بنگالين تاريخ کي ناهي وساريوسهيل سانگي مُلان قادر کي آيل ڦاسي 1971ع جا ڦَٽَ اُپٽي ڇڏيا آهن، جڏهن بنگال جي عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ بدران فوجي ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. اڄوڪي بنگلاديش ۽ ڪالهوڪي اوڀر پاڪستان جا ماڻهو جمهوريت ۽ ملڪ جي ٻين شهرين جيان معاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حق گُهري رهيا هئا. انهن حقن جي حاصلات لاءِ انهن ٻه ڀيرا ٻَڌيءَ جو مظاهرو ڪندي، پنهنجو جمهوري ۽ سياسي فيصلو ڏنو. پهريون ڀيرو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جُگتو فرنٽ وڏي پيماني تي چونڊون کٽيون ۽ ٻيو ڀيرو 1970ع ۾ يڪراءِ فيصلو ڏنو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جهڙي نموني جون حڪومتون آيون، رياستي پاليسيون ٺهيون، بنگال سميت ٻين صوبن سان ڇا وهيو واپريو، سو رڳو ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ئي ناهي، جيڪا رڪارڊ طور ڪتابن، سرڪاري آفيسن يا تحقيقي مقالن ۾ موجود هجي، بلڪه ڪيترن حوالن سان ان رويي جو تسلسل اڃا به جاري آهي، جنهن تي ملڪ جا روشن خيال ۽ ساڃاهه وند متفق آهن. ساڳيءَ ريت اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو رهندڙ ڌريون به ان حقيقت کان انڪار نه ٿيون ڪن. فرق اهو آهي جو اهو لَڏو ان جي تشريح ۽ توضيح ڪجهه مختلف ڪري ٿو. بنگالي ڇو ڌار ٿيا؟ انهن کي حق نه ڏنا ويا ۽ ڌِڪيو ويو جو هو آزاديءَ جي جنگ وارو رستو اختيار ڪن. انهيءَ جنگ دوران ڇا ٿيو؟ ان جو احوال جسٽس حمود الرحمان جي رپورٽ، جيڪا هونئن ته ڇپجي چڪي آهي، پر سرڪاري طرح پڌري نه ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ تفصيل سان ملي ٿو. نه رڳو اهو، بلڪه ان کان پوءِ ڪيترن ئي محققن، جنهن ۾ پاڪستاني محقق به شامل آهن، ان جنگ جي واقعن، زيادتين ۽ ظلمن جا تفصيل ڏنا آهن. خود ڪجهه رٽائرڊ جنرلن جون لکڻيون به ان ڳالهه جو ثبوت آهن. اهڙيون ڳچ لکڻيون ملڪ جي لائبريرين ۽ يونيورسٽين ۾ موجود آهن. حمود الرحمان رپورٽ توڙي انهن تحقيقي لکڻين کي اڄ سوڌو ڪير به رد نه ڪري سگهيو آهي. انهيءَ جنگ ۾ ڪنهن جو ڇا ڪردار رهيو، ڪنهن ڇا ڪيو، اهو ڄاڻڻ گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن حمود الرحمان رپورٽ سرڪاري طرح پڌري ڪئي وڃي ها، ته جيڪر اڄ ڪي ڌريون مُلان قادر جي ڦاسيءَ جي حوالي سان جيڪي دليل ڏيئي بحث ڪري نئون ڪوهيڙو پيدا ڪري رهيون آهن، تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيون آهن. انهن کي ائين ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي ها. جيستائين تاريخ جو رڪارڊ صاف نه رکنداسين، تيستائين وقت بوقت اهو سوال ماڻهن جي ذهنن کي مُنجهائيندو رهندو ۽ غلط تصورن کي پُختو ڪندو رهندو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ڊگهي ۽ اجائي بحث ۾ پوڻ بدران حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ پڌري ڪئي وڃي. مُلان قادر کي جن الزامن هيٺ سزا ڏني ويئي آهي، سي ڪنهن به طرح سان سياسي نوعيت جا ناهن. بلڪه اهي اخلاقي ڏوهه جي دائري ۾ اچن ٿا، جن جي دنيا جو ڪوبه قانون توڙي مذهب اجازت نه ٿو ڏئي. ايتريقدر جو جنهن پارٽيءَ سان هو واڳيل هو، يا جيڪي ماڻهو هن جي اڄ حمايت ڪري رهيا آهن، اهڙن الزامن وارو ماڻهو سندن پارٽيءَ ۾ قابلِ قبول نه هجي ها، ڇاڪاڻ جو قتل، زنا، ٻارن کي مارڻ وغيره وارا ڏوهه انسانيت جي خلاف ئي ڏوهه آهن. مُلان قادر يا ان جي گروپ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو اختيار نه هو، ته هو اهڙي قسم جا ظُلم ڪن. ڦاهيءَ جي سزا اچڻ تي خوش نه ٿيڻ گهرجي. پر اها سزا ماضي ياد ڏياري ٿي، جڏهن بيگناهه ماڻهن تي ظلم ڪيا ويا، کين قتل ڪيو ويو. اهڙي قسم جي گڏيل ۽ سنگين ڏوهن ۾ گهربلن کي سزا مهل اها دعا ۽ وچن ٿئي ٿو ته، اهڙا ڏوهه ۽ ظلم ٻيهر نه ٿين. تاريخ جو هي هڪ اهم سبق آهي ته، انصاف جو ڦِيٿو ضرور ڦِري ٿو، پوءِ ڀلي سُست رفتاريءَ سان ئي سَهي. هن ڪيس ۾ پورا 42 سال لڳا. ڄڻ بنگالي قوم ۽ انهن ظُلمن جا ستايل، اهو سمورو عرصو سُور کائيندا رهيا ۽ تڙپندا رهيا، جڏهن ان جي سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن، پروفيسرن ۽ دانشورن کي چُونڊي چُونڊي ماريو ويو. بنگالين کي پنهنجو پاڻ کي تاريخ آڏو شرمساريءَ کان بچڻ لاءِ اهو عرصو لڳو ۽ نيٺ انهن ان ابدي اصول کي ريج ڏنو ته، آخر انصاف جو ڦِيٿو ڦِري ٿو. اهو ڄڻ سڄي دنيا جي مظلومن لاءِ آٿت ۽ ظالمن لاءِ چِتاءُ وارو پيغام آهي. بنگالين جو اهو درد مون 2010ع ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺو، صحافين جي هڪ ٽيم، جنهن ۾ مون سان گڏ ناز سهتو، اقبال خواجه، امر گرڙو، جان خاصخيلي ۽ ڊان جي فائزه الياس به هئي. ڊبليو ڊبليو ايف جي مهربانيءَ سان بنگلاديش جي ڊيلٽائي علائقن، خاص ڪري سندربن ڏسڻ ويا هئاسين، ڏهاڪو ڏينهن جي هن دوري ۾ هڪ ڏينهن عام ماڻهن جي زندگي ڏسڻ به هو. ڍاڪا کان اڍائي ڪلاڪن جي پند تي هڪ بستيءَ ۾ پهتاسين. اسين الڳ الڳ گروپن ۾ مشاهدو ڪري رهيا هئاسين ۽ معلومات وٺي رهيا هئاسين ته، اسان جو هڪ گروپ، جنهن ۾ اقبال خواجه ۽ سنڌ حڪومت جو هڪ سرڪاري آفيسر شامل هو، سو گروپ پوئتي رهجي ويو. اوچتو اقبال خواجا جا سڏ ۽ رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. آئون پنهنجي گروپ سان گڏ ان ڏانهن متوجه ٿيس. ۽ اقبال جي سڏڻ تي اوڏانهن تڪڙو تڪڙو لڙي ويس، ڇا ٿا ڏسون، ته هڪ نوجوان خواجه صاحب ۽ سندس گروپ سان وڏي جُٺ ڪري رهيو آهي. مون تڙ تڪڙ ۾ خواجا صاحب کان حال احوال ورتا، ته آخر ٿيو ڇا آهي؟ اڃا اقبال ٻڌائڻ ئي شروع ڪيو، ته اهو نوجوان شروع ٿي ويو، ته توهان پاڪستانين کي شرم ڪونه ٿو اچي، جو هتي آيا آهيو، توهان اسان جي ٽِيهه لک ماڻهن جا قاتل آهيو. هڪ لک کان مٿي عورتن سان زوري زنا جا ڏوهاري آهيو. هو يڪ ساهيءَ ۾ اسان تي فردِ جرم عائد ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته، توهان کي هتي اچڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ هن نوجوان جي انهن الزامن ۽ ڏوهن واري لسٽ جي بمباريءَ ۾ ڏاڍو مشڪل سان پاڻ سنڀالي سگهياسين. مون چيو ته، اهو سڀ صحيح – توکي خبر آهي ته، اسين ڪٿان آيا آهيون؟