ٻوٽن جو ٽشو ڪلچر ۽ انهن جا طبي جُزا عبدالحفيظ لغاري جُڳن کان جُڙيل هِن جهان تي حضرت انسان سندس آمد کان وٺي پنهنجي بقا جي جدوجهد ۾ ڪيئي اهڙا نوان نوان ڪم ڪيا آهن جِن جي پهريان مُخالفت ٿي پوءِ نيٺ اهو نظريهِ ضرورت تحت مڃڻو پيو ۽ اُهي شيون بنا اعتراض عام جام ٿي ويو. پوءِ اهو کاڌ خوراڪ جي ذريعن جي حاصلات جو طريقو هُجي يا بيمارين کان بچاءٌ لاءِ طِب جي طريقن جي نواڻ. اهو سڀ ٿيندو پئي رهيو ۽ تبديلي سان مُهاڏو اٽڪائڻ جي روش انهن ڪم ڪندڙن جي همت هارڻ ۾ پاڻ هارايو ۽ اڳتي هلي اهو سڀ قبول ڪيو. اهڙي ئي هڪ ڪم جو مثال آهي ٻوٽن جي مصنوعي طريقي سان واڌ ويجهه جنهن کي ٽشو ڪلچر چئبو آهي. اهو ڪم هڪ جرمني جي سائنسدان هيبرلئنڊٽ پاران پهريون ڀيرو ويهين صدي جي شروعات ۾ ڪيو ويو. ٻوٽن جي مصنوعي پيداوار جا هيٺيان مقصد هئا. ·ڪنهن به ٻوٽي جي ساڳي شڪل ۾ پيداوار جنهن ۾ گُل، ڦل ۽ پن ساڳيا ئي هُجن ·وڏو وقت وٺي پيدا ٿيندڙ ٻوٽن جي ٿوري وقت ۾ پيداوار. ·ٻوٽن لاءِ ڪُجهه لوازمات کان بچڻ. مثال طور نَر ڏيڻ وغيره وغيره ·ٻجن ۾ ڪُجهه ردو بدل ڪري وڌيڪ افاديت وارا ٻوٽا پيدا ڪرڻ ·طبي طور اهم ٻوٽن جي جراثيم کان پاڪ پيدوار جيڪا هونئن عام طرح کُلي فضا ۾ ممڪن نه ٿي هُجي. ·ڪُجهه اهڙا ٻوٽا جن جي عام حالتن ۾ پيدوار تمام گهٽ آهي پر مصنوعي طريقي (ٽِشو ڪلچر) سان وڌيڪ پيداوار ٿي سگهي ٿي. ·ٻوٽن جي پيداوار سان گڏ کين اهڙي حالت ۾ رکڻ جو جيستائين انهن جو استعمال ٿئي کين خراب ٿيڻ کان بچائي سگهجي. ·اهڙا ٻوٽا جن جو ٻج انهن جو ڦَل ئي ٿئي ٿو. مثال طور آلو يا ڪمند. اهڙن ٻوٽن جي ڦَل کي اهڙو تيار ڪرڻ جو انهن مان وڌ ۾ وڌ ٻوٽا ڦُٽن. ڪمند جي اڌ فُٽ جي ڳُري مان ٽي يا چار ڏنڊيون نڪرن ٿيون پر ٽشو ڪلچر سان اهي 30 کان 35 نڪريو پون. اهو سڀ ڪاميابي سان ٿيو ۽ نت نوان وڏا چيمبر ٺاهيا ويا جن ۾ ٻوٽن کي اُهي شيون مصنوعي طريقي سان مقرر مقدار ۽ معيار ۾ ڏيئي سگهجن جيڪي کين کُلي فضا ۾ ملن ٿا. مثال طور سج کان ملندڙ روشني ۾ ٻوٽن لاءِ افاديت واري روشني جا ڪرڻا، گهُربل گرمي پد ۽ هوا. ٻوٽن جي ٽشو ڪلچر جو طريقيڪار ڪو ايڏو ڏکيو ناهي. جراثيم کان پاڪ ليمينار (هڪ ننڍي ڪئبن جهڙو) ۾ ننڍڙي برنين ۾ ٻوٽن کي زمين مان ملندڙ خوراڪ (جهڙوڪر سڪروز، اگار ۽ ڪُجهه هارمونز) ڏيئي آٽو ڪليو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ڪو جراثيم باقي نه رهي. پوءِ انهيءَ ۾ ٻج يا وري ٻوٽي جو ڪو به حصو (جيئن پاڻ وٽ ديسي طريقي سان ٻوٽن جو قلم ٿئي) رکجي ٿو. ٻج کان علاوه ٻوٽي جنهن ڪنهن به حصي مان ٻوٽو پيدا ٿي سگهي ٿو. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ڇو ته قدرت ٻوٽن جي جيوگهرڙن ۾ اها طاقت رکي آهي ته هو ٻيهر پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ ساڳي شڪل جو پورو ٻوٽو پيدا ٿي سگهي ٿو. جيئن پاڻ وٽ سنڌڙي انب جي وڻ جو پيدا ٿيڻ عام آهي. ٽشو ڪلچر لاءِ زمين جي متبادل طور ڏنل مادو اڇي جيلي جهڙو ٿئي ٿو. جڏهن ٻوٽو وڌي ويجهي ٿو ته انهيءَ جو پاڙون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهيءَ تناظر ۾ جڏهن طبي ٻوٽن مان طبي ماليڪيول ڪڍي اُهڙا ساڳي ليبارٽري ۾ تيار ڪرڻ وارن سائنسدانن (تفصيل لاءِ هي ليک) جو ڌيان انهيءَ طرف ويو ته هُنن سوچيو ڇو نه اهو ڏِسجي ته عام طرح پيدا ٿيندڙ ٻوٽن ۾ ۽ ٽشو ڪلچر سان پيدا ڪرايل ٻوٽن جي طبي جُزن تي ڪهڙو فرق پوي ٿو. کين اهو ڏِسي حيرت ٿي ته نه رڳو اهي طبي جُزا موجود هئا پر ڪنهن ڪنهن ٻوٽي ۾ ته پاڻ وڌيڪ هئا. سائنسدانن جي دلچسپي وڌڻ لڳي ۽ هو نِت نوان تجربا ڪرڻ لڳا. مختلف طريقن سان ٻوٽن جا ٽشو ڪلچر ڪيائون ۽ کين بهترين نتيجا مليا. خاص طور تي اهڙا ٻوٽا جن مان نڪتل طبي جُزن جي ليبارٽري ۾ تياري ۾ وڏو خرچ اچي ٿو يا وري وڏو وقت لڳي ٿو ته اهڙن ٻوٽن کي مصنوعي طريقن سان پيدا ڪرڻ وڏي فائدي وارو ڪم آهي. ڇو ته هن وقت وڌندڙ آبادي ۾ جڏهن دوائن جي طلب وڌي وئي آهي ته اهڙي ۾ ڪنهن طبي ماليڪيول لاءِ ويهي انتظار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته جيستائين اهو ڪنهن وڻ جي وڏي ٿيڻ ۽ ان جي به گُلن يا وري ڦَل مان نڪري تيستائين انهيءَ جي طلب وڌڻ ۽ مهانگي ٿيڻ جا خدشا الڳ ته انساني جانين جو داؤ تي لڳڻ الڳ. انهيءَ جو آسان حل اهو ڪڍيو ويو ته ٻوٽن کي مصنوعي طريقن سان مهينن بدران ڪُجهه ئي ڏينهن ۾تيار ڪيو وڃي ته جيئن جلد کان جلد اهو ماليڪيول حاصل ٿي سگهي. سؤ سالن جي عرصي ۾ ٻوٽن جي ٽِشو ڪلچر جي ڪم ۾ ايتري جِدت اچي وئي آهي جو هاڻ ڪنهن وڻ جي جنهن حصي ۾ دلچسپي آهي رڳو اهو ئي ٽشو ڪلچر جي برني ۾ پيدا ڪري سگهجي ٿو سو به تمام ٿوري وقت ۾ ۽ ننڍي خرچ تي. نه ته عام طرح تقريبن سڀني ٻوٽن جا گُل يا ڦَل صرف مخصوص موسم ۾ ٿين ٿا. ۽ انهن جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. خاص طور تڏهن جڏهن انهي ٻوٽي جي رڳو گُل يا ڦَل مان ئي ڪو مخصوص طبي جزو ملندو هُجي ۽ انهي جي ليبارٽري ۾ ٺاهڻ جي سهولت يا ٺهڻ ئي ممڪن نه هجي. پر ٽشو ڪلچر جي طريقي سان ڪنهن به وقت ٻوٽي جو ڪو به حصو پيدا ڪري سگهجي ٿو جنهن مان طبي افاديت واريون شيون آرام سان ملي سگهن ٿيون. اهو سڀ ”افلا تتفکرون“ جي پوئواري آهي ۽ وڌندڙ آبادي جي لاءِ نظريه ضرورت به آهي. پر جيئن ٽي وي آيو ته انهيءَ تي ڀلي کان ڀلا ته بُري کان بُرا پروگرام هليا. انٽرنيٽ کان ويندي موبائل فون تائين جا استعمال ماڻهن جي ذهن تي بنياد رکڻ لڳا. ايئن ئي ڪُجهه هن ڪم سان به ٿيو. ڪُجهه مفاد پرست ۽ گهٽيه ذهنيت وارن ڇا ڪيو جو پيدوار وڌائڻ جي چڪر ۾ معيار تي سمجهوتو ڪيو ۽ وڌ کان وڌ پيداوار ڏيندڙ ٻج تيار ڪيا جيڪي مارڪيٽ ۾ سستا ملڻ لڳا. جيئن پاڻ وٽ اڄ ڪلهه ڪڻڪ ۽ چانورن جو مثال آهي. هر ڪو رڙ ٿو ڪري ته چانورن ۾ اهو سواد ناهي رهيو. توڙي جو ڏِسڻ ۾ ڪيڏا سُهڻا آهن. دراصل اهي ٽشو ڪلچر ڪيل ٻوٽن جي ٻج جي پيداوار آهن. جن سان آمدني وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ سواد ۾ اهو مزو نه ٿو رهي. جنهن لاءِ ظاهر آهي زميندار کي ڪهڙو فڪر. . . . اصل ۾ اهو ئي حال تقريبن هر شعبي ۾ آهي. ذاتي مفاد عمومي مفاد تي حاوي ٿيندا پيا وڃن ۽ ڏکيايون وڌنديون ٿيون وڃن. (خير مافيا جو اهو هڪ الڳ موضُوع آهي). جيئن ته طبي جُزن ۾ اهڙو ڪُجهه ناهي. اهي جيئن جو تيئن ئي ٿين ٿا ۽ دوائن ۾ ڪم اچن ٿا. ڀلي قدرتي طور تيار ٿيل ٻوٽي مان حاصل ٿين يا انهن کي ڏسي ليبارٽري ۾ تيار ٿين يا وري ٽشو ڪلچر ٿيل ٻوٽن مان حاصل ٿين. جڏهن مون کي تُرڪي اچي تحقيق ڪري پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ جو خيال آيو ته منهنجي اُستاد محترم ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ صاحب تجويز ڪيو ته تون تُرڪي جي شهر ترابزون جِي هڪ پروفيسر مُنِوّر سوڪمين وٽ وڃ. جيڪا هڪ محنتي ۽ هوشيار عورت سائنسدان آهي. هو پاڻ برطانيه جي پي ايڇ ڊي آهي. جڏهن مون کيس اي ميل ڪري اهڙي خواهش ڏيکاري ته هُن نه رڳو مون کي پوسٽ ڊاڪٽريٽ طور قبوليو پر اهو به چيائين ته؛ ”منهنجو مُڙس پروفيسر اتالائي سوڪمين هڪ بايو لاجسٽ آهي. هو ٽشو ڪلچر جو ماهر آهي. هن مهل تائين هو اُهي ٻوٽا تيار ڪندو رهيو آهي جيڪي عام حالتن ۾ ڏکيا ٿا پيدا ٿين يا وري تمام گهٽ. يا وري اُهي ٻوٽا جيڪي جبلن جي چوٽين تي ئي ٿين ٿا جتي وڃي اهي هٿ ڪرڻ الاهي ڏُکيو آهي. پروفيسر اتالائي اهي ٻوٽا آرام سان ٽشو ڪلچر ڪري پيدا ڪرايو وجهي، تون چاهين ته پنهنجي دلچسپي جا ٻوٽا ۽ انهن جا ٻج به کڻي اچ جيڪي پاڻ هتي ٽشو ڪلچر ڪري سگهون ٿا. ۽ اسان پاران هتي ٽشو ڪلچر ڪيل ٻوٽن جا طبي جُزا ڏسڻ واري ڪم ۾ هٿ وجهه. جيڪو اسان اڃان هاڻي ئي شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون“ مون هاڪار ڪئي ۽ اسان گڏجي پروجيڪٽ لکي هتي جي تعليمي اداري (جيئن پاڻ وٽ ايڇ اي سي) TUBITAK ۾ جمع ڪرايو. اهو ادارو نون آئيڊياز جي پروجيڪٽس جي بنياد تي هر سال ٻه دفعا 25 کان 30 اسڪالرشپس ڏيندو آهي. جيڪي سڄي دنيا لاءِ آهن ۽ کُليل ميرٽ تحت آهن. رب جو شُڪر آهي جو اسان جو پروجيڪٽ مڃيو ويو ۽ مون کي هتي سال لاءِ فُل پيڊ اسڪالرشپ ملي وئي. هتي اچڻ مهل آئون ڪانڊيري جا ئي ٻج کڻيو آيس. ڪانڊيرو توڙي جو نه ئي پيدا ٿيڻ ڏکيو نه وري اوچائي تي ٿئي جو هٿ اچڻ مسئلو. پر انهيءَ هوندي به انهيءَ جو ٽشو ڪلچر ڪيوسين. جنهن جا هي مقصد هئا : ·قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ۽ ٽشو ڪلچر سان پيدا ٿيل ڪانڊيري جي طبي جُزن جو موازنو ·گُل جيڪي پاڻ وٽ صرف ٻن مهينن لاءِ فيبروري ۾ ٿين اهي ٽشو ڪلچر ڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش. ·ڪانڊيري جا گُل جيڪي بواسير جهڙي موذي مرض تي فائدو ڏين ٿا، اهي وڏي مقدار ۾ ۽ جراثيم کان پاڪ هٿ ڪري انهن جي انهي خاصيت جو وچور ڪرڻ هڪ اهم مقصد آهي. ·ٻج به صرف مخصوص وقت تي ٿين ٿا. اهي به ڪنهن به وقت تيار ڪرڻ اسان جڏهن پهريون ڀيرو انڌيري ۾ تير مثل تياري ڪري ڪانڊيرو ٽشُو ڪلچر ڪيو ته ڪاميابي ملي. ڪانڊيري جي پيداوار سُٺي ٿيڻ لڳي. جيئن ته ڪانڊيرو اڃان ٽشو ڪلچر جي تجرباتي مرحلن ۾ آهي تنهنڪري هنن پاران جبلن تي مخصوص هنڌن تي پيدا ٿيندڙ ٻوٽن جي ڪيل ٽشو ڪلچر وارن ٻوٽن تي ڪم ڪري رهيو آهيان. جنهن جا حيرت انگيز نتيجا سامهون آيا آهن ته قدرتي طور تيار ڪيل ٻوٽن جي ڀيٽ ۾ هنن پاران ٽشو ڪلچر ڪري حاصل ٿيل ٻوٽن ۾ طبي جُزن جو تعداد ۽ مقدار وڌيڪ آهي. اُميد اٿم ته هن ڪم جو ڪو وڏو فائدو انسان ذات کي پُهچندو. ۽ جيڪي آسائشون ۽ سُک اسان ٻين جي ڪيل محنتن جي نتيجي ۾ وٺي قرضي ٿي ويـا آهيون انهن جو ڪُجهه لهي پوندو. هيٺ ڪُجهه تصويرون به آهن اوهان پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ. منهنجِي سُپروائزر پروفيسر مُنِوّر سوڪمين ۽ سندس مُڙس پروفيسر اتالائي سوڪمين هنن پارا تيار ٽِشو ڪلچر ذريعي تيار ڪيل ٻوٽا چيمبر ۾ موجود آهن پنهنجو ڪانڊيرو جيڪو پهريون ڀيرو ٽشو ڪلچر جي مرحلي مان گُذري پيو اسان جو گروپ جيڪو ان ڪم ۾ رُڌل رهي ٿو.
زبردست ۽ معلوماتي ليک ۔۔۔۔ بس جڏهن واپس ايندين ته ڪوشش ڪبي ته پسنديده ٻوٽن تي ڪم ڪجان ، منهنجا به ڪجهه پسنديده ٻوٽا آهن، خاص ڪري زيتون ۽ انب جو ڦل ڪيئن 12 مهينا وٺجي ان تي ڪم ڪري ڏجان جيئن اسان کي کائڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ اڌ سال جو سِڪندا ٿا رهون ان مان جان ڇڏايون۔ باقي يار ڪانڊيري تي تحقيق تي مرتضى کي اڃان يقين نه ٿو اچي۔