ماشاالله۔۔۔تمام سُٺي انداز سان رت جي گهٽتائي بابت سمجهايو ويو آهي۔ ذڪر ٿيل ڪيس رپورٽ سان پڙهندڙن کي فولاد جي گهٽتائي ۽ رت جي ٽيسٽ ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ به وڌيڪ آساني ٿيندي۔ اسان جي ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو عورتن ۽ ٻارڙن تي مشتمل آهي۔ غربت ۽ معاشي بدحالي جي ڪري غذايت جي گهٽتائي جو گهڻو اثر به آبادي جي هن مظلوم حصي تي ظاهر ٿئي ٿو۔ غذايت جي گهٽتائي جيڪري رت جي گهٽتائي ٿيڻ بابت شعور ڏيڻ سان اسان هن بيماري کي منهن ڏئي سگهون ٿا۔ جيتوڻيڪ رت جي گهٽتائي جا ڪيترائي ڪارڻ آهن پر فولاد جي گهٽتائي به هڪ اهم ڪارڻ آهي۔ هر بيماري جو علاج هميشه ان جي اصل ڪارڻ کي سڃاڻپ سان ئي ٿيندو آهي۔ فولاد جي گهٽتائي وقت سر سمجهي ۽ سڃاڻي اسان نهايت آساني سان ۽ گهٽ خرچ سان ان جو علاج ڪري سگهون ٿا۔ اسان جي معاشري ۾ موجود اهڙين عام بيمارين بابت آگاهي سان اسان انهن بيمارين کان نه صرف پاڻ پر پنهنجي آس پاس رهندڙ پنهنجن پيارن کي به بچائي سگهجي ٿو۔ بدقسمتي سان اهڙيون بيماريون اسان جي هن خطي ۾ عام آهن، پر سُڌريل ملڪن ۾ ته هاڻ اهڙين بيمارين جو ذڪر صرف ڪتابن ۾ ئي ملندو آهي۔ هڪ ٻن ڳالهين سان سهمت نه هوندي ۽ رت لڳرائڻ جي گهرج ڪڏهن ٿيندي آهي ان بابت ذڪر سرسري هجڻ باوجود به مجموعي طور تي هي هڪ بهترين تحرير آهي، جنهن ۾ عام فهم ماڻهن لا رت جي گهٽتائي بابت سُٺي ڄاڻ ڏنل آهي۔ جزاڪ الله۔