪم

    مانوارا سائين نثار ابڙو صاحب، سائين مست صاحب، ۽ سائين عبدالستارچنا صاحب
    اوهان سڀني سڄڻن جو مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان جو اوهان منهنجو آڌرڀاءُ ۽ ڀليڪار ڪيو
    سدائين آباد وشاد ھجو دعا ۾ شامل رکجو مهرباني

    sadayeen gud
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سُوهڻي سنڌ جا پيارا سنڌي واسيو اسلام عليڪم

    ادا امان اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ اسان سائين عبدالستار جن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اوهان کي پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي جي ويب سائيٽ بابت آگاه ڪيو

    ادا امان اسان کي اوهان جي معلومات ونڊ ڪرڻ جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو