رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ڪرڻ لاءِ ڪاتڙا ،ڪيڏاڪجن حيلا
من پيو مرجھائجي، جھري پيو جھيلا
ڪيا ڪتب سڀ وسيلا پوءِ بھ امڪانن آسرو.
آسرو اللھ جو، ٻيائي لاھي ٻک
اللھ تون الک، مون نماڻي تي نظر ٿي.
ڪاتب لکيو ليک، مون سيباڻو ساھ
اڻ ٿيڻي جي ٿيڻ لاءِ ،ڪتب آندم چاھ
او مولا تون ئي لاھ، مٿان منھنجي ڪينرو.
ڪڏھن ڪڏھن ھينئڙا سوچون ڄڻ سوداءِ
ميرو من اجرو ٿئي اھڙي لئون ڪا لاءِ
پاڪائي پڄاءِ پيار پنھنجو پور ۾
ڪڏھن ڪڏھن ھينئڙا رڙيون ۽ ھت سوڳ
ساريئھ اھڙا سپرين جي برھ ڀائن ڀوڳ
لڳو اھڙو روڳ وسري وائي وندر جي