، سو مون چيو ته، اسين جتان آيا آهيون، سو پاڪستان ۾ شامل ضرور آهي، پر اُتي به اسان کي ڪي برابريءَ وارا ۽ جمهوري حق ناهن. اسين انهن حقن لاءِ رياستي ادارن سان جهيڙي ۾ آهيون. تون اسان کي ڪيئن ٿو بُرو ڀلو چوين. ٻي ڳالهه ته پاڪستان ۾ ڪالهه به اهڙا ماڻهو هئا، جن توهان جي حقن لاءِ آواز پئي اُٿاريو. سڀ اولهه واري پاسي جا اهڙا ناهن. مون کيس اهو به ٻڌايو ته، اسين بينظير جي صوبي جا آهيون. اهي سڀ ڳالهيون اسان ساڳئي وزنائتي انداز سان چيون، جنهن انداز سان هن نوجوان پنهنجون ڳالهيون رکيون هيون. همراهه ڪجهه ٿڌو ٿيو، ڳالهائڻ ٻولائڻ جي گهٽي نڪتي. اڌ ڪلاڪ کن بحث ٿيڻ بعد کيس ڳالهه سمجهه ۾ آئي. پر اسان کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، ته چاليهارو سالن بعد به بنگالين جو سُور لٿو ناهي. هو اڄ به پاڻ کي زخمي محسوس ڪن ٿا. شايد ان ڪري جو ڪڏهن ڪنهن حقيقتن کي مڃيو ئي ڪونهي ۽ سندن زخمن تي همدرديءَ جي پٽي رکي ڪونهي. ان بستيءَ کان ڍاڪا واپسي دوران آئون، ناز ۽ اقبال خواجا ان موضوع تي ئي ڳالهائيندا رهياسين. اقبال گهڙي گهڙي چوي: ”سائين! هن ڇوري ذري گهٽ اسان کي ماريو ٿي، چڱو ٿيو جو توهان وقت سر پهتا“. اهڙو ٻيو واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن اسين جنگ آزادي جو ميوزيم ڏسڻ وياسين. اسان کي گيٽ تي ان لاءِ روڪيو ويو، جو اسان وٽ ڪئميرائون هيون. ٻڌايوسين ته صحافي آهيون ۽ پاڪستان مان آيا آهيون. گيٽ تي ويٺل همراهه جو وس نه پيو پڄي جو اسان جون ڪئميرائون ڀَڃي ڀور ڪري ۽ لٺيون وسائي، اسان کي ڀڄائي ڇڏي. مون ۽ ناز سهتي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ هڪ ئي وقت چيو ته، ”جي اهو ميوزيم نه ڏٺو، ته پوءِ ڍاڪا ڇا لاءِ آيا آهيون؟ “ اسان فوراً چيو ته، ميوزيم جي ڪيئر ٽيڪر سان ملڻ ٿا چاهيون، کيس سڏايو. ٿوري دير ۾ هڪ ڪراڙو همراهه نڪري آيو، کيس ٻڌايوسين ته، اسين سنڌ مان آيا آهيون. توهان ته ڀڄي جِند ڇڏائي، اسان اڃا تائين ڦاٿا پيا آهيون. مختصر تعارف به ڪرايوسين. اسان جي انهن جملن سان Wave length ملي ويئي. اکر ڪم ڪيو. همراهه کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. اسان کي چيائين اندر اچو، اندر کليل جاءِ تي اسان کي آڻڻ بعد هن چيو ته، توهان هتي ترسو، آئون ميوزيم جي نگران کان پڇي اچان. ناز پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ابا! اڄ بنگالي اسان کي هتي واڙي اڳيون پويون سڀ ڪسرون ڪڍندا. ٿوري دير ۾ واپس آيو ۽ چيائين ته، مبارڪون هجن. توهان کي اجازت آهي، تصويرون ڪڍو. وڊيو ٺاهيو، جيڪي وڻي سو ڪريو. ان بعد هو اسان کي هڪ هڪ شئي ڏيکاريندو رهيو ۽ ٻڌائيندو رهيو. تصويرون، اجتماعي قبرن مان ڪڍيل لاشن جا هڏا، الائي ڇا ڇا، هڪ رضاڪار جي وردي، پاڻيءَ جو جار ۽ بندوق کي مون غور سان ڏٺو پئي، ايتري ۾ همراهه آيو ۽ مون کي چيائين: اها منهنجي وردي ۽ سامان آهي. آئون جيسور سيڪٽر جو آزاديءَ واري جَٿي جو ڪمانڊر هئس. جڏهن سڄو ميوزيم ڏسي دنگ ڪيوسين، ته نياپو مليو ته نگران صاحب اسان کي چانهه پيارڻ ٿو چاهي. ننڍڙي هال ۾ پهتاسين، جتي ٽيبل ڪرسيون ڪانفرنس اسٽائيل سان لڳل هيون. پهرين تعارف ٿيو. اتفاق سان نگران جي ساڄي پاسي کان ناز ويٺل هو، ان بعد باقي اسان جا ٽيم ميمبر ۽ کاٻي پاسي آئون هئس. ناز کيس ٻڌايو ته، هو قومپرست سياسي ڪارڪن رهيو آهي. قاضي فيض محمد صاحب سندس ڏاڏي وانگر آهي. سڀني جو تعارف ٿيندي آخر ۾ منهنجو وارو