هڪڙو شخص ڪنهن ڳوٺ ۾ ٽوپيون وڪرو ڪري رهيو۔ ڪجهه دير بعد هو هڪ وڻ هيٺ آرام ڪرڻ جي بهاني سمهي پيو۔ جڏهن کيس جاڳ ٿي ته هن ڏٺو ته سندس ٽوپين وارو ٿيلهو ڀولڙا کڻي ويا آهن ۽ اهي ٽوپيون پائي وڻن تي کيڏي رهيا آهن۔ هو ڏاڍو پريشان ٿيو ته ڀولن کان ٽوپيون ڪيئن واپس ڪجن۔ آخر کيس پنهنجي ڏاڏي جي هڪ ڳالهه ياد آئي ته ڀولڙا ماڻهن جو نقل ڪندا آهن۔ هن پنهنجي مٿي تي پيل ٽوپي هيٺ اڇلائي ته جيئن ڀولڙا به ٽوپيون هيٺ اڇلين ۔۔۔۔۔ پر ڪم ان جي ابتڙ ٿيو ۔۔۔ هڪ ڀولو ٽپ ڏئي هيٺ لٿو ۽ اها ٽوپي پنهنجي مٿي تي پائي، همراهه کي ڌڪو ڏئي مٿي وڻ تي چڙهي ويو ۔۔۔۔ ۽ چيائينس ته اسان جي ڏاڏي اسان کي ڪجهه نه سيکاريو هوندو ڇا؟؟ ۔۔۔۔۔ يار هاڻي ڀولڙا به ايڊوانس ٿا سوچين ۔۔۔۔
انڊيا جي ڪجھ علائقن ۾ ڀولڻن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو وڏي حالت ڪئي آھي ڳوٺ وارن سان، ھنن جو حرڪتون ماڻھن سان ملنديون آھن۔