منهنجا بيت

ڪرڻ لاءِ ڪاتڙا ،ڪيڏاڪجن حيلا​
من پيو مرجھائجي، جھري پيو جھيلا​
ڪيا ڪتب سڀ وسيلا پوءِ بھ امڪانن آسرو.​
آسرو اللھ جو، ٻيائي لاھي ٻک​
اللھ تون الک، مون نماڻي تي نظر ٿي.​
ڪاتب لکيو ليک، مون سيباڻو ساھ​
اڻ ٿيڻي جي ٿيڻ لاءِ ،ڪتب آندم چاھ​
او مولا تون ئي لاھ، مٿان منھنجي ڪينرو.​
ڪڏھن ڪڏھن ھينئڙا سوچون ڄڻ سوداءِ​
ميرو من اجرو ٿئي اھڙي لئون ڪا لاءِ​
پاڪائي پڄاءِ پيار پنھنجو پور ۾​
ڪڏھن ڪڏھن ھينئڙا رڙيون ۽ ھت سوڳ​
ساريئھ اھڙا سپرين جي برھ ڀائن ڀوڳ​
لڳو اھڙو روڳ وسري وائي وندر جي​
 
Back
Top