آيو. مون ٻڌايو ته آئون کاٻي ڌر سان واڳيل پارٽيءَ ۾ رهيو آهيان. بنگال ۾ فوجي آپريشن مهل ڀتيون ڪاريون ڪيوسين، (چاڪنگ ڪري) پمفليٽ ورهايا. اسان کي خبر ناهي ته، اسان جي ان عمل توهان کي ڪيترو فائدو پهچايو پر اسان توهان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. همراهه اُٿي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين ته، خوشي ٿي ته، پاڪستان جي ڪن صحيح ماڻهن سان ملاقات ٿي. ڪچهريءَ دوران هن ٻڌايو ته، توهان پهريان ماڻهو آهيو، جيڪي پاڪستانيءَ طور آيا آهيو ۽ ائين پنهنجي سڃاڻپ به ڪرائي ۽ پنهنجي ڳالهه به مڃرائي ويا. ميوزيم جو دورو، اُتي ٿيل ڳالهين لاءِ ڊگهو قصو آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي دفعي لکبو. انهن ٻن واقعن ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته، عام بنگالي ڪيئن ٿو سوچي، انهن جي نه تڪليف لٿي آهي ۽ نه ئي ڪاوڙ، ان جو اظهار هنن مُلان قادر کي ڦاسيءَ جي سزا تي خوشيون ملهائڻ جي صورت ۾ ڪيو، ته وري اسان سان پيش آيل ٻن واقعن ۾ به ملي ٿو. پر اسان جي ٽيم سان پيش آيل ٻن واقعن ۾ ائين ٿيو ته، جڏهن اسان کين ڳالهه سمجهائي ته، 71ع وارن واقعن کي ڪوبه سرت ڀريو پاڪستاني چڱو ڪونه ٿو سمجهي ۽ پاڪستان جا صوبا اڄ به برابريءَ وارن حقن لاءِ ۽ پاڪستان جو عوام جمهوري جدوجهد ۾ ائين ئي رڌل آهي، جيئن بنگالين جي گڏ هجڻ واري زماني ۾ هو، ته کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ويئي ۽ انهن بلڪل همدرديءَ وارو رويو رکيو. پاڪستان 71ع وارن واقعن کي اڄ ڪيئن ٿو ڏسي؟ ان تي ڪڏهن به ڪا چِٽائي ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هڪ سڄو دور اونداهو رکيو ويو آهي، لڪل رکيو ويو آهي. مُلان قادر واري سزا تي پرڏيهي کاتو چوي ٿو ته، اهو بنگلاديش جو اندروني معاملو آهي پر گهرو معاملن واري وزير چوڌري نثار کي ان تي گهري ڳڻتي آهي. سندس وس نه پيو پڄي، ته ٻيو گهڻو ڪجهه چوي. اسان ۽ بنگالين ۾ فرق اهو آهي ته، اسان تاريخ وسارڻ چاهيون ٿا، بنگالي تاريخ وسارڻ کان انڪار ڪيو ويٺا آهن. بقول فيض جي ته: مُجهئ ياد هئ ذَرا ذَرا، تُمهيڻ ياد هو ڪه نه ياد هو! پاڪستان جيڪڏهن انهن واقعن کي پنهنجي تاريخ جو سُنهري واقعو نه سمجهي ۽ ان جي مذمت ڪندي معذرت ڪري، ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اهو خود پاڪستان جي صحت توڙي عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ به سٺو آهي، ته تاريخ کي سڌو ڪيو وڃي. ملان قادر کي ڦاسي ڪو وڏو واقعو ناهي، وڏو واقعو اهو آهي ته، اهڙا واقعا آئينده نه ٿين.
ڀلي ڪيتريون به ڳالهيون ڪيون وڃن، ڪيڏا وڏا مظاهرا ٿين ر پوء به اها ڳالهه وسارڻ جهڙي ناهي ته بنگال جي عوام جو ڪيڏو رت وهايو ويو هو ۔۔۔۔ تاريخ ان واقعي کي ڪيئن وساريندي؟ اسان جي گندي فوجي اقتدار جي ڪيل اها ڪاروائي لکين بنگالين جي قتل ۽ لکين عورتن جي عصمت دري ٿيڻ کانپوء نيٺ انجام تي پهتي هئي ۔۔۔۔
ٽيهه لک مسلمانن کي شهيد ڪندڙ فوج کي ”پاڪ فوج“ چوندڙ پاڻ کي مومن سمجهندا آهن ۽ مظلومن کي بدترين لقب ۽ فتوائن سان نوازيندا آهن۔۔۔ ڳالهه 1971 ۾ ختم ته ڪو نه ٿي وئي۔۔ ظلم جا اڻ کٽ داستان ضياء جي مارشلا دور ۾ جاري رهيا ۽ اڄ ڏينهن تائين جاري آهن۔۔ بلوچستان ۾ مسلسل نوجوان گم ٿيندا رهن ٿا ۽ چچريل لاش ملندا رهن ٿا۔۔ ساڳي فوج پنهنجا ڪارناما جاري رکندي پئي اچي۔۔ ڪراچي ۾ قتل ٿيندڙ هزارين بيگناهه انسانن جي قتل جوتعلق به سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح فوج جي سرپرستي ۽ منشا مطابق آهي وڏي فخر ۽ فاتحانه انداز ۾ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته امريڪا جي جنگ ۾ پنجاهه هزار پاڪستاني شهيد ٿيا آهن۔۔ پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهي پنجاهه هزار ماڻهو ڪنهن ماريا؟ آمريڪي فوج ته پاڪستان ۾ ڪو نه آئي هئي۔۔ ڊرون حملن ۾ صرف ٻه هزار ماڻهو مئا آهن۔۔ اهي پنجاهه هزار مسلمان پاڪ فوج جي هٿان قتل ٿيا آهن۔۔ ڇا فوٍج زرداري جي چوڻ تي وزيرستان وئي هئي؟ ڇا فوج نواز شريف جي چوڻ تي واپس ايندي؟ ڇا جنگ جي امداد سول حڪومت کي ملندي آهي؟ انهن سوالن جو جواب صرف نه ۾ آهي پر پوء به ڪڇان ته ڪافر۔۔ مذهبي جنونيت سوچڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي۔۔ ۽ اها مذهبي جنونيت پڻ فوج جي پيدا ٿيل آهي۔۔ اربين روپيا خرچ ڪري اسلام جي نالي تي ماڻهن مان ماڻهپو ختم ڪيو ويو آهي۔۔ هاڻي اسان جي سوچ به فوجين جي ڪنٽرول ۾ آهي، جنهن کي هو چاهين هيرو بڻائي ڇڏين ۽ جنهن کي هو چاهين ڪافر ڪوٺائي ڇڏين، هر نوجوان ڪافر ڪافر چوڻ ۾ اڳي کان اڳرو هوندو۔۔ بنگالين ظلم کي وساريو ڪونهي۔۔ اسان ظلم کي سڃاتو ڪونهي۔۔ ظالم کي محسن ۽ مظلوم کي دشمن سڏيندي ڪو عيب محسوس ڪونه ٿو ٿئي۔۔ ۔۔
ڍاڪا (م ڊ/ آن لائن) ملا قادر کي ڦاهي خلاف پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءَ خلاف بنگلاديش ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا.ڍاڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري جهنڊي کي باهه ڏني وئي. 2 سئو دانشورن جي قتل تي ملاقادر کي سپريم ڪورٽ ڦاهي جي سزا ڏني وئي. جنهن خلاف پاڪستان ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو. جنهن خلاف بنگلاديش ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي. ڍاڪا ۾ هزارين ماڻهن شهباگ اسڪوائر کان پاڪستاني هاءِ ڪميشن تائين مارچ ڪيو. ان دوران رڪاوٽن باوجود مظاهرين ڊپلو ميٽڪ انڪليو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن پاڪستاني سفارتخاني ٻاهران لڳل جهنڊو به ساڙي ڇڏيو. هوڏانهن چٽا گانگ ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪندي پاڪستان جي جهنڊي ۽ عمران خان جي پتلي کي باهه ڏني. بنگالي شهرين پاڪستان جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. شهرين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ملا قادر کي ڏنل ڦاهي خلاف احتجاج تي ڳڻتي آهي. انهن کي سمجهڻ گهرجي ته بنگلاديش خودمختيار ملڪ آهي. هن جا پنهنجا قانون آهن. هوڏانهن شيخ حسينا واجد پاڪستان جي ٺهراءَ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ثابت ڪيو ته هن بنگلاديش کي قبول ناهي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو ساٿ ڏيندڙن جي بنگلاديش ۾ ڪا جاءِ ناهي. هوڏانهن حڪمران جماعت عوامي ليگ پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.